آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اڻ گهريون مسافريون

ڪراچي بلڪ سڄي ملڪ ۾ بسن ۽ ويگنن وغيرہ وارن جي عادت هوندي آهي تہ اهي نہ رڳو اسٽاپ پر جتي ٻہ چار ماڻھو بيٺل ڏسندا آهن اتي گاڏي بيھاري هوڪا ڏيڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڪڏهين ڪڏهين تہ ائين بہ ٿيندو آهي تہ ماڻھن کي زوري ٻانھن کان جهلي گاڏي ۾ سوار ڪندا آهن.
ان لحاظ کان هڪ دلچسپ واقعو اسان جي هڪ واقف سان بہ ٿيو. لي مارڪيٽ مان گڊاني لاء بسون ۽ ويگنون هلنديون هيون. اسانجو اهو واقف همراه هڪ سادو ماڻھو هو. هو پنھنجي ليکي رستو وٺيو پئي ويو تہ ڪنھن ويگن واري گڊاني هلو، گڊاني هلو جا هوڪا ڏيندي کيس ٻانھن کان جهلي گاڏي ۾ ويھاري ڇڏيو. جڏهين گاڏي اڳتي هلي ۽ ڪنڊڪٽر ان همراه وٽ ڀاڙو وٺڻ لاء آيو تہ کيس صاف جواب ڏيندي چيو تہ مون وٽ تہ پئسا ناهن ۽ تو ئي تہ مون کي گڊاني هلو چوندي گاڏي ۾ سوار ڪرايو. اهڙي ريت اهي ويگن وارا نہ رڳو کيس گڊاني وٺي ويا پر اتان واپسي جي گاڏي ۾ کيس لي مارڪيٽ بہ پھچايائون.
پر ان کي مثال طور سمجهي ائين ڪرڻ نہ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ گهڻا گاڏي وارا ايتري شرافت ناهن ڏيکاريندا ۽ همراه کي وچ رستي ۾ ئي گاڏي مان لاهي رلائي ڇڏيندا آهن.