آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

منھنجيون سواريون

منھنجي سڄي حياتي ڪراچي ۾ ئي گذري آهي. ان سڄي عرصي ۾ مون شھر ۽ خاص طور هتان جي سوارين کي تبديل ٿيندي ڏٺو آهي. ننڍي هوندي جي ڳالھہ آهي تہ شھر ۾ سرڪلر ريلوي شروع ٿي هئي، جيڪا ان وقت واري شھر جي گهڻي حصي ۾ هلندي هئي. پنھنجي ڏاڏا سان ان ۾ مون وزير مينشن کان ڊرگ روڊ تائين سفر ڪيو هو. اها ٽرين گهڻو عرصو هلندي رهي. بينڪ ۾ منھنجي نوڪري دوران ناظم آباد ۾ رهندڙ بينڪ جا گهڻا ملازم ان ٽرين وسيلي بينڪ ايندا هئا. هيءَ ٽرين هاڻي بند ٿي ويئي آهي ۽ وزير مينشن هن وقت مڇرڪالوني بڻجي چڪي آهي. ان سسٽم کي بحال ڪرڻ جا ڪيئي اعلان ۽ رٿائون خاص طور ٽرانسپورٽ مافيا جي اثر رسوخ ڪري هيستائين بي نتيجي ئي رهيون آهن.
هاڻي بس اها بہ رڳو هڪ ڳالھہ ۽ يادگيري آهي تہ ڪراچي ۾ ٽرام هلندي هئي، جيڪا ڪينٽ اسٽيشن، صدر، ڪيماڙي ۽ چاڪيواڙي ويندي هئي. آئون ان ۾ صدر ۽ بندرروڊ تي ڪنھن سينيما ۾ فلم ڏسڻ ويندو هوس. ان جي رفتار اهڙي هوندي هئي جو ماڻھو کي هلندڙ گاڏي مان بہ لھندي ڪا ڏکيائي نہ ٿيندي هئي. شھر جي ماڻھن لاء ان سھولت کي ان عذرتي بند ڪيو ويو تہ ان سان شھر جي وڌنڌڙ ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي جڏهين تہ ساڳي ٽرام ڪراچي کان گهڻي وڏي شھر ڪلڪتي ۾هلندي رهي.
لي مارڪيٽ کان لياري جي مختلف علائقن تائين ٽانگا هلندا هئا. دوستن سان ملڻ ۽ ٻئي ڪم ڪار سان ڪڏهين پنڌ تہ ڪڏهين انھن ٽانگن ۾ وڃڻ ٿيندو هو. بسن، ويگنن ۽ چنگ چي رڪشائن جي اچڻ ڪري انھن جو استعمال گهٽجي اٽڪل ختم ٿي ويو آهي. ٽانگي جي سواري جڏهين منھنجو بابا سان کھڙا وڃڻ ٿيندو هو تہ اتي بہ استعمال ڪندا هئاسين پر ڪجهہ سال اڳ جڏهين منھنجو اتي وڃڻ ٿيو تہ ٽانگن جي جاء تي رڪشا ۽ چنگچي اچي ويا هئا. خاص طور عيد جي موقعي تي بابا سان وڪٽوريا ۾ صدر ۾ گلزار هوٽل ۾ آئسڪريم کائڻ ويندا هئاسين. هاڻي شھر جي هل هنگامي ۾ اها وڪٽوريا بہ الائي ڪيڏانھن گم ٿي ويئي آهي.
