آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

شوڪت ڪيھر جي يادگيري

شوڪت ڪيھر جي وفات کي ايترا سال گذري ويا. مون کي تہ يقين ئي نہ ٿو اچي. ڄڻ تہ اها ڪالھوڪي ڳالھہ لڳي ٿي تہ هو سامھون ويٺو آهي ۽ پنھنجي نرم ۽ مٺي لھجي ۾ ڳالھائي رهيو آهي.
شوڪت سان منھنجي ملاقات ڪراچي يونيورسٽي ۾ هوندي ٿي. ان وقت هو يونيورسٽي جو باقاعدي شاگرد نہ هو، پر پنھنجي دوست وقار ناٿن شاهي سان گڏ هاسٽل ۾ رهندو هو. وقار ان وقت سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ هو. هو اسان جو بہ دوست هو. وقار بہ ادب سان لاڳاپيل شخص۽ سٺو شاعر هو. اسان ۾ اها ڳالھہ بہ مشترڪ هئي تہ اسان ٻيئي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ بہ گڏ رهياسين ۽ اهڙي ريت يونيورسٽي کان پوء بہ اسان جو رابطو هوندو هو.
جيستائين مون کي ياد ٿو پئي تہ شوڪت شايد 1978 ۾ انٽرنيشنل رليشن ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي هئي ۽ ان وقت منھنجا يونيورسٽي ۾ ڄڻ آخري ڏينھن هئا. شوڪت جو سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ سياست جي حوالي سان هڪ نڪتہ نظر هوندو هو. ملڪ آگاڻي ۽ وقار وغيرہ سان دوستي جي حوالي سان سندس سنڌي عوامي تحريڪ سان سڌو يا اڻ سڌو واسطو هو، پر هو باقاعدي ڪنھن سياسي جماعت سان لاڳاپيل نہ هو. ساڻس منھنجي پھرين ملاقات وقار يا الطاف بيدار, وسيلي ٿي جيڪو پڻ شوڪت جي ويجهن دوستن ۾ هو.
شوڪت سان منھنجو واسطو ذاتي کان وڌيڪ ادبي حوالي سان هو. هڪ لحاظ کان اهو سنڌي ادب جو ٻيو دور هو، جڏهين اديبن ۾ هڪ نظرياتي ڇڪتاڻ ۽ بحث جي شروعات ٿي هئي. پھرئين دور ۾ تہ ليڪا بلڪل واضح هئا، جڏهين ترقي پسندن ۽ رجعت پسندن ۾ هڪ ڇڪتاڻ موجود هئي ۽ ٻنھي پاسن کان ذاتي ۽ نظرياتي حوالن سان ڏي جواب ۽ وٺ جواب وارو سلسلو هلندو رهندو هو. رسول بخش پليجو جو ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ ان دور ۾ ئي لکيو ويو هو جڏهين تہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻيا عالم ۽ ليکڪ ترقي پسندن جي پاسي بيٺل هئا. ٻئي پاسي سردار علي شاه ۽ رشيد لاشاري جھڙا ماڻھو هئا.
بھرحال ٻيو مرحلو بلڪل ئي مختلف هو. هڪ لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو تہ اهو ترقي پسندن ۽ وجوديت جي فلسفي ۽ ادب کان متاثر ٿيندڙ ۽ ان جي پوئواري ڪندڙن جا ئي پاڻ ۾ نظرياتي ۽ ادبي اختلاف هئا. انھن ۾ ناول لڙهندڙ نسل لکندڙ منير ماڻڪ جھڙا گهڻا اهڙا ليکڪ هئا جيڪي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻين ترقي پسندن سان لاڳاپيل رهيا هئا. ساڳي ريت ماڻڪ جي ان دور جي لکيل ڪھاڻي حويلي جا راز پڻ ان جو هڪ مثال آهي.
ان جو هڪ ڪارڻ اهو ٻڌايو وڃي ٿو تہ ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌي وچولي طبقي جي وڏي پئماني تي شھرن ۽ خاص طور ڪراچي ۾ اچڻ، ماحول جي اوپرائپ، گهر ۽ گهر وارن کان پري هئڻ، معاشي مسئلا ۽ جنسي تانگه وغيرہ وجوديت جي فلسفي کي سندن لاء وڌيڪ پرڪشش بڻائي ڇڏيو هو. پر ڏٺو وڃي تہ اهي مسئلا کانئن اڳ جي شھرن ۾ رهندڙ اديبن لاء بہ موجود هئا پر ان وقت ان فلسفي کي ايتري قبوليت حاصل نہ هئي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو ڄاڻائي سگهجي ٿو تہ ان وقت سنڌي اديبن آڏو سنڌي ٻولي ۽ ون يونٽ وغيرہ جھڙا مسئلا هئا. ون يونٽ ختم ٿي ويو، ٻولي جو مسئلو ڪنھن حد تائين حل ٿي ويو ۽ ڪجهہ وڏن اديبن کي سڻڀيون نوڪريون ملي ويون. اجتماعي طور ڪو وڏو مسئلو آڏو نہ هو. سنڌ جي گادي جي هنڌ هئڻ ۽ نوجوانن کي وڏي تعداد ۾ نوڪرين جي آسري تي سنڌين جو هڪ وڏو تعداد خاص طور ڪراچي پھتو.
