آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

دوستن جي ياد

ڪنھن بہ دوست ۽ مائٽ جي وفات کان فوري پوءِ ان تي ڪو ردعمل ڏيڻ منھنجي لاء ڏکيو هوندو آهي، جيسين ڪجهہ وقت تائين ان ڳالھہ کي منھنجو ذهن قبول ڪري ۽ آئون ڪجهہ چوڻ ۽ لکڻ جهڙو ٿيان. گذريل ڪجهہ ڏينھن ۾ جيڪي ڪجهہ ٿيو آهي، ان هڪ لحاظ کان مون کي ڄڻ ڊيپريشن ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
سڀ کان پھرين شاه محمد پنھنجي ننڍي ڀاء ڊاڪٽر پرويز پيرزادو جي وفات جي خبر رکي. اهو ڄڻ منھنجي لاء شاڪ هو. منھنجي نظرن آڏو سندس پوري شخصيت اچي ويئي. هڪ سھڻو، توانائي سان ڀرپور جوان. جيتوڻيڪ منھنجي ساڻس هڪ ئي ملاقات ملير پريس ڪلب ۾ انور پيرزادو تي ملھايل پروگرام ۾ ٿي هئي. سندس متعلق منھنجو پھريون تاثر هڪ شائستہ ۽ مھذب شخص جو هو، جيڪو ان ڳالھہ جي باوجود تہ پرڏيھہ ۾ رهي چڪو هو ۽ پاڪستان ۾ سٺن ۽ نالي وارن ادارن ۾ نوڪري ڪندو هو، پر پنھنجي ڳالھہ ٻولھہ ۽ روئي ۾ اهڙو ڏيکاء نہ ڏيندو هو. مون سندس ڄمڻ ڏينھن تي شاه محمد جي فيس بڪ تي هڪ پوسٽ پڙهي هئي، جنھن ۾ هن سندس متعلق لکيو هو تہ هو هڪ Extrovert ماڻھو هو جيڪو ماڻھن ۾ جلدي رلي ملي ويندو هو، جڏهين تہ شآه محمد جو پنھنجي متعلق چوڻ هو تہ هو پاڻ Introvert آهي. شاه محمد فون تي مون کي ٻڌايو تہ اڳ کيس دل جي ڪا تڪليف نہ هئي ۽ هو پنھنجي صحت جو گهڻو خيال ڪندو هو. اهو پھريون اٽيڪ هو جنھن مان هو جانبر نہ ٿي سگهيو ۽ اسپتال پھچڻ تائين زندگي سان ناتو ٽوڙي چڪو هو. سندس وفات مون کي اٽڪل پنج سال اڳ منھنجي ننڍي ڀاء حسن جي ياد ڏياري ڇڏي، جيڪو اٽڪل پنج سال اڳ ننڊ ۾ هوندي وفات ڪري ويو هو.
شايد ان ئي ڏينھن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي وفات جي خبر آئي. هو ڪجهہ ڏينھن کان ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو ۽ سندس طبيعت ڪافي خراب هئي. منھنجي ذاتي طور ساڻس ڪا گهڻي واقفيت نہ هئي. شايد هڪ ٻہ ڀيرا سنڌي ادبي سنگت جي ڪنھن پروگرام ۾ ڪٿي سرسري ملاقات ٿي هجي. ادبي لحاظ کان سندس سڃاڻپ هڪ ليکڪ هئڻ سان گڏو گڏ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل جي بہ آهي. سنگت جي حوالي سان سندس شخصيت گهڻي متضاد ۽ اختلافن جو شڪار رهي، جنھن تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو موت نھايت دکدائڪ ۽ غير فطري طريقي سان ٿيو آهي. هو تازو بدين ۾ ٿيل ڪتابي ميلي جي حوالي سان خبرن ۾ هو. آڪاش سان منھنجي پھرين ملاقات اٽڪل پنجٽيھہ ڇٽيه سال اڳ فقير محمد لاشاري جي حوالي سان ٿي هئي. سندس لاشاري سان هڪ محبت وارو تعلق هو. ٽنڊو باگو جي سنگت لاشاري جي ليڪچر جو ڪو پروگرام رکيو هو. اسان ٻيئي ڪراچي مان بدين وياسين، جتي بس جي سفر ٿڪائي ڇڏيو هو ۽ اسان شھر ۾ داخل ٿيندي هڪ چوڪ تي لھي پياسين. آڪاش جي پڇا ڪري وڃي سندس گهر پھتاسين. ان کانپوء اسان جي سڄي ذميواري ڄڻ آڪاش تي هئي. شام ۾ اسان گڏجي ٽنڊو باگو وياسين، جتي پروگرام ۾ شمشيرالحيدري بہ موجود هو. ٻئي ڏينھن اسان کي ڪراچي واپس اچڻو هو پر آڪاش اصرار ڪري هڪ وڌيڪ رات اسان کي اتي رهائي ڇڏيو. ان ڏينھن شام ۾ هو اسان کي شادي لارج ۾ هڪ فنڪار سان ملائڻ وٺي هليو جنھن کي شايد تمغہ امتياز مليو هو. اتان تلھار ۾ هڪ واقف ڊاڪٽر سان ملڻ کانپوء واپس بدين آياسين، جتان ٻئي ڏينھن حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جويو سان ملاقات ڪري ڪراچي پھتاسين.
1989 ۾ بينظير جي پھرين حڪومت ۾ فخرزمان پاران جمھوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو هو. ان ۾ سنڌي اديبن جو جيڪو وفد ويو هو ان ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو ۽ آڪاش انصاري بہ شامل هئا. انھن ليکڪن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽرانسپورٽ وغيرہ جو بندوبست ڪانفرنس جي منتظمين پاران ڪيل هو. هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ ٻن ماڻھن کي ترسايو ويو هو. آئون ڊاڪٽر ٻوهيو سان گڏ هيس جڏهين تہ آڪاش کي سندس اصرار تي لاشاري سان گڏ ڪمرو ڏنو ويو.
آڪاش سان آخري ملاقات اٽڪل ڏه يارنھن سال اڳ هيومن رائٽس ڪميشن پاران سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري حيدرآباد جي هال ۾ ڪرايل هڪ پروگرام ۾ ٿي هئي. پوء فيس بڪ تي هڪٻئي جي خبرچار ملندي رهندي هئي.
آئون ائين سمجهندو آهيان تہ دوستن سان ملڻ کان وڌيڪ انھن جي هئڻ جو احساس وڌيڪ اهم آهي. انھن جو وڇوڙو ڄڻ تہ ماڻھو جي اندر ۾ هڪ خال پيدا ڪري ڇڏي ٿو.