اسٽيل مل ۽ گلشن حديد
ڪو وقت هوندو هو تہ اسٽيل ٽائون ۽ فيز ون ڪراچي جا اهڙا ايليٽ علائقا سمجهيا ويندا هئا جتي لوڊ شيڊنگ ۽ بجلي وڃڻ جو تصور ئي نہ هوندو هو، جڏهين تہ فيز ٽو سان اهي ساڳيا مسئلا هوندا هئا، جيڪي باقي ڪراچي شھر سان هئا. پاڻي جي سڄي علائقي ۾ فراواني هوندي هئي ۽ سڄو ڏينھن پاڻي پيو ايندو هو. ان دوران اسٽيل مل پاران ڪوشش ورتي ويئي تہ فيزون ۽ اسٽيل ٽائون جي بجلي جو نظام بہ ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پر اتان جا رهائشي ان ڳالھہ تي راضي نہ ٿيا ۽ انھن ماڳيئي احتجاج ڪندي نيشنل هائي وي بند ڪري ڇڏيو. اسان پنھنجن گهڻن دوستن کي سمجهايو تہ ڊگهي مدي ۾ اهو علائقي لاء بھتر رهندو. ڇاڪاڻ تہ مسئلن جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ وٽ پنھنجو نيٽ ورڪ ۽ پيشہ ورانا مھارت آهي ۽ اها ان کي بھتر نموني سان هلائي سگهندي. پر کين ان وقت اها ڳالھہ سمجه ۾ نہ آئي ۽ کين اهو ئي نظر پئي آيو جيڪو سامھون هو.
صورتحال بدلجي ويئي. پنھنجي معاشي بحران جي ڪري اسٽيل مل ماڻھن کان بجلي جا بل وٺڻ جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ کي ادائيگي نہ پئي ڪري. نتيجي ۾ سڄي اسٽيل ٽائون ۽ فيز ون جي بجلي ڪٽجي ويئي ۽ ڪيترا ڏينھن ماڻھو لاڳيتو ان تڪليف ۾ رهيا. اهو سلسلو وقفي وقفي سان پوءِ بہ هلندو رهيو آهي. تازو ڪالھہ ٻنھي علائقن ۾ صبوح اٺين کان رات ٻارنھين وڳي تائين بجلي نہ هئي جڏهين تہ فيز ٽو جي اها صورتحال آهي تہ بھتر ادائيگي جي ڪري اهو شھر جي انھن علائقن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جتي لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي ويئي آهي. اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ اڳتي فيز ون ۽ اسٽيل ٽائون جي خاص طور بجلي جي صورتحال ڇا هوندي.
