آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ف م لاشاري: ڪجهہ يادون

آئون گهڻي عرصي کان فقيرمحمد لاشاري سان پنھنجي ذاتي تعلق متعلق تفصيل سان لکڻ چاهيان پيو پر الائي چو لکي نہ سگهيس. سندس وفات کان فوري پو۽ سندس ويجهي دوست، جنھن سان منھنجو بہ سندس حوالي سان تعلق هو، عبدالرحيم سمون، جيڪو ان وقت ڪي اي ايس سي ۽ هاڻي ڪي اليڪٽرڪ ۾ انجنيئر هو، مون کي ڏه هزار روپيا ڏنا تہ ان مان لاشاري تي ڪو سٺي نموني پروگرام ڪرايو. اهي پئسا مون ان وقت سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري رزاق سھتو جي حوالي ڪيا. انھن پئسن مان انھن ڪراچي جي ڪنھن هوٽل ۾ اهو پروگرام ڪرايو، جنھن ۾ انھن مون کي بہ مضمون پڙهڻ لاء چيو هو. اهو مضمون خبر ناهي تہ ڪٿي هليو ويو. ان کانپوء تفصيل سان ڪا شي لکي نہ سگهيو آهيان.
فقيرسان منھنجو تعلق ان ريت قائم ٿيو. ان وقت اسان ڪجهہ دوست سنڌي عوامي تحريڪ کان ڌار ٿي ڊاڪٽر ارباب جي وطن دوست ۾ شامل ٿيا هئاسين. فقير ان وقت ڊاڪٽر ارباب جو ويجهو دوست ۽ وطن دوست جي اهم ڪارڪنن ۾ شامل هو. هو پارٽي جو نظرئي دان سمجهيو ويندو هو. اهڙي ريت منھنجو ساڻس تعلق جڙيو. اسان ۾ هڪ ڳالھہ اها گڏيل هئي تہ اسان ان سياسي جماعت ۽ ان جي اڳواڻن مان مطمئن نہ هئاسين ۽ وقت سان گڏوگڏ ان کان لاتعلق ٿي ويا هئاسين.
فقير شروع ۾ ڪراچي آيو تہ اسڪول ۾ استاد هو ۽ پوء اها نوڪري ڇڏي صحافت ۾ آيو ۽ هلال پاڪستان جوائن ڪيائين. اسان جي تعلق جو هڪ حوالو اهو بہ هو. ڇاڪاڻ تہ لکڻ وغيرہ جي حوالي سان منھنجو بہ هلال سان واسطو هو ۽ اتي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. هڪ ٻيو حوالو سنڌي ادبي سنگت هو. اهڙي ريت اسان جي دوستي ٿي، جيڪا سندس گذاري وڃڻ تائين قائم رهي.
فقير پنھنجي خاندان ۽ گهر وارن سان لاڳاپيل ماڻھو هو. هو جيتوڻيڪ ڪراچي اڪيلو آيو هو پر سندس واسطو پنھنجن ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن سان لاڳيتو هوندو هو. مون کي ياد آهي تہ جڏهين سندس وڏو پٽ بيمار هو تہ ان وقت سندس گهر وارا ڳوٺ ئي رهندا هئا، پر هو ان کي ڪراچي وٺي آيو هو تہ جيئن ان جو مناسب علاج ٿي سگهي. سندس اهو پٽ بيماري وگهي گذاري ويو ۽ هو گهڻي عرصي تائين ان جو ڏک کڻي هلندو رهيو. ساڳي ريت جڏهين هو پنھنجن ٻارن کي ڪراچي وٺي آيو تہ سندس پنھنجي ٻئي پٽ سارنگ ۽ ڌيئرن نصرت ۽ تخليق وغيرہ سان گهڻو لڳاء هوندو هو. هو انھن سان هڪ پي کان وڌيڪ دوست وارو ورتاء ڪندو هو. انھن سان ويھي ڪچھري ڪندو هو، سافٽ بال سان ڪرڪيٽ کيڏندو هو. ساڳي ريت سندس پنھنجي زال سان عزت ۽ پيار وارو رويو هوندو هو. ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ پنھنجي زال کي مار ڪڍڻ مردانگي ۽ ان کان وڌيڪ زال سان مڙس جو پيار ڪري سمجهيو ويندو آهي. هو ٻڌائيندو هو تہ يار ڳوٺ وارا چوندا آهن تہ هن کي تہ پنھنجي زال سان پيار ئي ناهي. ڇاڪاڻ تہ هن ڪڏهين مٿس هٿ ناهي کنيو. هو پنھنجن روين ۽ ورتاء ۾ هڪ متوازن ۽ مھذب ماڻھو هو.
