آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

يادگيريون ۽ دوست

شاه مجمد پيرزادو سان هونئن فون ۽ سوشل ميڊيا تي رابطو تہ رهندو آهي، پر ذاتي ملاقات گهٽ ٿيندي آهي. هو ڪڏهين ڪنھن ڪم سانگي يا ڪنھن ادبي پروگرام ۾ گلشن حديد ايندو آهي تہ ضرور رابطو ڪري ملاقات ڪندو آهي. کيس گلشن حديد مان ويئي اٽڪل ٻارنھن تيرنھن سال ٿي ويا آهن، پر منھنجو سندس نئين گهر وڃڻ نہ ٿيو. تازو سندس ننڍي ڀاء پرويز جي گذاري وڃڻ تي مون ساڻس فون تي ڳالھايو هو ۽ کيس چيو هو تہ آئون سندس گهر ايندس.
گوگل ميپ تي گهر جي لوڪيشن ڏسندي پھرين مارچ 2025 تي آئون گلستان جوهر ۾ سندس گهر پھتس. هتي عذر خواهي سان گڏ گهڻن پراڻن دوستن سان ملاقات ٿي ۽ پراڻين ڳالھين ۽ دوستن کي ياد ڪيوسين. پرويز کي ياد ڪيوسين ۽ سندس زندگي ۽ ڪم متعلق ڳالھايوسين. شاه محمد جي سوٽ ۽ ليکڪ امر پيرزادو سان ملاقات ٿي. هن قرب ڪري انور پيرزادو جي ممبئي جي سفرنامي جي ٻئي ايڊيشن ۽ زيد پيرزادو جي نثري نظمن جي مجموعي سمجه جي ڪاپي ڏني. ملير بچل ڳوٺ جو هڪ دوست لطيف راولاڻي پڻ عذرخواهي لاء آيل هو. شاه محمد ٻڌايو تہ چاليه سال کن اڳ هو پنھنجي موٽر سائيڪل تي اتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو هو. ڪجهہ ٻيا دوست جھڙوڪ عبدالرحمان نقاش، انب گوپانگ، جان خاصخيلي ۽ مصطفيٰ لاکو بہ سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انھن مان ڪجهہ ڄڻا اتي ڳوٺ ۾ ئي رهندا هئا.
انھن گڏجاڻين ۾ آئون شريڪ نہ ٿيندو هوس. پر منھنجو ڀرپاسي واري ملير نئين جي ٻئي پاسي واري ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ۾ وڃڻ ٿيندو هو. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ ۾ سرگرم هوس ۽ پارٽي ڪم جي سلسلي ۾ ڪالا بورڊ تي ملير جي هڪ ٻئي ڳوٺ صديق وليج بہ وڃڻ ٿيندو هو، جتي ماستر امام بخش ۽ عزيز بلوچ پارٽي جا سرگرم ڪارڪن هئا. ماستر امام بخش اسي جي ڏهاڪي ۾ گذاري ويو. ڳوٺ لاء سندس خدمتن جي اعتراف طور اتي سندس نالي سان هڪ لائبريري قائم ڪئي ويئي آهي، جڏهين تہ عزيز ايم بي بي ايس ڪري نوڪري سانگي گوادر هليو ويو ۽ پوء اتي ئي رهيو. تازو سندس انتقال ٿيو آهي. ان ڳوٺ ۾ ئي هڪ ٻيو دوست فقيرمحمد ڪلمتي بہ رهندو هو، جيڪو هاڻي ڀرپاسي واري هڪ سوسائٽي ۾ رهي ٿو. هو جيتوڻيڪ عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل نہ هو پر اسٽيٽ بينڪ ۾ گڏ ڪم ڪندو هو. هن وقت هو رٽائر ٿي چڪو آهي پر ساڻس اڃا بہ رابطو آهي.
