آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

نسيم کرل

ڪجهہ دوستن سان هڪ ڪچھري ۾ ويٺا هئاسين تہ هڪ وڏي عمر جي دوست، جنھن جا ڪھاڻيڪار نسيم کرل سان دوستي وارا ناتا هئا، هڪ واقعو ٻڌايو. سندس چوڻ هو تہ هڪ ڀيري نسيم جي دعوت تي آئون سندس ڳوٺ ويس. سيءَ جو موسم هجي. رات جو اسان ڪجهہ دوست مچ جي چوڌاري ويٺا هئاسين تہ ڪجهہ ماڻھو هڪ همراه کي پڪڙي وٺي آيا ۽ نسيم کي چيائون تہ سائين هن چوري ڪئي آهي. هڪ ڀيرو اڳ بہ هن چوري ڪئي هئي پر ان وقت اسان کيس ٿڪ بجو ڪري ڇڏي ڏنو هو پر هي نہ مڙيو ۽ هن وري چوري ڪئي آهي. نسيم هن همراه کان پڇيو تہ ڇا واقعي تو چوري ڪئي آهي تہ هن پنھنجو ڏوه باسيو ۽ جڏهين نسيم هن کان اڳ ڪيل چوري جو پڇيو تہ هن ان جو بہ اقرار ڪيو. نسيم کيس چيو تہ هاڻي جڏهين تو پنھنجو ڏوه قبول ڪيو آهي تہ تون پاڻ ٻڌائي تہ تو سان ڇا ڪجي. تو کي پوليس جي حوالي ڪجي يا راڄوڻي ڪجي. هن همراه شايد اهو سمجهيو تہ راڄوڻي ۾ سائين کيس ٿڪ بجو ۽ مار موچڙو ڪري ڇڏي ڏيندو، سو هن چيو تہ راڄوڻي ڪيو. نسيم ڇا ڪيو تہ مچ مان هڪ ٻرندڙ ڪاٺي ڪڍي ان همراه جي پير کان مٿي مري واري سڄي حصي کي چوڌاري ڏنڀ ڏنائين. اهو ايترو تہ شديد هو، جو ان حصي جو سڄو گوشت ٻاهر نڪري آيو.
نسيم جي ان دوست جو واسطو ڪراچي سان هو ۽ پاڻ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو هو. ساڳي وقت کيس اها بہ خبر هئي تہ نسيم پاڻ سنڌي افساني جو هڪ اهم نالو آهي. اها ڳالھہ سندس لاء ڇرڪائيندڙ هئي. سندس چوڻ هو تہ هن ان مھل ئي پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي نسيم کي چيو تہ هاڻي جيڪڏهين توسان منھنجي ڪراچي ۾ ملاقات ٿي تہ مون کان ڪنھن چڱي ورتاءَ جي اميد نہ رکجان.