اسٽيٽ بينڪ جون يادگيريون (4)
مون کي هتي ڪم ڪندي ڪجهہ عرصو ئي ٿيو هو تہ ڪنھن دوست مون کي اچي ٻڌايو تہ تنھنجي پروموشن ٿي آهي جيڪا ڳالھہ منھنجي لاء بلڪل غير متوقع هئي. ڇاڪاڻ تہ منھنجيون ساليانون رپورٽون بہ اوسط درجي جون هيون ۽ ٻي ڳالھہ تہ پروموشن ڪاميٽي جي ميمبرن جي نہ مون کي ڄاڻ هئي ۽ نہ ئي مون ڪنھن کي ان لاء چيو هو. ان سان گڏ مون کي بينڪنگ انسپيڪشن ڊپارٽمنٽ ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو. ڊائريڪٽر مون کي گهرائي چيو تہ آئون توکي ڇڏڻ نہ ٿو چاهيان پر هي گورنر جا آرڊر آهن. ان جي باوجود هن نئين ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر کي فون ڪري چيو تہ رئوف وٽ هن وقت ڪم آهي ۽ اسان کيس ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ فارغ ڪنداسين. اهڙي ريت ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ مون نئون ڊپارٽمنٽ جوائن ڪيو. اسان ٽي ڄڻا هتي ٽرانسفر ٿي آيا هئاسين ۽ ٽنھي کي مختلف بينڪن ۾ رائٽ آف ڪيسن کي ڏسڻ لاء موڪليو ويو. اسٽيٽ بينڪ پاران هڪ طريقہ ڪار مقرر ڪيل آهي، جنھن تحت بينڪن کي اهو اختيار ڏنل آهي تہ اهي اهڙن قرضن کي جن جي بينڪ جي ڪوششن جي باوجود ريڪوري ممڪن نہ هجي، انھن کي پنھنجي اڪائونٽ جي ڪتابن مان ختم ڪري سگهن ٿيون. اسٽيٽ بينڪ پاران اهو ڏٺو ويندو آهي تہ آيا بينڪن پاران ان طريقہ ڪار تي عمل ڪيو ويو آهي يا نہ ۽ جيڪڏهين ڪجهہ ڪيسن ۾ بينڪ پاران گهربل طريقہ ڪار تي عمل نہ ٿيل هوندو آهي تہ پوءِ ان کان پڇاڻو ٿيندو آهي. مون کي ان ڪم لاء ايم سي بي موڪليو ويو. ان جي آفيس سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ مھدي ٽاورز ۾ هئي.
