آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

گڏيل خاندان: ڪجهہ ويچار

هڪ دوست سان جوائنٽ فيميلي سسٽم يا گڏيل خاندان ۾ رهڻ جي فائدن ۽ نقصانن متعلق ڳالھہ ٻولھہ ٿي رهي هئي. منھنجو خيال هو تہ اهو سسٽم مجموعي طور فرد ۽ سماج جي فائدي ۾ آهي، جڏهين تہ منھنجي دوست وٽ ان جي خلاف دليل هئا.
منھنجي دليلن جو ڪارڻ شايد اهو هو تہ آئون ننڍي هوندي کان هن عمر تائين مختلف طريقن سان هڪ گڏيل خاندان جي بيھڪ ۾ رهيو آهيان. گهڻي عرصي تائين پنھنجي ڏاڏا ۽ چاچن سان گڏ رهياسين ۽ هڪ ئي رڌڻي ۾ رڌ پچاء ڪندا هئاسين. گهڻي عرصي کانپوء ڏاڏا سڀني پٽن کي ڌار ڪيو. ان کان پوء جلد ئي بابا پنھنجن ٻن وڏن پٽن جي شادي ڪئي. جيتوڻيڪ خاندان جي فردن جي حوالي سان اسان جو گهر پورو سارو هو، پر بابا جا ٻيئي شادي وارا پٽ ان ئي گهر ۾ اٽڪل ڏه سال پنھنجي ماء پي ۽ ڀائرن ڀينرن سان گڏ رهيا. 1980 ۾ بابا پنھنجي خاندان لاء هڪ ڌار گهر ٺاهيو. جنھن ۾ پنھنجن ٻنھي وڏن شادي وارن پٽن کي ڌار فليٽ نما ڪشادا گهر ڏنا ۽ انھن پنھنجو رڌ پچاء بہ ڌار ڪري ڇڏيو. ان ئي عرصي ۾ منھنجي شادي ٿي ۽ پوء ٿوري ٿوري وقفي کانپوء ٻن ننڍن ڀائرن جي شادي پڻ ٿي ويئي. اسان ٽيئي ڄڻا امان ۽ بابا جي خاندان سان گڏ رهياسين. گهر۾ وڌيڪ توسيع ڪرڻ کانپوء اسان کي بہ بابا اٽڪل 1989 ۾ ڌار ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت اسان ڀائرن جا رڌڻا جيتوڻيڪ ڌار ٿي ويا پر اسان ساڳي بلڊنگ ۾ رهندا هئاسين. هڪٻئي سان رابطو بہ هوندو هو، گهڻيون سھولتون گڏيل طور استعمال ڪندا هئاسين ۽ ڏک سک ۾ هڪٻئي سان گڏيل هوندا هئاسين.
آهستي آهستي اسان مان ڪجهہ ڄڻن ٻين علائقن ۾ پنھنجا ڌار گهر وٺڻ شروع ڪيا. 1994 ۾ بابا جي وفات کانپوء آئون بہ 1997 ۾ اتان گلشن حديد هليو آيس. اهڙي ريت اهو گڏ رهڻ وارو معاملو پڄاڻي تي پھتو. پر اها جوائنٽ فيميلي واري روايت ڪنھن نہ ڪنھن ريت اسان سان گڏ رهندي آئي. هتي گلشن حديد ۾ ئي مون پنھنجن ٻن پٽن جون شاديون ڪرايون. اهي ٻيئي پنھنجن پيرن تي بيٺل ۽ تعليم يافتا آهن. مون کين گهڻا ڀيرا چيو آهي ۽ لاڳيتو چوندورهيو آهيان تہ مٿن مون سان گڏ رهڻ جي ڪا پابندي ناهي ۽ اهي جڏهين چاهين پنھنجا ڌار گهر وٺي يا پنھنجو رڌڻو الڳ ڪري ڌار ٿي سگهن ٿا، پر انھن اڃا تائين اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو.
سرمائي داري نظام جي ڪري سماج ۾ فرد جي اهميت وڌي ويئي آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي تہ اڳ خاندان جي گڏيل زمين، ملڪيت ۽ معاشي وسيلن گڏ هئڻ ڪري خاندان جي پي ۽ ڏاڏي وغيرہ کي خاندان جي فيصلن ڪرڻ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين تي پنھنجن فيصلن مڙهڻ ۾ هڪ برتر حيثيت حاصل هوندي هئي، پر جڏهين هر ڀاتي معاشي لحاظ کان آزاد ۽ پنھنجي روزگار سان لڳي ويو تہ پوءِ گهر جي بزرگ جي مٿڀرائپ رڳو اخلاقي طور وڃي باقي رهي. يورپ، آمريڪا ۽ ٻين سرمايادار ملڪن ۾ تہ جوائنٽ فيملي جو نظام هڪAnomaly بڻجي چڪو آهي. سنڌ سميت ٽين دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ اهو زوال پذير ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي.
