آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

منھنجيون لکڻيون

مون لکڻ جي شروعات ڪھاڻي، شاعري ۽ ڊرامن سان ڪئي. پنھنجي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران مون اها مشق شروع ڪئي. هئي. ان وقت انھن مان ڪجهہ شيون مون سنڌي ادبي سنگت لياري ۽ هڪ اڌ شي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ بہ پيش ڪيون هيون. انھن مان ڇپجڻ لاءِ مون ڪا بہ شي نہ موڪلي. اهو ابتدائي مرحلو هو. مون کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو تہ اها شايد منھنجي فيلڊ نہ هئي. اهو ان جي باوجود هو تہ آئون سنڌي، اردو ۽ ڪوشش ڪري انگريزي فڪشن جا مختلف ڪتاب شوق سان پڙهندو هوس. پر منھنجو لکڻ مختلف سياسي، سماجي، معاشي ۽ ادبي موضوعن تي مضمونن ڏانھن منتقل ٿي ويو ۽ اها هڪ ليکڪ طور منھنجي سڃاڻپ ٿي ويئي. گهڻو عرصو پوء خيرپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪرايل ڪھاڻي ڪانفرنس ۾ عبدالقادر جوڻيجي جڏهين اسٽيج تان بيھي اهو اعلان ڪيو تہ جيئن منٽو جي وفات سان اردو ڪھاڻي مري ويئي ساڳي ريت نسيم کرل جي وفات سان سنڌي ڪھاڻي جو انت ٿي ويو. ان پسمنظر ۾ مون هڪ طنزيہ مضمون لکيو هو جيڪو ان وقت هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ ڇپيو هو.
هاڻي ائين ٿيندو آهي تہ ڪڏهين ڪا سٽ من تي تري ايندي آهي جنھن جو ڪڏهين ڪٿي اظھار ڪندو آهيان ۽ ڪڏهين اها پنھنجي ليکي ختم ٿي ويندي آهي. هڪ لحاظ کان مون اهو سمجهي ورتو آهي تہ شاعري ۽ فڪشن لکڻ منھنجي وس جي ڳالھہ ناهي. ممڪن آهي تہ ڪوشش ڪجي تہ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ تہ لطيف احساس تہ هر ماڻھو ۾ موجود آهن ۽ ماڻھو جو لاشعور ڪڏهين بہ ڪي ڪرشما ڏيکاري سگهي ٿو. بھرحال شاعري ۽ فڪشن پڙهڻ اڃا بہ منھنجوPassion آهي، ان سان مون کي پنھنجي ٻئي ڪم لاء اتساه ملندو آهي.
منھنجي سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو منھنجي لکڻ جي عمل ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. شروع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي دوستن سان منھنجو ناتو جڙيو. ان تعلق هڪ ترقي پسند نڪتہ نظر جوڙڻ ۾ مدد ڪئي. اڳتي هلي اهو دائرو اڃا وسيع ٿيو. آئون ڪجهہ عرصو مختلف تنظيمن سان لاڳپيل رهيس. سنڌي ادبي سنگت جي مختلف شاخن سان منھنجو هڪ ڊگهي عرصي تائين تعلق رهيو. ان سان گڏوگڏ ڪراچي جي ادبي تنظيمن جھڙوڪ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ عوامي ادبي انجمن سان واسطو رهيو ۽ انھن جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندو رهيس.
منھنجي باقاعدي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي شروعات روزاني هلال پاڪستان، جيڪا نئين سر ۽ جديد طرح سان 1970 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪراچي مان شائع ٿي، کان ٿي. ان وقت آئون اخبار جي شاگردن جي صفحي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سرگرمين متعلق لکندو هوس.
منھنجو پھريون سياسي مضمون 1977 ۾، جڏهين ڀٽو خلاف چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان پي اين اي جي تحريڪ هلي رهي هئي، لياري جي سياسي صورتحال جي عنوان سان سنڌي عوامي تحريڪ جي ترجمان رسالي تحريڪ ۾ ڇپيو هو. ان کانپوءِ منھنجي خاص توجھہ عالمي معاملن تي هئي. ايران ۾ شاه خلاف تحريڪ هلي رهي هئي، ترڪي ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر ۾ پرتشدد ٽڪراء روز جي ڳالھہ هئا. انھن موضوعن تي منھنجا مضمون تحريڪ ۾ ڇپيا.
