آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

سنڌي شاگرد

گهڻو وقت ٿيو، ان وقت شاليمار ايڪسپريس نئين شروع ٿي هئي. اها صبوح ڇھين وڳي ڪراچي کان نڪرندي هئي ۽ رات ڏهين وڳي لاهور پھچندي هئي. آئون هڪ دوست سان گڏ ان جي نئين متعارف ڪرايل پارلر ڪلاس ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ان ڪمپارٽمنٽ ۾ اسان سان گڏ ڪجهہ نوجوان هئا، جيڪي نھايت فضيلت سان پنھنجي وندر ۾ مصروف هئا ۽ ڪنھن کي پريشان نہ ٿي ڪيائون. جڏهين گاڏي روهڙي جي اسٽيشن تي پھتي تہ شاه لطيف يا سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو هڪ ٽولو گاڏي ۾ داخل ٿيو ۽ سڄي گاڏي کڻي مٿي تي کنيائون. منھنجي ان دوست ان تي ڳالھا.ئيندي چيو تہ يار اهو فرق آهي انھن ڇوڪرن ۾ جيڪي نھايت فضيلت سان پنھنجي وندر ڪندي سفر ڪري رهيا آهن ۽ هڪ اهي اسان جا يونيورسٽين جا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان آهن، جيڪي ٽڪيٽ بہ نہ ڏيندا ۽ الٽو ريل وارن ۽ مسافرن کي پريشان ڌار ڪندا. واقعي سوچڻ وارو نڪتو هو. منھنجي خيال ۾ ان ڳالھہ کي ٽيه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر شايد ئي صورتحال ۾ ڪو سڌارو آيو هجي.