يونيورسٽي جا استاد
آنرز جي ٻن سالن تائين ايڪانامڪس جو هڪ مضمون هو، جڏهين تہ ٻين لاڳاپيل مضمونن مان ٻن جي چونڊ ڪرڻي پوندي هئي ۽ انگريزي جو مضمون لازمي هوندو هو. ان سلسلي ۾ مون جنرل هسٽري ۽ پوليٽيڪل ٿاٽ جي چونڊ ڪئي هئي پر پوءِ جنرل هسٽري بدلائي سوشيالوجي کنيو. انھن مضمونن جي ڪلاسن لاءِ لاڳاپيل شعبن ۾ وڃڻو هوندو هو، جيڪي هڪٻئي کان فاصلي تي هوندا هئا.
مون ڪاليج ۾ ۽ هتي يونيورسٽي ۾ بہ اهو ڏٺو تہ انگريزي جي ڪلاس ۾ استاد مضمون جي سمجهاڻي بجائي انگريزي جي، اڙدو ۾ ڪندا هئا تہ جيئن شاگردن جي گهڻائي جنھن عام اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ جنھن جي انگريزي ايڏي چڱي نہ هئي، اهي بہ ڳالھہ کي سمجهي سگهن. انگريزي جي ڪلاس ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شاگرد هوندا هئا ۽ انھن ۾ ڇوڪرين جو وڏو تعداد هو. هر ڪو پنھنجي ليکي ڪپڙا پائيندو هو ۽ لباس وغيرہ جي ڪا پابندي نہ هئي. هڪ ڇوڪري جيڪا ٿورو ٺھي جڙي ۽ ميڪ اپ وغيرہ ڪري ايندي هئي تہ ميڊم جي ڪاوڙ جو نشانو ٿي. هن کانئس پڇيو تہ ڇا تون شادي شدہ آهين تہ ڇوڪري نھڪار ۾ جواب ڏنو. ان تي هن کيس چيو تہ پوءِ ايڏو ٺھي جڙي ڇو ٿي اچين. مون کي اڃا تائين اها ڳالھہ سمجه ۾ نہ آئي آهي تہ ڇا اهڙي سوال ڪرڻ جو استاد کي اختيار هو.
پوليٽيڪل ٿاٽ جي ڪلاس ۾ اٽڪل پنجويهہ ٽيهہ کن شاگردن مان رڳو اسان ٻہ ڇوڪرا هئاسين. ڏٺو وڃي تہ اهو ڪراچي يونيورسٽي جو هڪ ٽرينڊ هو، جتي ڇوڪرين جو تعداد جيڪڏهين ڇوڪرن کان وڌيڪ نہ تہ انھن جي برابر ضرور هو.
سوشيالوجي جي استاد ميڊم سڪندرالنساء هئي. ان شعبي ۾ قزلباش، جنھن جي سڄي نالي جي مون کي خبر ناهي، نالي هڪ استاد هوندو هو. کيس هڪ وڏو ڪمرو مليل هو، جنھن ۾ مختلف ثقافتي شيون پيل هونديون هيون. آئون ساڻس ڪڏهين لھہ وچڙ ۾ نہ آيس، پر چيو ويندو هو تہ سندس تعلق خيرپور ميرس سان هو. اهي ضمني مضمون هڪ لحاظ کان ڄڻ انھن مضمونن جو هڪ تعارف ئي هوندو هو. ان سلسلي ۾ نہ تہ استاد گهڻي گهرائي ۾ ويندو هو ۽ نہ شاگرد.
مون جڏهين داخلا ورتي تہ ڊاڪٽر احسان رشيد اڃا ايڪانامڪس ڊپارٽمنٽ ۾ ئي هو. هو ڊپارٽمنٽ جو سربراه بہ رهيو هو ۽ هن هتي اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر بہ قائم ڪيو هو. مون کي سندس هڪ تعارفي ليڪچر ياد آهي. ڪجهہ عرصي کانپوء سندس پروفيسر طور ترقي ٿي ۽ پوءِ هو يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿي ويو.
