آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

پيار ۽ محبت

ماڻھو جي لاء ٻين ماڻھن جي محبت ۽ پيار انتھائي ضروري آهي. هڪ لحاظ کان اهي ماڻھو کي پنھنجي اهميت ۽ حيثيت جو احساس ڏياريندا آهن. ڪنھن ويجهي عزيز، دوست ۽ ڪنھن دل گهرئي ماڻھو جو حال احوال پڇڻ لاء فون ۽ نياپو وغيرہ ڄڻ تہ ماڻھو کي جيئاري ڇڏيندا آهن. ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
اهو اوهان جي دوستن ۽ مٽن مائٽن کي نہ رڳو اوهان جي جنم ڏينھن متعلق ٻڌائيندو آهي، پر کين اها تاڪيد بہ ڪندو آهي تہ ان کي چڱي ريت ملھائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ڪجهہ سال اڳ تائين اها جنم ڏينھن ملھائڻ واري روايت گهڻو رواج ۾ نہ هوندي هئي، پر گهڻن کي تہ خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ڪڏهين سندن جنم ڏينھن آيو ۽ ڪڏهين گذري ويو.
هاڻي مون کي پنھنجي جنم ڏينھن تي پنھنجن ٻارن، مائٽن ۽ دوستن پاران جيڪا محبت ۽ پيار ملي ٿو اهو منھنجي توقع کان گهڻو وڌيڪ آهي. اهو ڄڻ تہ منھنجي لاء هڪ بونس آهي جنھن جي لاء مون ڪابہ جاکوڙ ۽ شعوري ڪوشش نہ ڪئي آهي. هن ڀيري بہ ٻہ جولائي اڃا شروع ٿي هئي ۽ رات جا ٻارنھن مس ٿيا هئا تہ پيار جي اها پالوٽ شروع ٿي ويئي. سوين ان ۾ شريڪ ٿيا ۽ مون کي پنھنجي ڪجهہ هئڻ جو احساس ڏياريو. ان موقعي تي ڪن خاص ماڻھن جي نيڪ خواهشن ۽ محبتن جي اظھار جو انتظار رهندو آهي جيڪي ان موقعي جي اهميت کي اڃا وڌائي ڇڏيندا آهن. سڀني دوستن ۽ پيارن جي محبت جي تمام گهڻي مھرباني. ان سان مون کي واقعي جيئڻ جو هڪ نئون اتساه مليو آهي.