آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

پنڌ ۽ يادن جو سفر

پنڌ هلڻ جي مونکي شروع کان عادت آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جي دور ۾ فلمن ڏسڻ جو شوق هوندو هو. بندر روڊ ۽ صدر جي سينيمائن تائين گهڻو ڪري پنڌ ويندو هوس. مون کي ياد آهي تہ ريڊيو پاڪستان جي سامھون تاج محل سينيما ۾ سنڌي فلمون لڳنديون هيون. ان وقت ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ کان بندر روڊ جي رستي ٽرام صدر تائين ويندي هئي. آئون تاج محل سينيما تائين تہ ٽرام ۾ اچي ويندو هوس.
گهڻو ڪري آئون اڪيلو هوندو هوس ان ڪري واپسي ۾ منھنجي لاء مسئلو هوندو هو. ان وقت بندر روڊ تي جيتوڻيڪ ٽريفڪ گهٽ هوندي هئي پر روڊ پار ڪري ٻئي پاسي وڃي ٽرام يا بس ۾ سوار ٿيڻ کان مون کي ڊپ لڳندو هو. ڏسندو هوس تہ ڪو اهڙو ماڻھو ملي جنھن سان گڏجي روڊ پار ڪجي ۽ جيڪڏهين ڪو اهڙو ماڻھو نہ ملندو هو تہ پوءِ بجائي روڊ پار ڪري ٻئي پاسي وڃڻ جي، ان ڳالھہ کي ترجيح ڏيندو هوس تہ پنڌ ئي گهر ڏانھن وڃجي.
همدرد وارن پاران اردو ۾ ٻارن جي لاء همدرد نونھال جي نالي سان رسالو شائع ٿيندو هو ۽ شايد اڃا بہ ٿيندو هجي. ان رسالي ۾ ٻارن جي دلچسپي لاء ٻين شين سان گڏ سوالن جو هڪ سلسلو هوندو هو. انھن سوالن جي صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا فوٽو ايندڙ پرچي ۾ ڏنا ويندا هئا. اسان ڪجهہ دوست گڏجي انھن سوالن جا جواب ڳولھيندا هئاسين ۽ پوء انھن کي رسالي جي ڏنل پتي تي موڪليندا هئاسين. جيئن ئي رسالي جي ڇپجڻ جو پتو پوندو هو تہ اسان کي اڻتڻ هوندي هئي تہ جلد کان جلد اهو اسان وٽ پھچي. پوء جيسين اهو ويجهن نيوز اسٽالن تائين پھچي، تيسين آئون پنڌ ئي پنڌ رسالي جي مختلف هنڌن تان پڇا ڪندو، صدر تائين پھچي ويندو هوس ۽ نيٺ اهو وٺي ايندو هوس. ان وقت صدر جو ايمپريس مارڪيٽ ۽ ايلفي وارو علائقو پرورنق هوندو هو، جڏهين تہ اڳتي ميٽروپول هوٽل جتي ريو، ريڪس ۽ پيلس سينيمائون هونديون هيون، اتي سڃ پئي سٽون ڏيندي هئي. هڪ ٻہ ڀيرا ائين بہ ٿيو تہ صدر ۾ هلندي ڪنھن ماڻھو مون کان ان علائقي جو پتو پڇيو. مون کيس ٻڌايو پر هن جو اصرار هو تہ پاڻ کيس هلي ڏيکاريان. اها الائي منھنجي ڇھين حس هئي يا الائي ڇا هو مون کي لڳو تہ هن ماڻھو جا ارادا صحيح ناهن ۽ ڪنھن ريت مون کي ڪنھن سنسان جاء تي وٺي اغوا ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري مون ساڻس گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو. هاڻي بہ جڏهين آئون ان متعلق سوچيان ٿو تہ مون کي لڳندو آهي تہ مون ان وقت صحيح ڪيو هو.
لياري ۾ مختلف علائقن ۾ رهندڙ دوستن سان ملڻ لاء وڃڻ ٿيندو هو. ان وقت لي مارڪيٽ کان لياري جي اندرين علائقن لاءِ ٽانگا هلندا هئا. شايد ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اڃان بہ هلندو هجي. ان ڪري ڪڏهين ٽانگي پر اڪثر پنڌ ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن آزاد بلوچ وٽ سنگولين، جيڪو اٽڪل ٻہ اڍائي ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، وڃڻ ٿيندو هو. ساڳي ريت اڙدو ۽ سنڌي جي اديب ۽ عوامي ادبي انجمن جي سيڪريٽري نور محمد شيخ وٽ علي محمد محلي ۾ پنڌ ئي وڃڻ ٿيندو هو. بلوچ قوم پرست ۽ ڪميونسٽ ليگ جي اڳواڻ لالا لعل بخش رند اسان جي گهر جي ويجهو ئي رهندو هو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ اهي ساڳيا علائقا گينگ وار وارن جي قبضي ۾ اچڻ جي ڪري عام ماڻھن لاء نو گو ايريا بڻجي ويا ۽ اهڙي ريت دوستن سان ملڻ وارو سلسلو بہ گهٽجي ويو.
يونيورسٽي ۾ وڃڻ کانپوءِ پوائنٽ جي بس لاءِ گهر کان ٽاور تائين پنڌ وڃڻو پوندو هو جڏهين تہ واپسي ۾ ڪڏهين ٽاور ۽ ڪڏهين لي مارڪيٽ جي بس ۾ ايندو هوس ۽ اتان پنڌ گهر ايندوهوس. يونيورسٽي کانپوءِ مون ڏيڍ سال کن سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ نوڪري ڪئي، جنھن جي آفيس سنڌ اسمبلي جي عمارت جي سامھون هوندي هئي ۽ شايد اڃا بہ اتي آهي. گهران ٽاور تائين پنڌ اچي اتان بس ۾ فريئر روڊ تائين ويندو هوس.
اسٽيٽ بينڪ ۾ اچڻ کانپوء بس جي ضرورت ختم ٿي ويئي. اهو ٽاور تائين پنڌ ۽ اتان واپسي ان ڪري سجايو هوندو هو تہ ويندي مھل مختلف نيوز اسٽالن تي اخبارن جون سرخيون پڙهڻ لاء ترسندو هوس ۽ اهڙي ريت اهم ڳالھين جي صبوح ساڻ ئي خبر پئجي ويندي هئي. مون کي ياد آهي تہ اهڙي هڪ خبر شاهنواز ڀٽو جي قتل جي هئي، جنھن سڄو ڏينھن مون کي ڄڻ هڪ اداسي جي ڪيفيت ۾ وجهي ڇڏيو هو. واپسي ۾ گهر جي لاءِ کير ۽ فروٽ وغيرہ تہ وٺبو هو، پر منھنجي هڪ ٻي عادت هوندي هئي. کارادر ۾ ايراني ڪمشيري هوٽل هوندي هئي جتي هونئن بہ شام جو گهمندي ڪڏهين دوستن سان تہ ڪڏهين اڪيلو چانھن پيئڻ لاء ويهبو هو. ان سان لڳ ئي همشيري بيڪري هئي ۽ جيڪا شايد اڃا بہ آهي. اتان گهر جي لاء گهربل سامان وٺڻ سان گڏ آئون پنھنجي کائڻ لاء ڪا شي بہ وٺندو هوس ۽ پوء اها کائيندو گهر پھچندو هوس.
اسٽيٽ بينڪ انڊسٽريل ڪريڊٽ ڊپارٽمنٽ جي نالي سان هڪ نئون شعبو کوليو هو، جنھن جي آفيس شاهين ڪامپليڪس ۾ هوندي هئي. هتي منھنجي پوسٽنگ اٽڪل ڇهہ سال کن رهي. هتي پھچڻ لاء ڪڏهين ٽاور تان بس ۾ اچي ويھندو هوس پر اڪثر ڀيم پورا، لائٽ هائوس ۽ پاڪستان چوڪ کان ٿيندو اچي آفيس پھچندو هوس. ايم ڪيو ايم جي هڙتالن جي ڏينھن ۾ جڏهين سڄو شھر بند هوندو هو ۽ هڪ ڊپ ۽ هراس واري ڪيفيت هوندي هئي تہ آئون پنھنجي آفيس ۾ هوندو هوس. گهڻن ماڻھن جي لاءِ اها هڪ حيرت جهڙي ڳالھہ هوندي هئي پر ان جو خاص ڪارڻ اهو هو تہ جن علائقن مان منھنجو گذرڻ ٿيندو هو اهي گهڻو ڪري ڪڇي، ڪاٺياواڙي ۽ سنڌين وغيرہ جا علائقا هئا، جتي ايم ڪيو ايم جو گهڻو اثر نہ هو. انھن علائقن ۾ جيتوڻيڪ دوڪان وغيرہ کليل هوندا هئا، پر هڪ غيريقيني واري ڪيفيت هوندي هئي.
