آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

دادا علي بخش

دادا علي بخش پراڻو سياسي ڪارڪن آهي. هو سنڌ جي هاري تحريڪ جو بہ حصو رهيو ۽ مختلف سياسي جماعتن سان پڻ گڏ رهيو آهي. هو اهڙن ماڻھن مان آهي جيڪي پنھنجي هنيان جي زور تي پيا هلندا آهن. کين ڪا لوڀ لالچ ۽ ڪو ليڊري جو شوق نہ هوندو آهي. ويلي تي ڪٿي ماني ملي تہ ٺيڪ نہ تہ اهو ائين ئي ٽري ويندو آهي. جتي رات پوندي اتي سمھي پئبو. هو سڄي عمر ائين ئي هليو آهي، نہ شادي ڪيائين ۽ نہ ئي سندس ٻار ٻچا آهن. هن وقت سندس عمر ٽياسي سال کن آهي ۽ اڃا تائين هو سماجي طور سرگرم آهي ۽ پنھنجن پراڻن واسطن کي قائم رکيو اچي. پراڻن هاري ڪارڪنن لاء هو ڄڻ اڃا بہ سندن اڳواڻ آهي ۽ اهي ساڳي نموني سندس عزت ڪن ٿا. هڪ دوست دادا کان اهو پڇيو تہ تنھنجي وڏي عمر ۽ صحت جو راز ڇا آهي تہ دادا جو جواب هو تہ مون سڄي عمر بکون ڪاٽيون آهن ۽ پنڌ ڪيا آهن. منھنجي عمر ۽ صحت جو راز اهي بکون ۽ پنڌ آهن. اهي سنڌ جي سياسي مزاحمت جا گمنام ڪارڪن آهن جن جي ڪيل محنت جو کٽيو اڄ گهڻا کائين پيا. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ دادا جھڙن ماڻھن کي ڪجهہ عرصي لاء ڪنھن جاء تي ويھاري سندن بکن ۽ پنڌن جي داستان کي ٻڌجي ۽ ان کي ڊاڪومينٽ ڪجي تہ جيئن سنڌ جي مزاحمت جي عوامي پاسي کي محفوظ ڪري سگهجي.