اسان جي بغدادي واري گهر جي ڇت تي هڪ ڌار ڪمرو ٺھيل هو جتي ڪتابن جا شيلف بہ هئا ۽ صوفا ڪرسيون بہ پيل هيون. هتي اسان ڪجهہ دوست خاص طور رحيم بخش آزاد، شمس خواجہ ۽ مرتضا سولنگي وغيرہ وقت بوقت گڏبا هئاسين. مرتضا تہ هتي ڪڏهين رات جو بہ رهي پوندو هو. انھن گڏجاڻين مان اتساه وٺندي منھنجو مضمون ايل سلواڊور ۽ لئٽن آمريڪا جو انقلاب سامھون آيو. اهو هڪ تفصيلي مضمون هو جنھن ۾ لاطيني آمريڪا ۽ ايل سلواڊور جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو هو. ان وقت پاڪستان ۾ ضياءالحق جو مارشل لاء هو. دوستن ان مضمون جي ساراه تہ ڪئي پر ساڳي وقت اهو بہ چيو تہ اهو شايد ڪٿي ڇپجي نہ سگهي. پر ٿيو ائين تہ ان وقت سردار قريشي هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو. هن ان مضمون کي ليڊ آرٽيڪل ڪري هلايو. طوالت جي ڪري مضمون قسطوار هلايو ويو. ڪافي ڏينھن تائين ان مضمون جو ذڪر هلندو رهيو.
هتي ان ڳالھہ کي واضح ڪندو هلان تہ منھنجي هن ڪم جو مقصد ڪا مالي منفعت نہ هئي ۽ نہ ئي مون کي ان جي ادائيگي ڪئي ويندي هئي. هڪ تہ اهو منھنجو شوق هو ۽ ٻيو تہ جن دوستن سان آئون لاڳاپيل هوندو هوس انھن جي ڏنل اتساه جي ڪري بہ ائين ٿيندو هو.
انکانپوء ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرستي خلاف جدوجھد تي هڪ ڊگهو مضمون هو. آئون ان وقت جنھن پارٽي ۾ ڪم ڪري رهيو هوس انھن جو چوڻ هو تہ ان کي پارٽي جي پرچي ۾ ڇاپيون جيڪو سائيڪلواسٽائل ڇپبو هو ۽ جنھن جي محدود سرڪيوليشن هوندي هئي. ان وقت ف م لاشاري هلال ميگزين جو انچارج هو. هن دوستن کي سمجهايو تہ جڏهين ڪا شي قانوني ذريعن سان ماڻھن تائين پھچي سگهي ٿي تہ پوء غيرقانوني ذريعا ڇو استعمال ڪجن. اهڙي ريت ان مضمون کي بہ هلال مئگزين ۾ قسطوار هلايو ويو.