هڪ وڏي شھر جا جيڪي مسئلا هوندا آهن، اهي ساڳيا مسئلا ڪراچي جا بہ هئا. اڪيلائي، خاندان، گهر ۽ دوستن يارن کان پري ۽ جنسي تانگه، انھن سڀني ڳالھين هڪ فرسٽريشن ۽ انفراديت وغيرہ کي جنم ڏنو.
ڏٺو وڃي تہ پھرين ڳالھہ تہ وجوديت جي فلسفي بنيادي طور يورپ ۾ ان وقت زور ورتو جڏهين اتي ٻين مھاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ هڪ وڏي تباهي آئي هئي، خاندان وکرجي ويا هئا ۽ فرد هڪ وڏي بحران جو شڪار هو. ٻي ڳالھہ تہ ان نظرئي جا ٻہ وڏا وڪيل سارتري ۽ البرٽ ڪاميو پاڻ سياست ۽ سياسي جدوجھد کان پاسيرا نہ ٿيا. سارتري ڪميونسٽ پارٽي سان بہ لاڳاپيل رهيو جڏهين تہ اهي ٻيئي نہ رڳو الجزائر جي آزادي جي جدوجھد سان لاڳاپيل رهيا، پر دنيا ۾ جتي بہ مظلوم قومن ۽ ماڻھن جي جدوجھد هوندي هئي اهي ان جي پاسي هوندا هئا.
اهو سياسي لحاظ کان سنڌ لاء هڪ ڏکيو دور هو. ڪجهہ سالن تائين پيپلز پارٽي جي حڪومت کانپوء ملڪ ۾ مارشل لاء لاڳو ٿي ويو هو. انھن حالتن ۽ سنڌ ۾ ماضي ۾ ادب ۽ اديبن جي ڪردار کي ڏسندي اهو سمجهيو ٿي ويو تہ وجوديت تي ٻڌل ادبي لاڙا منفي آهن ۽ سنڌي ماڻھن لاء هاڃيڪار آهن. مختلف اخبارن، رسالن ۽ ادبي سنگت وغيرہ ۾ اهي بحث ٿيندا رهندا هئا. مون کي ياد ٿو پئي تہ ان دور ۾ برسات رسالي لاء هڪ مذاڪرو ٿيو هو، جنھن ۾ آئون، فقيرمحمد لاشاري ۽ هڪ اڌ ٻيو دوست شريڪ هئاسين. ان بحث جي رسالي ۾ ڇپجڻ کانپوء هڪ ڏينھن شوڪت سان ملاقات ٿي. ان متعلق سندس چوڻ هو تہ ان ۾ سڀ هڪ نڪتہ نظر جا دوست شريڪ هئا. بھتر ٿئي ها تہ ان ۾ جيڪر ٻئي نڪتہ نظر کي بہ نمائندگي ڏني وڃي ها. مون کي لڳو تہ سندس اهو اعتراض صحيح هو.
ان سلسلي دوستن سان کل ڀوڳ ۾ ان جو اظھار ڪيو ويندو هو، جيئن عبدالرحمان نقاش جيڪو سنجيدہ لکڻين کانسواء جهٽ پٽ بديڻائي جي نالي سان مزاح بہ لکندو هو. شوڪت جي ڪھاڻين جي مجموعي پل تي ويٺل هڪ نوجوان جي ٽائٽل ڪھاڻي جي پيروڊي اٺ اي بس ۾ ويٺل هائي ڪورٽ ويندڙ هڪ نوجوان جي نالي سان لکي. رسول بخش پليجي پاران ان سڄي بحث ۾ پنھنجو حصو وجهندي ڪتاب سندي ذات هنجن لکيو ويو.
انھن سڀني اختلافن ڪڏهين بہ ذاتي نوعيت اختيار نہ ڪئي. هميشہ محبت ۽ عزت احترام جو ناتو رهندو هو. شوڪت سان بہ اهو تعلق آخر تائين رهيو. بھرحال هن وقت اهي اختلاف ۽ بحث ڄڻ ختم ٿي چڪا آهن ۽ ادب جو فني پاسو وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي.