آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

پناھ جگر سنڌي

پناه جگر سنڌي سان منھنجو واسطو عوامي تحريڪ جي حوالي سان ئي ٿيو. ان وقت مون پارٽي جي رسالي تحريڪ ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. پناه ان وقت گاڏي کاتي ۾ سردار پرنٽنگ پريس جو مئنيجر هو، جتان تحريڪ ڇپجندو هو. منھنجو مضمونن وغيرہ جي سلسلي ۾ ڪڏهين ڪڏهين حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو تہ ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. محبت ۽ قرب وارو ماڻھو هو. هڪ ڀيرو ائين بہ ٿيو تہ مون کي موٽڻ ۾ دير ٿي ويئي تہ هن مون کي رات پنھنجي ننڍڙي فليٽ ۾ پنھنجن ٻارن سان گڏ رهايو هو. ان ڳالھہ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. هڪ ڀيري ائين ٿيو تہ پناه ڪنھن ڪارڻ اسانجي نوآباد واري گهر۾، جتي دوستن ۽ مھمانن لاء هڪ ڌار ڪمرو ٺھيل هوندو هو، ڪجهہ ڏينھن لاء اچي رهيو هو. انھن ڳالھين کي چاليهہ سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي. پارٽي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ساڻس وري ملاقات تہ نہ ٿي سگهي ،پر ذاتي دوستن کان هڪٻئي جو حال احوال پيو ملندو هو. هڪ سٺو ۽ محبت وارو انسان. اهي احساس منھنجي لاءِ واقعي هڪ اثاثو آهن.