شايد تاريخون اڳتي پوئتي ٿي وڃن. ان کانپوء منھنجو لکڻ جو عمل لاڳيتو جاري رهيو. مصر جي صورتحال تي هڪ ڪتابچو آيو، جڏهين تہ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان فلسطين ۽ سامراج جي عنوان سان هڪ ڪتاب آيو، جيڪو سنڌ جي گهڻن حلقن تائين پھتو. ان سان گڏوگڏ منھنجو ترجمي ڪرڻ جو ڪم پڻ جاري رهيو. فيڊل ڪاسترو جي هڪ ڊگهي تقرير جو سنڌي ترجمو ڪتابچي جي صورت ۾ ڇاپيو ويو. چلي ۾ پنوشي جي ڪو کانپوء وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون ۽ ٽارچر ڪيمپ قائم ڪيا ويا. چلي جي ڪيمونسٽ پارٽي جي اڳواڻ روڊريجوروجاس پنھنجي ٽارچر ڪئمپ جي ڊائري لکي جنھن جو مون گوڏن ڀر نہ جهڪنداسين جي عنوان سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو 1988 ۾ ڇپيو. تازو انعام عباسي نئون نياپو پاران ان جو ٻيو ڇاپو آندو آهي. ان عرصي ۾ سنڌيڪا اڪيدمي پاران منھنجا ترجمو ڪيل ٻہ ڪتاب ”ٽين دنيا جون فوجي آمريتون“ ۽ ”سرد جنگ جا پنجاه سال“ ڇاپيا ويا. پھرئين ڪتاب ۾ طارق علي جو ڪتاب Can Pakistan Survive? ۽ عبدﷲ ملڪ جا ڪجهہ مضمون شامل هئا جڏهين تہ ٻيو ڪتاب اڳوڻي سوويت يونين جي هڪ ڊگهي عرصي تائين پرڏيھي وزير ۽ سفارتڪار رهندڙ آندري گروميڪو جي آتم ڪٿا هئي. ان حوالي سان هڪ اهم ڪم روسي ليکڪ بورس پاسترنيڪ جي جڳ مشھور ناول ڊاڪٽر زواگو جو ترجمو هو جنھن کي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو ۽ جنھن تي سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي پاران بھترين ترجمي جو ايوارڊ بہ ڏنو ويو.
2003 ۾ جديد سنڌي ڪھاڻي جي عنوان سان انڊس پبلشر پاران منھنجو ڪتاب ڇاپيو ويو جنھن ۾ سنڌي ڪھاڻي جي حوالي سان چوڏنھن مضمون شامل هئا. پبلشر جو چوڻ آهي تہ هن وقت اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب ناهي. ان کانپوء ادبي مضمونن جو ڪتاب ”گل گل هٻڪار“ 2014 ۾ پوپٽ پبليڪيشن پاران ڇاپيو ويو. آتم ڪٿا جون چاليه قسطون ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيون ۽ ٻئي ڪجهہ اڻ ڇپيل مواد کي سھيڙي هڪ ڪتاب جي شڪل ڏني آهي، جيڪو سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي ”زندگي جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون“ جي عنوان سان موجود آهي. ساڳي ريت ”ڪتابن سنديون ڳالھيون“ جي عنوان سان مختلف سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ڪتابن جي رويوز تي مشتمل ڪتاب پڻ سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. ”ماحوليات: ڌرتي ۽ انساني آئيندو“ جي عنوان سان ڪتاب پڻ تيار آهي.
آئون سمجهان ٿو تہ منھنجو لکڻ ۽ پڙهڻ جو عمل اٽڪل چاليهہ سالن کان وڌيڪ عرصي کان لاڳيتو جاري رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪو وقفو نہ آيو آهي. سنڌي سان گڏوگڏ آئون اڙدو ۽ انگريزي ۾ بہ لاڳيتو لکندو رهيو آهيان. آئون ادره امن وانصاف جي رسالي جفاڪش جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر هوس ۽ ان ۾ گهڻي عرصي تائين باقاعدي مختلف موضوعن تي منھنجا مضمون شائع ٿيندا رهيا. هڪ وڏي حادثي کان پوء جنھن ۾ اداري جا گهڻا ڪارڪن دھشت گردي جو بک ٿي ويا، اهو رسالو ۽ ادارو بند ٿي ويا. زاهدہ حنا جي ادارت هيٺ شائع ٿيندڙ رسالي روشن خيال ۾ منھنجا ڪجهہ مضمون شائع ٿيا جڏهين تہ هاڻي ڊاڪٽرمبارڪ علي جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي تاريخ ۾ منھنجا مختلف موضوعن تي مضمون شائع ٿين ٿا.
انگريزي ۾ پڻ منھنجا گهڻا مضمون شائع ٿيا آهن. مختلف رسالن کانسواء دي نيوز، نيشن ۽ ڊان ۾ ملڪي ۽ پرڏيھي معاملن ۽ معاشي مسئلن تي وقت بوقت مضمون شائع ٿيندا رهيا آهن. هن وقت باقاعدي طور مختلف موضوعن تي منھنجو هفتيوار ڪالم سنڌي روزنامي سنڌ ايڪسپريس ۾ شائع ٿيندو آهي.
