اسٽيٽ بينڪ جا دوست (9)
منھنجو گهڻو عرصو ايڪسچينج ڪمپنين جي انسپيڪشن جي انچارج طور گذريو. ان ۾ نو ڏه ماڻھن تي مشتمل ٽي ٽيمون منھنجي ماتحت هيون. اهو ڪم بينڪن جي انسپيڪشن کان ان لحاظ مختلف هو تہ ان ۾ خاص طور ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکيو ويندو هو تہ ملڪ مان پرڏيھي ڪرنسي ۽ خاص طور تي ڊالر جي غير قانوني منتقلي کي روڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ انسپيڪشن رپورٽ جي بنياد تي ڪمپنين تي مختلف پابنديون مڙهيون وينديون هيون ۽ ڪڏهين ڪڏهين ريگيولر سالياني انسپيڪشن سان گڏ ڪجهہ ڪمپنين جي ٽارگيٽيڊ ۽ خاص انسپيڪشن بہ ڪئي ويندي هئي. ساڳي ريت ڪجهہ ڪمپنين کي هڪ خاص مدي لاء ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويندو هو ۽ نھايت غيرمعمولي حالتن ۾ ڪن جو لائسنس ئي ماڳيئي ڪينسل ڪيو ويندو هو.
بھرحال بينڪن جي انسپيڪشن جي ڀيٽ ۾ انھن ڪمپنين جي انسپيڪشن جي ثانوي اهميت هوندي هئي. ان ڪري ان ڪم لاءِ پراڻا ماڻھو ڏنا ويا، جن کي بينڪن جي انسپيڪشن جي ڪم ۾ گهڻو موثر نہ ٿي سمجهيو ويو. انھن مان گهڻن سان منھنجي سڌي يا اڻ سڌي طرح واقفيت ۽ هم آهنگي هئي. مقبول، ماجد حسين، رشيد، عبيدﷲ، شاهجھان، صلاح ظھير، عبدالحڪيم، تصدق حسين، اشفاق حداد، رئيس ۽ ٻيا گهڻي عرصي تائين مون سان گڏ رهيا. تصدق ۽ اشفاق پوءِ عمان جي مرڪزي بينڪ هليا ويا ۽ اڃا تائين شايد اتي ئي آهن.. اهي ٻيئي دوست ڪتابن پڙهڻ جا شوقين هئا. تصدق سان جڏهين بہ انسپيڪشن لاء ٻئي ڪنھن شھر وڃڻ ٿيندو هو تہ ڪتابن جي دوڪانن ۽ اسٽالن جي ڳولھا ۾ هوندو هو. اشفاق حج ڪرڻ کانپوء سنڌي ۾ ان متعلق ڪتاب لکيو هو جنھن کي حج جي هڪ گائيڊ سمجهيو وڃي ٿو. بينڪ ۾ پراڻن ۽ نون ملازمن ۾ سالياني رپورٽن ۽ انڪريمنٽ وغيرہ جي حوالي سان هڪ امتيازي ورتاءُ ڪيو ويندو هو، جن ۾ آئون پاڻ شامل هوندو هوس. اها شڪايت ڊويزن جي سڀني همراهن کي هوندي هئي، پر اها جيئن تہ بينڪ جي هڪ اڻ لکيل پاليسي هئي، ان ڪري ان جي لاء سوائي رڙين ۽ شڪايتن جي ٻيو ڪجهہ ڪرڻ ممڪن نہ هو. انھن مان اسان گهڻا هڪ ٻئي پويان رٽائر ٿي وياسين. ساڻن ڪڏهين فون ۽ ڪڏهين ائين اتفاقي ملاقات ٿي ويندي آهي. انھن مان ماجد حسين دبئي ۾ پنھنجي ڀاءُ سان گڏ ڪاروبار ڪري رهيو آهي جڏهين تہ مقبول هڪ ايڪسچينج ڪمپني ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي جتي مون بہ رٽائرمنٽ کانپوءِ سال کن نوڪري ڪئي هئي. مقبول جا ٻار اسڪاٽ لينڊ ۾ هوندا آهن ۽ پاڻ بہ اڪثر اتي ويندو رهندو آهي.
صلاح ظھير رٽائر ٿيڻ کانپوء هڪ ايڪسچينج ڪمپني ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ملازمت دوران هن بينڪ مان موڪل وٺي آمريڪا ۾ نوڪري ڪئي. هن وقت سندس پٽ ڪينيڊا ۾ پڙهي ۽ نوڪري ڪري رهيو آهي. هو پاڻ بہ سال جو ڪجهہ وقت پنھنجي نوڪري تان موڪل وٺي ڪينيڊا ۾ گذاريندو آهي.
رئيس هڪ عجيب ڪردار جو ماڻھو هو. هو ايڪسچينج پاليسي ڊپارٽمنٽ مان بينڪنگ انسپيڪشن ۾ آيو هو. کيس اهو زعم هوندو هو تہ کيس بينڪ جو فارن ايڪسچينج مينوئل سڄو زباني ياد آهي. هو مختلف موقعن تي صفحي نمبر سميت حوالا ڏيندو رهندو هو، جن کي گهڻا وري چيڪ ڪري غلط ثابت ڪندا هئا. هو اڪثر ڪارو ڪوٽ پائي گهمندو هو ۽ سندس چوڻ هو تہ پاڙي وارا کيس وڪيل صاحب ڪري سڏيندا آهن. پنھنجي ترقي وغيرہ جي ڪري هو واضح طور ڊپارٽمنٽ ۾ وڏن آفيسرن جي لابنگ ۽ گروپ بندي جو شڪار ٿي ويو، پر ان مان کيس ڪجهہ حاصل ٿيو يا نہ، پر آئون سمجهان ٿو تہ هن نقصان ئي کنيو. منھنجي رٽائر ٿيڻ جي اٽڪل چار سالن کانپوءِ هو رٽائر ٿيو. هن وقت ساڻس ڪو رابطو ناهي.