اها سندس شخصيت جي ڇڪ هئي تہ سندس گهڻا خاص طور ذاتي دوست اهو چاهيندا هئا تہ هو رڳو سندن لاء مخصوص هجي ۽ سندن هوندي ٻئي ڪنھن کي وقت نہ ڏئي. منھنجو جيئن تہ ساڻس گهڻو وقت گذرندو هو، ان ڪري مون پاڻ ان ڳالھہ کي محسوس ڪيو. هو چوندو هو تہ يار اهي ماڻھو دوست ۽ زال ۾ ڪو فرق محسوس نہ ٿا ڪن ۽ سندن اها خواهش آئون پوري نہ ٿو ڪري سگهان.
فقير جو سنڌي ادبي سنگت سان هڪ ڊگهو تعلق رهيو. منھنجي خيال ۾ ڪراچي اچڻ کانپوء جلد ئي هو سنگت سان لاڳاپجي ويو هو. هو گهڻو عرصو ڪاروباري ڪاميٽي جو رڪن ۽ اٽڪل ست سال ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري رهيو. آخري وقت ۾ هو گهڻو سرگرم نہ رهيو هو. ان سلسلي ۾ اسان جي اها گڏيل ڪوشش هوندي هئي تہ سنگت جي معاملن کي افھام و تفھيم سان هلائجي. ان ئي حوالي سان غلام حسين رنگريز جي سنگت جي سيڪريٽري جنرل هئڻ واري دور ۾ اسان ٻيئي گڏجي رنگريز سان ملڻ لاء ميرپور بٺوري ويا هئاسين ۽ وٽس رات رهيا هئاسين. اهڙي ريت هڪ ڀيري سنگت جي هڪ سالياني ڪانفرنس ۾ گڏجي حيدرآباد وڃڻ ٿيو هو. ڪانفرنس کانپوء رات ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جي گهر رهيا هئاسين.
اسانجو اهو تعلق ادبي نوعيت جو بہ هو ۽ ذاتي نوعيت جو بہ. اسان ٻنھي جو هڪٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ اسان جي گهر وارن کي ان جي چڱي ريت خبر هوندي هئي.
ائين ٿيندو هو تہ ڪٿي اسان مان ڪنھن هڪ کي بہ وڃڻو هوندو هو تہ ڪوشش اها هوندي هئي تہ ٻيئي گڏجي وڃون. اهڙو هڪ پروگرام سنگت گهوٽڪي پاران فقير سان رٿيو ويو هو. اهي سڀ اسان ٻنھي جا گڏيل دوست هئا ۽ انھن جو اهو اصرار بہ هو تہ اسان ٻيئي اچون. اتي اسان ٻيئي گڏجي وياسين. پروگرام سان گڏ دوستن شھر جي آسپاس مومل جي ماڙي ۽ ٻيون جيڪي ڏسڻ ۽ گهمڻ جھڙيون جايون هيون، اهي بہ ڏيکاريون. هڪ ڀيري ادارہ امن و انصاف پاران ملتان ۾ هڪ ورڪشاپ رکيو ويو هو، جنھن ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي حوالي سان منھنجو مضمون بہ شامل هو. اداري وارن کي مون خاص طور چئي فقير جو نالو ان ۾ شامل ڪرايو. ان پروگرام ۾ اردو جا مختلف اديب ۽ شاعر شامل هئا، جڏهين تہ اسلم اظھر لاهور مان آيل هو. ان وقت شاليمار ايڪسپريس ملتان تي اسٽاپ ڪندي هئي. اداري وارن پارلر ۾ سڀني جي بڪنگ ڪرائي هئي. ان سفر ۾ خاص طور اردو شاعر قمر هاشمي جي مزاحيہ شاعري ۽ ٽوٽڪن مان سڀيئي سڄو رستو مزو وٺندا رهياسين. ملتان ۾ اسان کي اداري جي هاسٽل ۾ رهايو ويو، جتي کاڌي پيتي وغيرہ جا وقت مقرر هئا ۽ سڀني کي ان شيڊول مطابق هلڻو پوندو هو. هتي رحيم بخش آزاد، جيڪو اداري جو ملازم ۽ ان جي رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر هو، اسان سان گڏ هو. آزاد جا ملتان جي سرائيڪي اديبن وغيرہ سان واسطا هئا. فارغ وقت ۾ اسان ٽيئي ڄڻا مختلف ماڻھن سان ملڻ لاء نڪري ويندا هئاسين. اهي ٻہ ٽي ڏينھن اسان جي لاء يادگار هئا ۽ سٺيون ۽ خوشگوار يادون کڻي ريل ذريعي ئي ڪچھري ڪندا واپس موٽياسين.