هن وقت منھنجي لکڻ جو سڄو ڪم ڪمپيوٽر تي ٿيندو آهي جڏهين تہ ان کان اڳ پين ۽ پنو هوندا هئا. لکڻ ۽ پڙهڻ ٻنھي جي ڪا خاص جاء ۽ وقت مقرر نہ رهيو آهي. نہ ئي اها ڳالھہ محسوس ٿيندي آهي تہ ان جي لاء ڪو خاص ماحول هجي. بغدادي ۾ گهر شفٽ ٿيڻ کانپوء گهر ڪشادي هئڻ جي ڪري لکڻ پڙهڻ ۽ ساڳي وقت دوستن سان ڪچھرين ڪرڻ جي وڌيڪ سھولت ٿي پيئي. هيٺ منھنجي وڏي ڀاء جي وڪالت جي آفيس هوندي هئي جتي سندس ڪتاب وغيرہ پيل هوندا هئا. اها آفيس سندس استعمال ۾ گهٽ ۽ اسان سڀني ڀائرن جي استعمال ۾ گهڻي هوندي هئي. ان کانسواء مٿي ڇت تي هڪ ڪمرو ٺھيل هوندو هو جتي ڪتابن جا شيلف ۽ صوفا پيل هوندا هئا. اهي ٻيئي جايون گهر جي گوڙ شور کان پاسيرو ٿي لکڻ پڙهڻ لاء ماحول فراهم ڪنديون هيون. ڇت واري ڪمري ۾ ڪي ڪي دوست رات بہ رهي پوندا هئا. ڪڏهين ڪجهہ شاگرد تنظيمن، جن سان اسان ڪجهہ ڀائرن جو واسطو هوندو هو، جون ڊگهيون گڏجاڻيون پڻ ٿينديون هيون. موڪل واري ڏينھن خاص طور رات جو ٻارن جي سمھڻ کانپوء دير تائين آئون پنھنجو ڪم ڪندو رهندو هوس. انکانسواء آفيس ۾ اهڙو وقت بہ آيو جڏهين مون وٽ گهڻو ڪم نہ هوندو هو پر آفيس جو وقت پورو ڪرڻو پوندو هو. ان ڪري ڪجهہ ڪتاب مون وٽ آفيس ۾ پيل هوندا هئا جڏهين تہ لکڻ جو بہ ڪجهہ ڪم اتي ڪري وٺندو هوس. منھنجي اها عادت آهي تہ آئون ڀلي گهڻو وقت ڪم نہ ڪيان پر اهو باقاعدي ڪندو آهيان تہ جيئن ان جو تسلسل برقرار رهي. ڊاڪٽر زواگو جي ترجمي جو وڏو ڪم هو. ان دوران مون کي آفيس جي ڪم جي سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ وڃڻو پوندو هو. ان ڪري ڊاڪٽر زواگو جو انگريزي وارو ڪتاب منھنجي سفري بيگ ۾ ئي هوندو هو ۽ پنھنجي سھولت آهر آئون اهو ڪم ڪندو رهندو هوس. ٻين ڪجهہ ڪتابن جو ترجمو ۽ لکڻ بہ اهڙي ريت ٿيو. اهو ڄڻ تہ منھنجي روزاني ڪم جو حصو هوندو هو آهي ۽ ان لاء مون کي ڪا خاص موڪل وغيرہ نہ ڪرڻي پوندي هئي. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ نہ رڳو آفيس ۾ منھنجي حاضري باقاعدي هوندي هئي، پر رٽائرمنٽ وقت منھنجي کاتي ۾ اڃا گهڻيون موڪلون رهيل هيون.
ان سڄي ڪم ۾ گهر وارن جو سھڪار شامل هوندو آهي ۽ ظاهر ڳالھہ آهي تہ اهو سڄو ڪم سندن سھڪار کانسواء ممڪن نہ آهي.