آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

جاڳرتا فورم

اها 28 اپريل 2019 جي ڳالھہ آهي. مون کي سکر جي جاڳرتا فورم جي دوستن پاران سيپيڪ تي ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي. ان فورم جي دوستن ۽ خاص طورمنھنجي پراڻي دوست فيض سومرو، جنھن سان سنڌي ادبي سنگت ۽ اسٽيٽ بينڪ جي حوالي سان ويجهو ناتو رهيو آهي، گهڻي عرصي کان ان ڳالھہ لاء اصرار ڪيو پئي، پر آئون لاڳيتو ان کي ٽاريندو پئي آيس. نيٺ اها مٿي ذڪر ڪيل تاريخ مقرر ڪئي ويئي ۽ شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي هڪ دوست سان اهو بہ طئي ٿيو تہ ٻئي ڏينھن ان ساڳئي موضوع تي يونيورسٽي ۾ ڪچھري ڪبي. آئون رات جو هتان بس ۾ سکر لاء روانو ٿيس. صبوح جو سکر جي سٽي پوائنٽ تي فيض مون کي وٺڻ لاء آيو هو. پروگرام جيئن تہ شام جو هو ان ڪري فيض جي گهر وڃي ناشتو ڪري ٿورو آرام ڪيو. مون فيض کي چيو تہ پاڻ پروگرام کان ٿورو اڳ نڪرنداسين تہ جيئن آئون سکر شھر ۾ آيل ڪجهہ تبديلين ۽ خاص طور آئي بي اي ۽ ايس آئي يو ٽي وغيرہ کي ڏسي سگهان.
پروگرام ۾ هڪڙي تبديلي ڪئي ويئي هئي. سکر پريس ڪلب کي انتظاميا پاران ڪلب جي عھديدارن سان ڪنھن تنازعي جي ڪري سيل ڪيو ويو هو، ان ڪري هن پروگرام کي روهڙي پريس ڪلب منتقل ڪيو ويو هو. بھرحال اسان اڃا گهران نڪرڻ جي تياري ۾ هئاسين تہ جاڳرتا جي عھديدارن جا فيض کي فون اچڻ شروع ٿيا تہ انتظاميا پاران پروگرام ڪرڻ نہ ٿو ڏنو وڃي. کين چيو پئي ويو تہ اوهان پروگرام ڀلي ڪيو پر ان ۾ رئوف نہ ڳالھائيندو ۽ جيڪڏهين ڳالھائيندو تہ کيس روڪي گرفتار ڪيو ويندو. دوست ان سوچ ويچار ۾ هئا تہ ڇا ڪجي. اسان روهڙي پھتاسين تہ اتي واقعي پريس ڪلب تي پوليس موجود هئي. اتي روهڙي ۾ هڪ دوست جي گهر هلڻ جي صلاح ڪئيسين پر هن فون تي وٽس اچڻ کان منع ڪري ڇڏي. ان صورتحال ۾ ٻئي ڏينھن شاه لطيف يونيورسٽي واري پروگرام کي بہ ختم ڪيو ويو ۽ اها صلاح بيٺي تہ آئون ڪراچي موٽي وڃان. اهڙي ريت اهو سفر پورو ڪري آئون ٻئي ڏينھن صبوح جو اچي ڪراچي پنھنجي گهر پھتس.