ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ان وقت محبت پارٽي جي ڪمن جي حوالي سان گهڻو سرگرم هو ۽ ان حوالي سان سنڌ جي مختلف علائقن جا دورا ڪندو رهندو هو. سنڌي شاگرد تحريڪ نئين ٺھي هئي ۽ کيس شايد ان سلسلي ۾ بہ ڪا ذميواري ڏني ويئي هئي جنھن سندس مصروفيتن کي وڌائي ڇڏيو هو. ان وقت محبت کي اهو خيال آيو تہ رسول بخش پليجو جي مائوزي تنگ تي لکيل ڪتاب کي پاڪيٽ سائز ايڊيشن ۾ ڇپرايو وڃي. ان جي لاء کيس پارٽي پاران ڪي فنڊ تہ نہ ڏنا ويا پر هن پنھنجين ذاتي ڪوششن سان دوستن کان اهي پئسا ورتا ۽ ڪتاب ڇپرايو.
ان دوران آئون پارٽي کان ڌار ٿي ويس جڏهين تہ محبت اڃا پارٽي ۾ سرگرم هو. ڪجهہ وقت کانپوء خبر پيئي تہ محبت سياسي سرگرميون ختم ڪري پنھنجي شھر ۾ ڪلينڪ هلائي ٿو ۽ ٻيو علمي ڪم ڪري پيو. سندس غير سرگرم ٿيڻ جا ڪھڙا ڪارڻ هئا انھن جي ڪا ڄاڻ نہ ملي سگهي. سندس وفات جي خبر منھنجي لاء حيرت جوڳي ۽ ڏکوئيندڙ هئي. هو هڪ ذهين ۽ ڪارائتو ماڻھو هو.