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار دستوري گڏجاڻين جي جاء مختلف ڪارڻن جي ڪري لاڳيتو تبديل ٿيندي رهي. مون وائي ايم سي اي ۾ هڪ اڌ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي پر منھنجي سرگرم ٿيڻ کانپوء اهي گڏجاڻيون گهڻي ڀاڱي هوٽل ميرينا ۽ پوء سگا ۽ ادارہ امن و انصاف جي رمپا پلازه جي آفيسن ۾ ٿينديون رهيون. اهي گڏجاڻيون خميس تي شام جو ٿينديون هيون. انھن ڏينھن ۾ خميس بينڪن لاء اڌ ڏينھن هوندو هو. ان ڪري بينڪ مان هڪ وڳي فارغ ٿي آئون گهر هليو ويندو هوس. ماني کائي ٿوري دير آرام ڪري اٽڪل چئين وڳي کن گڏجاڻي لاء نڪرندو هوس. لي مارڪيٽ کان صدر جي ويگن ۾ ويھندو هوس. جيئن تہ گڏجاڻي جي وقت کان اڳ صدر پھچندو هوس ان ڪري ريگل يا ايمپريس مارڪيٽ تي لھي پوندو هوس. منھنجو پھريون ڪم چوڌري فرزند علي جي قلفي ۽ ان جي ڀر ۾ سموسن جي دوڪان تان سموسا وغيرہ کائڻ هو. ڪڏهين ان جي سامھون پشاوري آئسڪريم جو چڪر هڻئدو هوس. ان کانپوء مختلف ڪتابن جي دوڪانن جھڙوڪ اوڊين سينيما جي سامھون ٿامس اينڊ ٿامس، ايلفي تي ساسي ۽ پاڪ آمريڪن وغيرہ ويندو هوس. پر منھنجي اصل دلچسپي ميرينا هوٽل جي ڪمپائونڊ ۾ اسٽينڊرڊ پبلشنگ هائوس ۾ هوندي هئي، جتي سوويت يونين جا ڪتاب ۽ رسالا وغيرہ ملي سگهندا هئا. هتي گهڻي اچ وڃ جي ڪري دوڪان جي بنگالي مالڪ سان هڪ دوستي وارو ناتو ٿي پيو هو. مختلف ڪتاب وٺڻ کانسواء مون وٽ ڪجهہ رسالن جھڙوڪ نيو ٽائمز ۽ ايشيا آفريڪا وغيرہ جي سبسڪرپشن بہ هئي، جيڪي هتي دوڪان جي اِيڊريس تي ئي ايندا هئا. ان ئي ڪمپائونڊ ۾ فھميدہ رياض ۽ ظفر اڄڻ جي رسالي آواز جو دفتر بہ ھوندو هو، جتي اڪثر منھنجو ساڻن ملڻ ۽ ٻين ڪمن سان وڃڻ ٿيندو هو.
اتي ئي هوٽل جي مالڪ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي هوٽل مان چانہ پيئڻ جي شرط تي اتي گڏجاڻي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. دراصل هوٽل جي مالڪ جو ترقي پسند تحريڪ سان پراڻو واسطو رهيو هو ۽ اهو بہ اتي گڏجاڻين ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو هڪ ڪارڻ هو. گڏجاڻي مان فارغ ٿي ڪجهہ دوستن سان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب وڃبو هو، جتي چانھن پي ۽ دوستن سان ڪچھري ڪري ڪڏهين پنڌ تہ ڪڏهين صدر مان بس ۾ گهر وڃبو هو.
ان وقت ضياءالحق جو دور هو. سياسي سرگرمين تي پابندي هئي. سنگت جي گڏجاڻين ۾ گهڻا نوجوان سياسي ڪارڪن بہ شريڪ ٿيندا هئا. اهي ڪنھن بہ شاعري ۽ ڪھاڻي وغيرہ جي اسم تي تنقيد ڪندي پنھنجي سياسي اوٻر ٻاهر ڪڍندا هئا. سنگت ڪراچي ان سلسلي ۾ اڳ ئي گهڻو ڪجهہ سھي چڪي هئي. انھن گڏجاڻين جي ڪاروائي جي رپورٽ ٿيندي هئي ۽ ان سلسلي ۾ باقاعدي سرڪاري ڪارندن پاران مختلف دوستن کان پڇا ڳاڇا ٿيندي هئي. ٻہ ڀيرا کن مون کان بہ ان سلسلي ۾ پڇا ٿي. هوٽل وارن تي بہ ان سلسلي ۾ دٻاء هو. انھن نيٺ اسان کي چيو تہ اوهان پنھنجي لاء ڪو ٻيو بندوبست ڪيو.
