آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڏيج

اهو مشاهدو منھنجو لياري جي حوالي سان آهي. هتي خاص طور نوآباد ۽ ميمڻ سوسائٽي وغيرہ جي علائقن ۾ ڪاٺياواڙي ميمڻن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو. انھن مان گهڻا منھنجا دوست بہ آهن ۽ گهڻن سان ويجها ناتا آهن. انھن ۾ ڏاج جو رواج آهي. گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي تہ ڇوڪري وارا ڏاج ۾ گهر بہ وٺي ڏيندا آهن جيڪو گهڻو ڪري ڇوڪري جي نالي تي ئي هوندو آهي. ان سلسلي ۾ ڪڏهين ڪڏهين ڏاڍي دلچسپ صورتحال بہ پيدا ٿيندي آهي. اها تہ فطري ڳالھہ آهي تہ زال مڙس ۾ اڻبڻت ۽ ننڍا وڏا جهيڙا ٿيندا رهندا آهن. عام طور تي اهو چيو ويندو آهي تہ عورت جو پنھنجو گهر نہ هوندو آهي ۽ اها پي جي گهر مان نڪري مڙس جي گهر ايندي آهي. پوءِ اهو مڙس جو اختيار هوندو آهي تہ هو ساڻس ڪھڙو ورتاء ٿو ڪري ۽ کيس گهر۾ رهڻ ڏئي ٿو يا نہ. پر هتي صورتحال مختلف هوندي آهي. مڙس پنھنجي زال جي رحم وڪرم تي هوندو آهي. هو ڪنھن بہ وقت جهيڙي جي صورت ۾ ان کي گهر مان نيڪالي ڏيئي سگهي ٿي. اهڙا ڪجهہ ڪيس منھنجي پنھنجي مشاهدي ۾ آيا جن ۾ زال مڙس کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪجهہ وقت کان پوء صلح صفائي ۽ معافي تلافي کانپوء کيس گهر اچڻ جي اجازت ڏنائين. ان صورتحال جي ڪري گهڻا سمجهدار مڙس ڏاج ۾ گهر وغيرہ جي گهر نہ ٿا ڪن ۽ جيڪڏهين اهڙي ڪا گهر ڪن بہ ٿا تہ پنھنجي ماء پي کي اهو چئي ڇڏين ٿا تہ سندن لاء پنھنجي گهر ۾ هڪ ڪمرو خالي رکن جيڪو ڪنھن بہ هنگامي صورتحال ۾ ڪم اچي سگهي.