هڪ سال کانپوء يونيورسٽي ۾ سيمسٽر سسٽم لاڳو ٿي ويو. پراڻي سسٽم جي ڀيٽ ۾ ان ۾ پڙهائي جي حوالي سان وڌيڪ پابندي ۽ ڊسپلن هوندو هو. اڳ سڄو سال موج مستي ڪري شاگرد امتحان کان اڳ مھيني ٻن ۾ پڙهائي لاء سنجيدہ ٿيندا هئا، جڏهين تہ هن ۾ سڄو سال هوشيار رهڻو پوندو هو. وقت بوقت ٿيندڙ ٽيسٽ ۽ اسائنمنٽ وغيرہ کين هرو قت مصروف رکندا هئا. ان ۾ هڪ تہ استاد ۽ شاگرد جو هڪ ويجهو رابطو هوندو هو ۽ ٻيو تہ استاد کي مارڪن وغيرہ ڏيڻ جي حوالي سان گهڻا اختيار حاصل هوندا هئا. پراڻي سسٽم ۾ خاص طور معاشيات جي شعبي ۾ تہ ائين ٿيندو هو تہ جيڪو شاگرد پھرين پوزيشن کڻندو هو، ان جي بہ فرسٽ ڊويزن نہ ايندي هئي جڏهين تہ ان نئين سسٽم ۾ فرسٽ ڊويزن کڻڻ گهڻو سولو ڪم هو. ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ شاگرد تي استاد جو اهو دٻاء نہ هوندو آهي، جيڪو اسڪول ۾ هوندو آهي. هتي گهڻي ڀاڱي سندس پنھنجي مرضي جو عمل دخل هوندو آهي. اهڙي ريت سيمسٽر سسٽم ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۽ استاد سان رابطي ۾ رهڻ اهڙن شاگردن لاء بہ ضروري ٿيو پئي، جيڪو هونئن ان معاملي ۾ گهڻو سنجيدہ نہ هوندا آهن. سڄي پڙهائي، ليڪچر ۽ امتحان وغيرہ انگريزي ۾ ئي ٿيندا هئا ۽ ٻي ڪنھن ٻولي جو آپشن نہ هوندو هو.
مختلف وقتن تي هڪ ئي مضمون جا مختلف استاد رهيا. پھرين ٻن سالن ۾ ايڪانامڪس جو رڳو هڪ مضمون هو جيڪو شروع ۾ هڪ استاد ساجدين پڙهائيندو هو. ڪجهہ عرصي لاء پائلٽ ايم ايم عالم جي ڀاء شاهد عالم بہ اهو مضمون پڙهايو. هن تازو ماسٽرس ۾ پھرين پوزيشن کنئي هئي ۽ ان بنياد تي ليڪچرر ٿيو هو. پڙهائي جي معاملي ۾ هو ڪا رعايت نہ ڏيندو هو. هڪ ڀيري ڪلاس هلندي مينھن شروع ٿي ويو. شاگردن کيس چيو تہ اچ کڻي ڪلاس نہ وٺو تہ اسان ٿورو موسم جو مزو وٺون، پر هن جو چوڻ هو تہ ان موسم ۾ تہ پڙهڻ جو مزو هوندو آهي. مس رابعہ ۽ مسز نجمي بہ اهڙن استادن ۾ هيون، جيڪي ايم اي ۾ پنھنجي فرسٽ پوزيشن جي بنياد تي ليڪچرر مقرر ٿيا هئا. انھن مان پھرين مائڪرو اايڪانامڪس ۽ ٻي ميڪرو ايڪانامڪس پڙهائيندي هئي. اهي اهڙا استاد هوندا هئا جن جو شاگردن سان هڪ رسمي تعلق هوندو هو ۽ انھن سان گهڻو بي تڪلف نہ هوندا هئا. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ انھن مضمونن جو هڪ تعارف هو جيڪي اڳتي هلي آنرز فائنل ۽ ايم اي فائنل ۾ اسان کي پڙهڻا هئا.
ڊاڪٽر سرور رضوي مائڪرو ايڪانامڪس پڙهائيندو هو. هي هڪ سٺي سڀاء جو استاد هو. شاگردن سان سندس رويو پنھنجن ٻارن ۽ دوستن جهڙو هوندو هو. پنھنجي مضمون سان گڏ هو کين سندن آئندي متعلق بہ صلاحون ڏيندو رهندو هو. هن شاگردن کي چيو هو تہ اهو ضروري ناهي تہ يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کانپوء کين ڪا نوڪري وغيرہ ملي ويندي. ان ڪري هو ڪو نہ ڪو هنر جھڙوڪ اليڪٽريشن ۽ پلمبر جو ڪم ضرور سکن ۽ جيڪڏهين ڪو ان ۾ دلچسپي رکي ٿو تہ هو ان جي مدد ڪري سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ڪمري ۾ وڃڻ ۽ ڪا ڳالھہ پڇڻ تي ڪا پابندي نہ هئي پر پڙهائي جي معاملي ۾ هو هڪ اصول پسند شخص هو ۽ ڪنھن کي ڪا بيجا رعايت وغيرہ ڏيڻ جي حق ۾ نہ هوندو هو. ايم اي ڪرڻ کانپوء بہ ساڻس ان لحاظ کان رابطو رهيو تہ هو سڪرنڊ ۽ هالا ۾ ڪپه جي پوک ۽ پيداوار وغيرہ جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ سروي جو اڳواڻ هو، جنھن ٽيم ۾ آئون بہ شامل هوس. اتي مون ڏٺو تہ وٽس سوئي ڌاڳو ٿيلھي ۾ پيل هوندو هو ۽ ڪو ننڍو ٽوپو وغيرہ پاڻ ڏيندو هو. ساڳي وقت ٽيم جي همراهن، جن مان گهڻا سندس شاگرد هئا، سان بي تڪلف هوندو هو.