ان وقت سگا بہ عتاب هيٺ هئي ۽ ان جا گهڻا ميمبر، جيڪي سرڪاري ملازم هئا، سي پاسيرا ٿي ويا هئا. حيدربخش گل جيڪو ساڳي وقت سگا جو هڪ ڪميٽڊ ۽ سرگرم رڪن ۽ سنگت ڪراچي سان بہ لاڳاپيل هو ان سلسلي کي جاري رکندو ٿي آيو. هو سگا جي رمپا پلازه ۾ نائين ماڙ تي آفيس باقاعدي کوليندو هو. هن سنگت کي ان آفيس ۾ گڏجاڻين ڪرڻ جي آڇ ڪئي تہ جيئن سگا جي سرگرم هئڻ جو بہ هڪ تاثر ملي. سنگت گهڻو عرصو اتي پنھنجيون هفتيوار گڏجاڻيون ۽ ماهوار پروگرام وغيرہ ڪندي رهي. ڪجهہ عرصي کانپوء جڏهين پابنديون ختم ٿيون ۽ سگا وري پنھنجيون سرگرميون شروع ڪيون تہ سنگت کي وري اتان بہ پنھنجا ٽپڙ ويڙهڻا پيا. پر ان ئي عمارت ۾ ٽين ماڙ تي ادارہ امن وانصاف جو دفتر هو. اها هڪ ترقي پسند خيالن جي ماڻھن تي مشتمل اين جي او هئي، جنھن کي چرچ جي تنظيم جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل هئي. اهي جفاڪش جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو بہ ڪڍيندا هئا جنھن ۾ پورهيتن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي نمائندگي هوندي هئي. احمد سليم، آزاد بلوچ ۽ توقيرچغتائي جھڙا ترقي پسند ليکڪ ان رسالي جا ايڊيٽر رهيا. آئون گهڻي عرصي تائين ان جي ايڊيٽوريل بورڊ ۽ هڪ ليکڪ طور ان رسالي سان لاڳاپيل رهيس. اهو ادارو هڪ دھشت گرد حملي جو شڪار ٿي، جنھن ۾ ان جا گهڻا ڪارڪن مارجي ويا، بند ٿي ويو. ان اداري جي هال کي مختلف ادبي ۽ مزدور تنظيمون وغيرہ پنھنجين گڏجاڻين وغيرہ لاء استعمال ڪنديون هيون. سنگت کان اهي نالي ماتر پنجاه روپيا في گڏجاڻي وٺندا هئا جيڪي بہ ڪڏهين انھن کي ڏيندا هئاسين ۽ ڪڏهين نہ. گڏجاڻي کان پوء ڪجهہ دوست ڪڏهين چانھن لاء رمپا پلازه جي روف ٽاپ هوٽل تي ويھندا هئاسين يا ٻاهر ڪنھن هوٽل جو رخ ڪندا هئاسين.
انھن ۾ گهڻن دوستن جو واسطو لياري سان هوندو هو. اهي اتان پنڌ جوبلي، رامسوامي ۽ ڀيم پوري وغيرہ کان ٿيندا سڄي واٽ پاڻ ۾ ڪچھري ۽ کل ڀوڳ ڪندا پنھنجن گهرن ڏانھن روانا ٿيندا هئا. اهو سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو.
نومبر 1997 ۾ آئون گلشن حديد اچي رهيس. ڪجهہ عرصي کانپوءِ مون اهو محسوس ڪيو تہ آفيس ۽ ٻين ڪمن لاء بسن وغيرہ ۾ سفر ڪرڻ ۽ پنڌ نہ ڪرڻ جي ڪري جسم وٺجي ويو هو ۽ سور رهڻ لڳو هو. مون کي ان جو اهو ئي علاج نظر آيو تہ واڪ کي پنھنجو معمول ٺاهجي. هتان جو ماحول وڻڪاري، ڪشادن رستن ۽ ڪجهہ پارڪن وغيرہ جي ڪري ان لاء گهڻو سازگار آهي. واڪ جي لاء صبوح جو سويل اهڙو وقت رکيو جيڪو منھنجي آفيس وڃڻ جي وقت سان بہ ٺھڪندڙ هجي. اهڙي ريت منھنجي ننڊ مان اٿڻ جو وقت فجر جي ٻانگ کان بہ اڳ جو هوندو هو. ڏندڻ پاڻي ڪري آئون ٻاهر نڪري ويندو هوس. حڪومت پاران سج جي روشني مان فائدو وٺڻ جي