سنڌ ۾ جيڪي معاشي ۽ سماجي تبديليون ٿي رهيون آهن انھن گڏيل خاندان جي نظام کي هڪ بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هڪ تہ تعليم ۽ شھرن ۽ پرڏيھہ ڏانھن لڏپلاڻ گڏيل خاندان جي نظام کي وکيري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي زراعت ۾ آيل تبديلين، مشيني زراعت ۽ وڏين زرعي زمينن جي ورهاست جي عمل پڻ ان کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. گهڻا ماڻھو هڪ گهر ۽ هڪ ڇت هيٺان رهڻ جي باوجود ڌار رڌ پچاءَ کي ترجيح ڏين ٿا. رٽائرمنٽ کانپوءِ ڪجهہ عرصو مون هڪ نجي بينڪ ۾ نوڪري ڪئي. اتي ٽيهہ ٻٽيهہ سالن جو ڪراچي جو هڪ سلڇڻو ۽ قابل نوجوان مون سان گڏ ڪم ڪندو هو. هو شادي شدہ ۽ شايد ٻن ٻارن جو پيءُ هو. پنھنجي ماء پي سان هڪ ئي گهر ۾ رهندو هو، پر سندس رڌ پچاء ڌار هوندو هو. ساڳي وقت هو پنھنجي ماء پي جي طبي ۽ ٻين ضرورتن جو خيال پڻ رکندو هو، اهڙي ريت پنھنجي ڌار حيثيت رکڻ باوجود هو ڄڻ هڪ لحاظ کان روايت سان ڳنڍيل هو.
گهڻن گهرن ۾ پوڙهي ماءُ پيءُ کي اولاد عزت ۽ احترام سان پاڻ سان گڏ رهائيندا آهن ۽ گهڻا اهو هڪ مجبوري سمجهي ڪندا آهن. اهڙا گهڻا مثال سامھون آيا آهن جڏهين اولاد ماءُ پيءُ کي نوڪرن جي حوالي ڪري، يا اڪيلو ڇڏي پاڻ پرڏيھہ هليا ويندا آهن. تازو هڪ همراه اخبار ۾ اشتھار ڏنو تہ وٽس پئسو ڏوڪڙ آهي، پر کيس اڪيلائي ماري وڌو آهي. ڪير جيڪڏهين کيس Paying Guest ڪري رکڻ لاء تيار هجي تہ هو ان جي پوري ادائيگي ڪندو.
اها ڳالھہ پنھنجي جاءِ تي آهي تہ گڏيل خاندان ۾ هڪ لحاظ کان فرد جون ذميواريون ورهائجي وڃن ٿيون ۽ کيس هڪ تحفظ جو احساس ملي ٿو. ٻار بزرگن جي قربت ۽ تربيت مان گهڻو ڪجهہ حاصل ڪن ٿا. پر ساڳي وقت فرد جي پنھنجي آزادي محدود ٿي وڃي ٿي ۽ پنھنجن ٻارن جي تربيت رڳو پنھنجي مرضي مطابق نہ ٿو ڪري سگهي.
بھرحال اها ڳالھہ تہ طئي آهي تہ گڏيل خاندان جي نظام جو احياء اٽڪل ناممڪن آهي. ان ۾ ٽوڙڦوڙ خاص طور وڏي عمر جي ماڻھن لاء، جن کي پنھنجي اولاد مان وڏيون اميدون ۽ توقعات هونديون آهن تہ اهي ان عمر ۾ سندن خيال ڪندا، انتھائي تڪليف دہ هوندو آهي. بھرحال اهو تہ ٿيندو رهيو آهي تہ سماجي قدر جڏهين معاشي ۽ سماجي تبديلين جي ڪري ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيندا آهن تہ سماج ۾ بحران ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا آهن. اهي گهڻن لاء تڪليف جو باعث بہ هوندا آهن، پر ساڳي وقت اهي نين سماجي قدرن ۽ نئين سماج جي شروعات بہ هوندا آهن.