آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اختر درگاھي

اختر درگاهي سان ان ملاقات ۽ سندس ڏنل محبت کي هميشہ ياد ڪندو آهيان جڏهين اسٽيٽ بينڪ جي ٽيم، جنھن ۾ آئون بہ شامل هوس، صادق آباد جي ويجهو سنجر پور ۾ زرعي ترقياتي بينڪ جي هڪ برانچ جي انسپيڪشن ڪري رهي هئي. اختر ان برانچ ۾ آفيسر هو. پنھنجي ڪم دوران ٽيم جي اها ڪوشش هوندي آهي تہ اها ڪنھن سان پنھنجن ذاتي لاڳاپن جو ڏيک نہ ڏئي تہ جيئن ان سان ڪو غلط تاثر قائم نہ ٿئي. اختر سان منھنجي واقفيت ڪراچي سنگت جي حوالي سان هئي. هن مون کي سڃاتو ۽ اهو ممڪن نہ هو تہ اسان هڪٻئي سان ذاتي حوالي سان پنھنجي تعلق کي پاسيرو رکون. هن ٽيم جي ٻين همراهن کي چيو تہ اسان توهان جي خدمت بينڪ جي حوالي سان نہ پر ان ڪري ٿا ڪيون تہ رئوف منھنجو دوست آهي. اختر مون کي ٻڌايو تہ هو روز روهڙي کان هت اچ وڃ ڪندو آهي. مون کي هن چيو تہ اوهان کي ڪجهہ ڪتاب ڏيڻا آهن. مون کيس ٻڌايو تہ سڀاڻي اسان رحيم يار خان ۾ هونداسين. اها سندس محبت هئي تہ ٻئي ڏينھن هو مون کي ڪتاب ڏيڻ لاء رحيم يار خان پھچي ويو. سندس اها محبت ۽ قرب جنھن ۾ سندس ڪو بہ غرض يا برانچ جي انسپيڪشن جي حوالي سان ڪا گهر نہ هئي، مون کي گهڻو متاثر ڪيو. ان کي سال گذري ويا، پر ساڻس پوء وري ملاقات نہ ٿي سگهي آهي. شل جتي هجي خوش هجي.