ڪمپيوٽر جو استعمال ۽ آئون
آفيس جي ڪم جي سلسلي ۾ پنھنجي ان گهٽتائي جو گهڻو احساس ٿيندو هو پر خاص طور پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ نوجوانن جي مدد ۽ سھڪار سان ڪم هلائي سگهبو هو. اهو سڀ آفيس جي حد تائين تہ ٺيڪ هو پر پنھنجي ذاتي لکڻ پڙهڻ جي ڪم لاء ڪمپيوٽر جي علم جو وڌيڪ حصول ضروري هو. سنڌي ۽ اڙدو ۾ لکڻ جو ڪم پين ۽ پني سان ٿي ويندو هو پر انگريزي ۾ اڳ جيئن ٽائپ رائٽر ضروري هو، تيئن هاڻي ڪمپيوٽر هڪ لازمي شي ٿي ويئي هئي.
مون شروعات ۾ ڪجهہ ٽائپنگ جا ڪورس ڪيا هئا پر ٽائپنگ هميشہ مون کي ڏکي محسوس ٿيندي هئي. مشين ۾ ڪاغذ وجهڻ، ان کي صحيح طرح رکڻ ۽ وري ان ڳالھہ جو خيال ڪرڻ تہ اسپيلنگ وغيرہ جي ڪا چڪ نہ ٿئي جنھن جي درستگي لاء وريEraser ياFluid جو استعمال ڪرڻو پوندو هو. جڏهين تہ ڪمپيوٽر ۾ اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي ۽ اهي سڀ ڪم پنھنجو پاڻ ٿي وڃن ٿا. ان کانسواء انٽرنيٽ جو هڪ وڏو فائدو آهي، جنھن ۾ اوهان پنھنجن لاڳاپن سان گڏوگڏ سڄي دنيا سان لاڳاپيل رهو ٿا.
آئون جڏهين گلشن حديد ۾ رهڻ آيس تہ هتي منھنجو ڪجهہ دوستن سان واسطو پيو، جن ان سلسلي ۾ منھنجي مدد ڪئي. اسٽيل مل جي اڳوڻي ملازم ۽ منھنجي پاڙيسري ۽ دوست مير محمد پنھور جي حوالي سان اسٽيل مل جي انجنيئر نواز سومرو سان ملاقات ۽ واقفيت ٿي. نواز جو واسطو سنڌ جي ترقي پسند سياست سان بہ هو ۽ سندس ان ڳالھہ ۾ دلچسپي هوندي هئي تہ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ کي وڌ ۾ وڌ ڦھلائجي ۽ ان سلسلي ۾ رضاڪارانا طور دلچسپي رکندڙ دوستن جي مدد ڪجي. سندس چوڻ هوندو هو تہ اوهان ڀلي ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڪيو ۽ رڳو گيمز هلايو تہ بہ ڪمپيوٽر اوهان لاء فائديمند آهي. ڇاڪاڻ تہ اهڙي ريت اوهان ۽ اوهان جي گهر جا ٻار ان نئين ٽيڪنالوجي سان مانوس ٿي ويندا. اهڙي ريت اٽڪل پنجويهہ سال اڳ ان دوست جي مدد سان مون هڪ ڊيسڪ ٽاپ ورتو جنھن کي هن دوست انسٽال وغيرہ بہ ڪري ڏنو.
اسٽيٽ بينڪ ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين جي گورنر ٿيڻ کانپوء ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿي ويو. هر ننڍي وڏي آفيسر کي ان کي استعمال ڪرڻ جي تربيت ڏني ويئي. هر شعبي ۾ ورڪ اسٽيشن ٺاهيا ويا ۽ اٽڪل هر ڪنھن جي ڊيسڪ تي ڪمپيوٽر اچي ويو. انسپيڪشن جيان جن ماڻھن جو بينڪ کان ٻاهر جو ڪم هوندو هو انھن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا. اهڙي ريت سڄي بينڪ ۾ انٽرنيٽ جي سھولت عام ٿي ويئي ۽ ان جي استعمال تي ڪا بندش ۽ حدبندي نہ هئي. آفيس جي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ خبرن ۽ ٻين مختلف سائٽس کي پڻ ڏسي سگهجي پيو. ان ڪري دفتري ڪم سان گڏوگڏ هتي مون کي پنھنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ گهڻي مدد ملي.
پنھنجي رٽائرمنٽ جي ويجهو مون اهو محسوس ڪيو تہ ليپ ٽاپ سان ڪم ۾ وڌيڪ سھولت ٿي سگهي ٿي. منھنجو دوست شوڪت بزنجو آئي ٽي جو هڪ ڪواليفائڊ پروفيشنل آهي. اسان مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي. هو ڪمپيوٽر جي مارڪيٽ سان رابطي ۾ هوندو آهي ۽ کيس مختلف برانڊ، قيمتن ۽ ڪوالٽي وغيرہ جي ڄاڻ هوندي آهي. مون کيس ان لاء چيو. هن ڪجهہ ڏينھن ۾ مارڪيٽ مان معلومات وٺي مون کي ليپ ٽاپ وٺي ڏنو. ان کان پوء هن پاڻ ئي بينڪ جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ جي همراهن سان رابطو ڪري ان ۾ جيڪي ضروري سافٽ ويئر وغيرہ انسٽال ٿيڻا هئا اهي بہ ڪرائي ڏنا. رٽائرمنٽ کانپوء مون کي پنھنجي پٽ لاء ليپ ٽاپ گهربل هو. شوڪت اهو ليپ ٽاپ بہ وٺي ڏنو.
ان سلسلي ۾ بينڪ ۾ منھنجي دوست ڊاڪٽر اسحاق انصاري جو سھڪار بہ حاصل رهيو. هن خاص طور ٻولي جي حوالي سان مختلف سائٽس جي مدد سان سنڌي الفا بيٽ انسٽال ڪرڻ ۾ مدد ڏني ۽ ڪمپيوٽر جي ستعمال جي حوالي سان مختلف صلاحون ڏنيون.
هن وقت ان ليپ ٽاپ وسيلي آئون پنھنجي لکڻ پڙهڻ ۽ مختلف دوستن وغيرہ سان رابطي جو ڪم ڪندو آهيان. جتي ڪا رڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي تہ پنھنجن ٻارن ۽ دوستن جي مدد وٺندو آهيان ۽ جيڪڏهين معاملو انھن کان بہ زور هوندو آهي تہ پوء پاڙي ۾ ڪنھن ٽيڪنيشن جي مدد وٺبي آهي.
هن وقت آئون پنھنجو روزمرہ جو ڪم تہ ڪري ويندو آهيان پر آئون سمجهان ٿو تہ گهڻين ڳالھين ۾ آئون اڃا کٽل آهيان ۽ ٻيو جيئن تہ اها ٽيڪنالوجي روز ترقي ڪري ۽ اڳتي وڌي رهي آهي ان ڪري پنھنجي سکڻ جي عمل کي لاڳيتو جاري رکڻ ضروري آهي.