ان دوران دادو ۾ عبدﷲ مگسي جي ڪتاب تي پروگرام هو جنھن ۾ مون کي ۽ فقير کي دعوت ڏني ويئي هئي. پروگرام ان ريت ٺھيو تہ اسان ٻيئي يوسف شاهين جي گهر پھتاسين، جتان سندس گاڏي ۾ معمار ڪامپليڪس ۾ تاجل بيوس جي گهر آياسين. اتان اسان دادو پھتاسين. پروگرام کانپوء رات دادو ۾ رهياسين. تاجل اتان شايد خيرپور هليو ويو. اسان ٽيئي ڄڻا واپس آياسين. رستي ۾ نوري آباد وٽ يوسف شاهين جي ڪارخاني تي بيٺاسين جتي هن اتي ڪم ڪار جو جائزو ورتو ۽ اهڙي ريت اسان واپس ڪراچي آياسين.
ڪجهہ وقت کانپوء فقير ڪنھن ڪانفرنس ۾ انگلينڊ ويو. اتان موٽڻ کان پوء مون کي فون ڪيائين تہ يار بدين هلڻو آهي. ٽنڊو باگو جي سنگت ليڪچر جو پروگرام رکيو آهي. اسان ٻيئي لي مارڪيٽ تان بس ۾ بدين لاء روانا ٿياسين. بس جو ٿڪائيندڙ سفر هو. بس جيئن ئي بدين شھر ۾ داخل ٿي تہ اتي بس مان لھي پياسين. اسان کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر وڃڻو هو. پڇا ڪندا اتي پھتاسين. اسان جي رهائش اتي هئي. رات جو آڪاش سان گڏجي ٽندو باگو ۾ سنگت جي پروگرام ۾ وياسين جتي ٻين دوستن سان گڏ شمشيرالحيدري بہ موجود هو. رات جو دير سانِ موٽي بدين ڊاڪٽر آڪاش جي گهر آياسين. ٻئي ڏينھن ڪراچي واپسي جو پروگرام هو پر آڪاش جي اصرار تي هڪ ڏينھن اتي وڌيڪ رهي پياسين. ان رات آڪاش اسان کي تلھار کان شادي لارج وٺي هليو جتي هن اسان کي هڪ فنڪار سان ملايو جنھن کي شايد صدارتي ايوارڊ مليو هو. سندس نالو مون کي وسري ويو آهي. جهنگ ۾ آسمان هيٺان ويھي ڪچھري ڪئيسين. واپسي ۾ تلھار ۾ آڪاش جي هڪ ڊاڪٽر دوست سان ڪچھري ڪري بدين آياسين جتان ٻئي ڏينھن حيدرآباد رستي، جتي ابراهيم جوئي سان ڪچري ڪئيسين ۽ موٽي ڪراچي آياسين.
1989 ۾ لاهور ۾ جمھوريت پسند مصنفين جي ڪانفرنس ۾ سنڌي اديبن جو جيڪو وفد ويو هو ان ۾ بہ اسان ٻيئي شامل هئاسين. ان ڪانفرنس ۾ مون جمھوريت ۽ ثقافت جي عنوان سان مضمون پڙهيو هو.
سندس جاڳو ۾ وڃڻ کانپوء اسان جو ملڻ گهٽجي ويو هو. بھرحال پوء بہ هڪ تعلق هو۽ ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هڪ ڀيري بدر ابڙي فون ڪيو تہ فقير جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان وقت فقير معمار ڪامپليڪس جي ويجهو رهندو هو. اسان ٻيئي گڏجي اتي وياسين. طبيعت ٺيڪ نہ هئڻ جي ڪري هو گهر ۾ ئي هو. بھرحال اسان اتي ساڻس ڊگهي ڪچھري ڪئي ۽ ماني بہ کاڌيسين. اهو شايد 18 مئي 1993 جو ڏينھن هو. ٻن مھينن کانپوء 18 جولائي 1993 تي جيئن آئون آفيس وڃڻ لاء گهران نڪتس پئي تہ بابا، جنھن جي هٿ ۾ هلال پاڪستان هئي، مون کي ٻڌايو تہ توهانجو دوست ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو آهي.