نالي ۾ جڏهين گهڙين کي ڪلاڪ اڳتي پوئتي ڪيو ويو تہ مون کي اڃا بہ معمول کان سويل اٿڻو پوندو هو. ٻاهر نڪرڻ وقت بلڪل اونداهي هوندي هئي. ائين ٿيندو هو تہ آئون جڏهين واڪ ڪري موٽندو هوس تہ ان مھل فجر جي ٻانگ ٿي رهي هوندي هئي. اها صورتحال ٿورو وقت رهي ۽ جلد ئي ان نظام کي ختم ڪيو ويو. هونئن سياري ۾ اٽڪل ساڳي صورتحال هوندي هئي. ان مھل ماڻھو تہ سڀ ستل هوندا هئا جڏهين تہ اصل ڊپ ڪتن جو هوندو هو. ڪتن جا ولر سڙڪن تي پيا گهمندا هئا. اهو منھنجو تجربو آهي تہ جيڪڏهين ماڻھو ڊپ جو اظھار نہ ڪري تہ ڪتا پنھنجي ليکي ئي پيا مستيون ۽ حرڪتون ڪندا ۽ ماڻھو جو نالو نہ وٺندا آهن. ساڳي ريت ڪڏهين ڪڏهين پوليس سان بہ منھن مقابل ٿبو هو. هڪ ڀيري آئون جيئن گهر مان نڪتس تہ سامھون ميدان ۾ پوليس جي موبائل بيٺي هئي. شايد ان رات علائقي ۾ ڪا ڪاروائي ٿي هئي جنھن جي ڪري پوليس الرٽ هئي. مون کي ڏسندي انھن منھنجي منھن ۾ ٽارچ جي روشني هنئي پر آئون ڪنھن پريشاني يا ڊپ جو اظھار ڪرڻ جي بجائي پنھنجي رفتار ۽ اعتماد سان موبائل ڏانھن ئي هلندو رهيس. مون کي اها ڄاڻ هئي تہ ان موقعي تي ڪنھن پريشاني جو اظھار ڪرڻ يا پوئتي موٽڻ پاڻ کي مشڪوڪ ڪرڻ هو. آئون جڏهين موبائل جي ويجهو پھتس تہ هڪ سپاهي رڙ ڪري مون کي چيو تہ ڇا اوهان کي ڪنھن مدد جي ضرورت آهي. مون هٿ لوڏيندي کيس جواب ڏنو تہ نہ اوهان جي مھرباني. اهڙي ريت هڪ ڀيرو ٻيھر بہ واڪ ڪندي پوليس موبائل منھنجي آڏو اچي بيٺي. پر منھنجي واڪ جي ڪپڙن ۽ ساڻن ڳالھائڻ تي انھن وڌيڪ پڇا ڳاڇا نہ ڪئي. منھنجو هڪ دوست جيڪو مون کان اڳ گهران نڪرندو هو مون کي ٻڌائي پيو تہ هڪ ڏينھن پارڪ ۾ سيڪيوريٽي گارڊ اچي کيس پڪڙيو. پڇا ڳاڇا کانپوء پڪ ڪري تہ هي ڪو مشڪوڪ ماڻھو ناهي هن کيس چيو تہ گهر وارا ايڏو سويل توکي گهران ڪڍي ڇڏيندا آهن. واڪ دوران اونداهي ۾ شين جون عجيب شڪلون نظر اينديون آهن. هڪ لحاظ کان ماڻھو جا خيال ۽ تصور شين گڏ وچڙه ٿي پوندا آهن. ڪڏهين پريان وڻ کي ڏسي ائين لڳندو آهي تہ شايد ڪو ماڻھو يا ڪتو آهي جيسين ماڻھو ان کي ويجهڙائي کان وڃي ڏسي. مون سان ڪجهہ ڀيرا ائين بہ ٿيو آهي تہ سڙڪ جي ناهموار هئڻ يا ڪو پٿر هئڻ ڪري ٿاٻو اچي ويندو آهي ۽ پوء ڪجهہ ڏينھن پنھنجا اهي ڦٽ پيو سيڪيندو آهيان.
واڪ جو هڪ فائدو اهو آهي تہ گهڻن اڻڄاڻ ماڻھن سان سلام دعا ۽ واقفيت ٿيندي آهي. وقت بوقت واڪ جو روٽ تبديل ڪندو رهندو آهيان. هن وقت فيز ون جو پارڪ، جيڪو منھنجي گهر کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي، منھنجي منزل هوندو آهي. اهو هڪ وڏو پارڪ آهي. علائقي جا گهڻا ماڻھو ان مان فائدو وٺن ٿا، پر مناسب سار سنڀال ۽ صفائي وغيرہ جي مناسب بندوبست نہ هئڻ ڪري اهو هن وقت ڪنھن سٺي حالت ۾ ناهي. بھر حال في الحال