سومار ڪنڊاڻي ۾ اسان جو سائين ابراهيم خاصخيلي وٽ وڃڻ ٿيندو هو. انھن دوستن ۾ گل حسن ڪيڙانو، سيف ﷲ نظاماڻي، سوز سمون ۽ ٻيا دوست شامل هوندا هئا. اتي ويجهو ئي سعود آباد ۾ پارٽي جو ڪارڪن يعقوب سنڌي، جيڪو دوستن ۾ يعقوب گون جي نالي سان ڄاتو ويندو هو، رهندو هو. هو دلير ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻھو هو. فوڊ ڊپارٽمنٽ ۾ ملازم هو ۽ پارٽي جي گهڻن ڪارڪنن جي مدد ڪندو رهندو هو. هن وقت سندس انتقال ٿي چڪو آهي پر سندس ڀائيٽو حسن آٿو، جيڪو پڻ اسان جو دوست هو بچل ڳوٺ ۾ رهي ٿو.
ڪجهہ دير کانپوء عطيہ دائود ۽ خدا بخش ابڙو بہ اچي اسان سان شامل ٿيا. عطيہ سان نومبر 2022 ۾ هالا ويا هئاسين ۽ پوء وري هاڻي ملاقات ٿي هئي جڏهين تہ خدابخش سان ملاقات کي هڪ ڊگهو عرصو گذري ويو هو. جيئن ٿيندو آهي تہ دوستن سان خير عافيت کانپوء گڏيل موضوعن تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي آهي. اسان جو گڏيل موضوع ادب ۽ ادب سان لاڳاپيل سرگرميون ئي آهن. هڪ ٻئي کي ٻڌايوسين تہ لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان اسان ڇا پيا ڪيون. آئون جيتوڻيڪ ادبي سرگرمين جي حوالي سان گهڻو متحرڪ ناهيان. پر عطيہ پنھنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ساڳي وقت سماجي ۽ ادبي حوالي سان پڻ متحرڪ آهي. هو ٻن ناولن سميت ڪجهہ ڪتابن تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس آتم ڪٿا کي شائع ٿئي ويهہ پنجويهہ سال گذري چڪا آهن. مون کيس صلاح ڏني تہ جيئن تہ آتم ڪٿا جو سلسلو مرڻ گهڙي تائين مڪمل نہ ٿو ٿئي ان ڪري کيس ان جو ٻيو حصو آڻڻ گهرجي. مون پنھنجي متعلق ٻڌايو تہ آتم ڪٿا سميت منھنجا ڏه ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي موجود آهن ۽ آئون آتم ڪٿا جي ٻئي حصي تي ڪم ڪري رهيو آهيان. شاه محمد سان هر ڀيري ملڻ وقت کيس شاعري جي ٻئي مجموعي ۽ آتم ڪٿا جي ٻئي حصي لاء چوندو آهيان. پر سندس چوڻ هوندو آهي تہ هن پوء گهڻي شاعري ناهي ڪئي جيڪا ڌار مجموعي طور ڇپجي سگهي ۽ هو پنھنجي پھرئين مجموعي کي ئي اپڊيٽ ڪري ان جو ٻيو ايڊيشن آڻيندو.
عطيہ هڪ تہ وومين ايڪشن فورم سان ڪم ڪندي آهي، پر سنڌي ادبي سنگت سان سندس هڪ خاص لاڳاپو آهي. ڪراچي سنگت جي هو هڪ اهم رڪن هئي ۽ ڊگهي عرصي تائين ان سان لاڳاپيل رهي. هن وقت سنگت مختلف شھرن ۽ جاين تي عورتن جون ڌار شاخون قائم ڪيون آهن. عطيہ ڪراچي جي عورتن جي شاخ جي رڪن آهي ۽ ان ۾ سندس هڪ سرگرم ڪردار آهي. مون کانئس اهو پڇيو تہ هن هڪ ڊگهو عرصو گڏيل سنگت ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي ڇا هو ان ڳالھہ جي قائل آهي تہ سنگت جي تنظيم جنسي بنيادن تي ڪجي. سندس چوڻ هو ها هو سمجهي ٿي تہ ائين ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ عورتن ۾ عدم تحفظ جو احساس گهڻو آهي ۽ ساڳي وقت انھن جي تربيت جي بہ ضرورت آهي.
پراڻن دوستن سان هڪ ڊگهي عرصي کانپوء ملاقات ۾ پراڻين ڳالھين کي ياد ڪرڻ سان گڏ ماڻھو نين ڳالھين متعلق بہ اپڊيٽ ٿيندو آهي ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو آهي.