واڪ: مشاهدا ۽ تجربا
پر ان سان گڏوگڏ روز نوان مشاهدا ۽ تجربا پڻ ٿيندا آهن. گهڻن اڻ ڄاڻ ماڻھن سان پري کان سلام جو تعلق قائم ٿيندو آهي جيڪو وقت سان گڏ ويجهو ٿيندو ويندو آهي. ڪجهہ ماڻھن کي رڳو ڏسبو آهي ۽ ڪجهہ اوهان کي ڏسندا آهن. منھنجو اهڙن گهڻن ماڻھن سان واسطو پيو جن کي آئون سڃاڻندو نہ هوس پر انھن مون کي ٻڌايو تہ اسان اوهان کي روز واڪ ڪندي ڏسندا آهيون. جيڪڏهين ڪنھن ڪارڻ ڪجهہ ڏينھن جو وقفو اچي ويندو آهي تہ هڪ ٻئي کان ان جو ڪارڻ پڇبو آهي. هن وقت خاص طور اسان واري پاسي ڦر ڪرڻ واريون وارداتون وڌي ويون آهن. شام جي ڀيٽ ۾ صبوح جي وقت اهڙين وارداتن جي شڪار ٿيڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي. ان جي ڪري بہ صبوح جي واڪ ڪارآمد آهي.
ڪو وقت هوندو هو تہ آئون فجر جي ٻانگن کان اڳ اونداهي ۾ گهران نڪرندو هوس ۽ اڪثر ڪتن ۽ ڪڏهين ڪڏهين پوليس کي منھن ڏيڻو پوندو هو. پر هڪ تہ روز بروز روڊ رستن جي خراب حالت، جنھن جي ڪري کڏن کوٻن ۽ جاء جاء تي ٺھيل اسپيڊ بريڪرز جي ڪري ٿاٻڙجڻ ۽ ڪرڻ جو امڪان گهڻو هوندو آهي، ۽ ٻي ڳالھہ تہ ان وقت هڪ همراه اڪثر مون کي سڙڪ تي جاگنگ ڪندو نظر ايندو هو. هڪ ڏينھن مون ڏٺو تہ هو پنھنجي معمول موجب آيو پي ۽ کيس اها خبر نہ هئي تہ ڪنھن وچ سڙڪ تي رسو ٻڌي ڇڏيو هو جيڪو ان کي نظر نہ آيو ۽ هو ان ۾ ڦاسي ڪري پيو. هو اٿي تہ ويو پر مون کي لڳو تہ کيس گهڻو ڌڪ لڳو هو. ان ڏينھن کانپوء هو همراه مون کي روڊ تي نظر نہ آيو. ان واقعي مون کي پاڻ احتياط ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ آئون پاڻ ٻہ ٽي ڀيرا ٿاٻڙجي ڪريو هوس.
منھنجو هڪ پراڻو واقف، جيڪو ماضي ۾ ان سياسي گروپ ۾ هو جنھن ۾ ڪجهہ عرصو مون بہ ڪم ڪيو هو، ڪڏهين واڪ ڪندي ملندو آهي. هڪ ڀيري هن مون کي ٻڌايو تہ انھن ڪجهہ دوستن گڏجي هڪ گروپ ٺاهيو آهي جنھن کي ڪجهہ وقت کانپوء پارٽي جي شڪل ڏني ويندي. مون جڏهين کانئس انھن دوستن جا نالا پڇيا تہ اهي سڀيئي پراڻا سياسي ڪارڪن هئا، جن هڪ نہ ٻئي ڪارڻ سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪئي هئي ۽ هاڻي مڙيئي عادت پوري ڪرڻ لاء اها سرگرمي ڪري رهيا هئا. ڪافي عرصو ان ڳالھہ کي گذري ويو آهي پر وري ان سلسلي ۾ ڪا اپڊيٽ ناهي ملي. هڪ ٻئي همراه، جيڪو پارڪ ۾ يوگا ڪندو آهي، سان تازو واقفيت ٿي آهي. هن مون کي ٻڌايو تہ هو تازو مفتاح اسماعيل ۽ خاقان عباسي جي ٺاهيل سياسي جماعت ۾ شامل ٿيو آهي. سنڌ جي هڪ قوم پرست جماعت جي همراه متعلق هن ٻڌايو تہ هو بہ هن جماعت ۾ شامل ٿيو آهي. سندس ارادو مون کي ان جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاء قائل ڪرڻ هو، پر جڏهين مون کيس چيو تہ انھن ماڻھن جو پس منظر ٻڌائي ٿو تہ انھن مان ڪنھن چڱي ڳالھہ جي اميد نہ ٿي رکي سگهجي تہ پوء هن کڻي ماٺ ڪئي.
گلشن حديد ۾ مختلف شھري سھولتن جھڙوڪ پاڻي ۽ بجلي وغيرہ جو معاملو اسٽيل مل ۽ حڪومتي ادارن جي وچ ۾ تنازعي جو باغث رهيو آهي. ڳالھہ اها آهي تہ مل جي افسرشاهي انھن شين کي مناسب نموني هلائي بہ نہ ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت ان مان هٿ ڪڍڻ لاء بہ تيار ناهي. اها ساڳي ڳالھہ فيز ون جي پارڪ جي بہ آهي. علائقي جي ماڻھن لاء اها هڪ سٺي سھولت آهي. ان جي سارسنڀال اسٽيل مل جي حوالي هوندي هئي.پر اسٽيل مل جي پنھنجي حالت خراب هئڻ ڪري ان پارڪ جي حالت بہ خراب ٿيندي ويئي. پر ان جي باوجود بہ صبوح ۽ شام جي وقت هتي ٻارن، عورتن ۽ مردن جو وڏو تعداد واڪ ۽ هوا خوري لاء ايندو آهي. هن وقت شايد يونين ڪائونسلن کي جيڪي وڌيڪ فنڊ وغيرہ مليا آهن انھن پارڪ جيRenovation جو ڪم شروع ڪيو آهي. ڏسجي ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري.
آئون اهو محسوس ڪندو آهيان تہ خاص طور صبوح سويل جي واڪ ماڻھو کي نئين توانائي ڏيئي ٿي ۽ نوبنو ڪري ڇڏي ٿي.
