اسٽيٽ بينڪ جون يادگيريون (1)
هتان جو ماحول ايس آر پي او، جتي مون ڏيڍ سال کن ڪم ڪيو هو، کان بلڪل ئي مختلف هو. پھرين ڳالھہ تہ اهو هڪ وڏو ادارو هو ۽ وفاق سان تعلق هئڻ ڪري هتي ملڪ جي مختلف علائقن جا مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھو هئا. مون کي اها پنھنجائپ محسوس نہ ٿيندي هئي جيڪا مون اڳ محسوس ڪئي هئي. گهڻا ڀيرا مون کي اهو خيال بہ آيو تہ موٽي پنھنجي پراڻي اداري ۾ هليو وڃان، جتي منھنجو لي ان Lien هو. پر ائين نہ ڪري سگهيس ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هتان جي ماڻھن ۽ حالتن سان پاڻ کي ٺھڪائڻ جي ڪوشش ڪيم.
ريسرچ ڊپارٽمنٽ ان لحاظ کان بينڪ جو هڪ اهم شعبو سمجهيو وڃي ٿو تہ اهو ملڪ جي معاشي ۽ خاص طور مالياتي پاليسي ٺاهڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ عالمي ادارن جھڙوڪ آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ سان لھہ وچڙ ۾ اچڻ بہ سندس ڪم آهي. ساڳي وقت بينڪ جي سالياني ۽ ٽي ماهي رپورٽون تيار ڪرڻ ۽ ملڪ جي مختلف شعبن کي قرض وغيرہ ڏيڻ لاء تجويزون ڏيڻ بہ ان شعبي جو ڪم آهي. ان ڪم لاء مختلف سيڪشن هئا، جيڪي ملڪ جي سڄي معيشت جو احاطو ڪندا هئا.
مون کي شروع ۾Money and Banking سيڪشن ۾ رکيو ويو، جنھن جو ڪم مالياتي شعبي متعلق هفتيوار، ماهوار سروي تيار ڪرڻ هوندو هو. ستر جي ڏهاڪي ۾ بينڪن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ سان گڏ مالياتي شعبي ۾ جيڪي سڌارا ڪيا ويا، انھن ۾National Credit Consultative Council (NCCC) جو قيام بہ شامل هو، جنھن جو مقصد معيشت جي نظرانداز ڪيل شعبن جھڙوڪ زراعت، ننڍي واپار ۽ ننڍين صنعتن کي قرض جي فراهمي وغيرہ کي يقيني ڪرڻ هو. ان ڪائونسل ۾ نجي شعبي، سرڪاري شعبي ۽ بينڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن جا نمائندا شامل هوندا هئا. ان جو سيڪريٽريٽ اسان جي سيڪشن ۾ هو ۽ آئون ان ۾ شامل هوس. ان ڪائونسل جون سال ۾ ٻہ گڏجاڻيون ٿينديون هيون جنھن جي لاءِ مختلف ادارن کان حاصل ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي ورڪنگ پيپر تيار ڪيو ويندو هو جيڪو انھن گڏجاڻين ۾ پيش ٿيندو هو ۽ بحث مباحثي کانپوء ان کي مختلف ترميمن سان منظور ڪيو ويندو هو. ان سان گڏوگڏ آئي ايم ايف کي پاڪستان جا مالياتي انگ اکر مھيا ڪيا ويندا هئا. خاص طور جڏهين آئي ايم ايف جي ڪا ٽيم پاڪستان ايندي هئي تہ هتي ڄڻ تہ ٿرٿلو اچي ويندو هو. اها ڄڻ تہ چوويه ڪلاڪن جي ڊيوٽي هوندي هئي. ڪنھن بہ وقت اسلام آباد مان ڪنھن شي جي گهر ٿيندي هئي. ان ۾ رات ڏينھن جو فرق نہ هوندو هو.
هتي اسان جو Immediate officer محمد صديق جانگڙا هو. هو ڪاٺيواڙي ميمڻ هو ۽ هر وقت پاڻ بہ پريشان هوندو هو ۽ ٻين کي بہ پريشان ڪندو رهندو هو. کيس پنھنجن ماتحتن کي ڪم هجي نہ هجي پر آفيس ٽائيم کان پوء ويھارڻ جي عادت هوندي هئي. اڪثر ائين ٿيندو هو آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ هو اچي وڏي واڪي اعلان ڪندو هو تہ سڀني کي ويھڻو آهي ۽ ڪير نہ ويندو. منھنجي تازو شادي ٿي هئي ان ڪري مون سان اها رعايت ڪندو هو تہ رئوف کانسواء سڀني کي ويھڻو آهي. کانئس جڏهين ڪم متعلق پڇبو هو ۽ اهو تہ ڇا اهو ڪم سڀاڻي نہ پيو ٿي سگهي تہ سندس جواب هوندو هو تہ صاحب جو حڪم آهي. سيڪشن جو انچارج اي ڪي نيازي هو جيڪو جانگڙا کي پسند نہ ڪندو هو ۽ وقت بوقت سندس بيعزتي ڪندو رهندو هو. ان کان تحفظ کيس ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر عرفان ۾ نظر ايندو هو، جيڪو پڻ نيازي سان نہ ٺھندو هو. ان سلسلي ۾ مون کي پنھنجو هڪ ذاتي واقعو ٿو ياد اچي. بينڪ پاران سالياني پندرنھن ڏينھن جي موڪل ۽ اڌ مھيني جي پگهار ڏني ويندي هئي. مون موڪل جي درخواست ڏني جيڪا Recommend ٿي اڳتي ويئي پر جانگڙا پنھنجي عادت موجب ان تي لکيو تہ جيئن تہ آئي ايم ايف جي ٽيم اچڻي آهي، ان ڪري آفيسر کي موڪل نہ ٿي ڏيئي سگهجي. پر ڊائريڪٽر منھنجي موڪل منظور ڪري ڇڏي. جانگڙا کي جڏهين اها خبر پيئي تہ هو فوري طور اها درخواست کڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منظور وٽ پھچي ويو. هن مون کي گهرايو ۽ مون کيس ٻڌايو تہ مون کي موڪل ڇو گهرجي. هن ان جو وچٿرو حل اهو ڪڍيو تہ مون کي چيائين تہ اوهان درخواست واپس وٺو ۽ جانگڙا کي چيائين تہ هن کي پندرنھن ڏينھن تائين هڪ وڳي موڪل ڏيئي ڇڏ. ان جو نتيجو اهو نڪتو تہ مون تہ درخواست واپس ورتي پر اڃا هڪ مس ٿيندو هو تہ جانگڙا اچي منھنجي سيٽ تي بيھندو هو ۽ فوري طور گهر وڃڻ لاء چوندو هو.