ڊاڪٽر اشفاق قادري، جيڪو ساڳي وقت ڊپارٽمنٽ جو هيڊ بہ هو، انٽرنيشنل ٽريڊ جو مضمون پڙهائيندو هو. هي انھن استادن مان هوندو هو، جيڪي پنھنجي ڪم سان ڪم رکندا هئا ۽ شاگردن جي گهڻو ويجهو نہ هوندا هئا. پبلڪ فنانس جا ٻہ استاد هوندا هئا. ڊاڪٽر فخرالدين جيڪو گهڻو ڪري شاگردن سان بي تڪلف هوندو هو ۽ ٻيو مطلوب صاحب هو. هي هڪ وڏي عمر جو شخص هو جنھن کي ٻڌڻ جو مسئلو هو ۽ سندس ڪن ۾ ٻڌڻ جو آلو لڳل هوندو هو. گهڻا شاگرد ان جو فائدو وٺي مذاق مستي بہ ڪندا رهندا هئا. ڊاڪٽر سبحاني، جيڪو شايد وزيٽنگ پروفيسر هو ۽ ڪجهہ عرصي لاء هتي آيو هو. مئڪرو ايڪانامڪس پڙهائيندو هو. ان جو پڙهائڻ جو انداز نھايت وڻندڙ هوندو هو ۽ ماڻھو توجھہ سان سندس ليڪچر ٻڌندو هو. احسن صاحب اسٽيٽڪس جو استاد هو. هڪ نرم سڀاء وارو همدرد استاد هو. مون کي خوشي ان ڳالھہ جي آهي تہ هن منھنجي اسٽيٽ بينڪ وڃڻ کانپوء بہ مون کي ياد رکيو. هڪ ڀيري مون کان ڪجهہ سال جونيئر ڪراچي يونيورسٽي جي معاشيات شعبي جو هڪ شاگرد، جنھن جي اسٽيٽ بينڪ ۾ ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ تقرري ٿي هئي جتي آئون بہ ڪم ڪندو هوس، مون سان اچي مليو. هن ٻڌايو تہ احسن صاحب کيس چيو هو تہ اتي منھنجو شاگرد رئوف بہ ڪم ڪري ٿو جيڪو اوهان لاء مددگار ٿيندو. ڪجهہ عرصو اڳ منھنجي پٽ، جيڪو زيبسٽ ۾ ڪم ڪندو آهي، مون کي ٻڌايو تہ وٽن احسن نالي اسٽيٽڪس جو هڪ استاد آهي جيڪو ڪراچي يونيورسٽي ۾ بہ پڙهائيندو رهيو آهي. مون کي فورن ذهن ۾ پنھنجي استاد جو خيال آيو ۽ مون کيس ان متعلق ڪجهہ معلوم ڪرڻ لاء چيو پر هن ٻڌايو تہ هو زيبسٽ ڇڏي وڃي چڪو هو.
اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽرAERC)) نہ رڳو ايڪانامڪس جي شعبي پر پوري يونيورسٽي جو هڪ اثاثو هو. ان کي مختلف عالمي ادارن پاران پروجيڪٽ ۽ انھن لاء فنڊ ملندا هئا. ساڳي وقت هتي ايم فل وغيرہ جا ڪلاس بہ ٿيندا هئا. ان پروجيڪٽ سان گڏ ٻہ آمريڪي استاد پڻ آيا هئا. انھن مان رابرٽ ڪلٽ گارڊ کي يونيورسٽي جي ڪاريڊور ۾ ٽائپ رائٽر کڻي گهمندي ڏسندا هئاسين، جڏهين تہ مائيڪ ويلس اسان کي زرعي معاشيات پڙهائيندو هو ۽ سڪرنڊ ۽ هالا جي ڪپه جي اپت وغيرہ جي پروجيڪٽ ۾ بہ ٽيم سان گڏ هو. منھنجي وقت ۾ ڊاڪٽر حفيظ پاشا ان سينٽر جو ڊائريڪٽر هو. هڪ لحاظ کان اهو سينٽر شعبي جي شاگردن ۽ استادن لاء مالي ۽ علمي لحاظ سان فائديمند هو.
