آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

واڪ

واڪ ڪندي ڪجهہ اهڙن اڻڄاڻ ماڻھن سان ملاقات ٿيندي آهي جيڪي پنھنجي ليکي مختلف شين جھڙوڪ مختلف وڻن ۽ ٻوٽن جي افاديت ۽ صحت متعلق مختلف ڊاڪٽرن جي صلاحن متعلق ٻڌائيندا آهن ۽ ڪجهہ ڏينھن کانپوء لاڳيتو ملڻ جي ڪري دوست ٿي ويندا آهن. ساڳي ريت ڪجهہ اهڙن ماڻھن سان بہ ملاقات ٿيندي جن سان سالن کان ملاقات ناهي ٿي هوندي ۽ جيڪي ماڻھو جي ذهن تي بہ ناهن هوندا. تازو ائين ٿيو تہ آئون واڪ ۽ ايڪسرسائز ڪرڻ کانپوء بينچ تي ويٺو هوس تہ هڪ همراه اچي ڀر ۾ ويٺو. منھنجو نالو وٺي چيائين تہ اوهان مون کي سڃاڻو ٿا. مون نھڪار ڪئي تہ هن چيو تہ آئون پارٽي ۾ هوس ۽ مرتضيٰ سولنگي سان گڏ ٽائون شپ ۾ رهندو هوس ۽ مظھر اڄڻ سان گڏ اوهان جي گهر بہ ملڻ لاء آيو هوس. هن ٻڌايو تہ هو تازو پورٽ قاسم مان رٽائر ٿيو هو ۽ هاڻي پورٽ قاسم جي ڪالوني ۾ ئي رهندو آهي. هتي روز صبوح يوگا ڪرڻ ايندو آهي ۽ مون کي بہ پارڪ ۾ ڏسندو آهي. جيتوڻيڪ مون کي اهو سڀڪجهہ ياد نہ هو پر هن همراه سان ڄڻ هڪ نئون ناتو جڙي ويو. اهڙي ريت واڪ ۾ صبوح جي تازگي سان گڏ ٻيون بہ گهڻيون شيون ملن ٿيون.