منھنجي اسڪول ۽ پوء انٽرميڊيٽ تائين ڪاليج گهر جي ويجهو هوندا هئا. ان ڪري ڪنھن سواري جي ضرورت پيش نہ ايندي هئي ۽ اتي پنڌ ئي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. پوءِ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ سان اها صورتحال بدلجي ويئي. يونيورسٽي لاء پوائنٽ جي بس ٽاور تان ملندي هئي. گهڻو ڪري ٽاور تائين پنڌ ئي ايندو هوس. ڪڏهين ائين ٿيندو هو تہ بس نہ ايندي هئي تہ پوء ٻين شاگردن سان گڏجي گرومندر ويندا هئاسين، جتان يونيورسٽي جي بس ۾ ويندا هئاسين. واپسي ۾ ڏينھن جو ٻارنھن کان هر ڪلاڪ کان پوء شھر جي مختلف علائقن لاء پوائنٽ جون بسون هلنديون هيون. آئون ڪڏهين ٽاور تہ ڪڏهين ليمارڪيٽ جي پوائنٽ ۾ گهر ايندو هوس. ائين بہ ٿيندو هو تہ ڪڏهين ڪنھن دوست سان ۽ ڪڏهين اڪيلو شھر جي ڪنھن ٻئي علائقي جھڙوڪ ناظم آباد ۽ طارق روڊ وغيرہ ڏانھن نڪري ويندو هوس.
يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کانپوء ڪجهہ عرصو مون سنڌ گورنمنٽ ۾ نوڪري ڪئي تہ گهڻو ڪري ٽاور کان فريئر روڊ تائين بس ۾ سفر ڪندو هوس. جڏهين اسٽيٽ بينڪ ۾ نوڪري ملي تہ بس جو معاملو ختم ٿي ويو. ڇاڪاڻ تہ بينڪ ٽاور تي هئي ۽ منھنجو ٽاور تائين پنڌ اچڻ جو سالن کان روٽين هو. ڪجهہ عرصي کان پوء جڏهين منھنجي شاهين ڪامپليڪس ۾ بدلي ٿي تہ آئون ڪڏهين ٽاور کان اچي بس ۾ سوار ٿيندو هوس پر گهڻو ڪري ليمارڪيٽ، ڀيم پورا، لائٽ هائوس ۽ پاڪستان چوڪ کان ٿيندو پنڌ ئي آفيس ويندو هوس ۽ واپسي ۾ بہ منھنجو اهو ئي رستو هوندو هو. جڏهين صدر، بندر روڊ ۽ شھر جي ٻين علائقن جھڙوڪ لالو کيت، فيڊرل بي ۽ سي ايريا ۽ ناظم آباد وغيرہ دوستن سان ملڻ ۽ ڪنھن گڏجاڻي لاء وڃڻ ٿيندو هو تہ بس يا وين وغيرہ جو استعمال ڪبو هو. رمپا پلازا ۾ ٿيندڙ سنگت جي گڏجاڻي کان پوء اڪثر دوستن سان گڏجي پنڌ ئي گهر اچبو هو.
اٽڪل 1984 کان منھنجو مائٽن وٽ گلشن حديد اچڻ شروع ٿيو ۽ پوء نومبر 1997 ۾ مون پاڻ هتي رهائش اختيار ڪئي. هتي شروع ۾ ليمارڪيٽ مان A 51 بس هلندي هئي ۽ يا وري ٺٽي جي بس ۾ نيشنل هائي وي تي لھي پوء اندر اچبو هو. ڪراچي ۾ جڏهين ڪوچ سروس شروع ٿي تہ گلشن حديد لاء بہ پھرين مھراڻ ۽ پوء مسلم ڪوچ شروع ٿي. مھراڻ تہ بند ٿي ويئي جڏهين تہ مسلم اڃا هلي پيئي. مختلف وقتن تي مختلف نالن ۽ نمبرن سان سرڪار پاران هتي بس سروس شروع ڪئي ويئي جيڪا ڪجهہ وقت کانپوء بند ٿي ٿي ويئي. هن وقت هتي ماڻھن کي ٽاور کان هلندڙ ريڊ بس جي سھولت حاصل آهي.
چون ٿا تہ ڪنھن وقت ۾ شھر ۾ ڊبل ٽيڪر بس هلندي هئي ۽ ماڻھو بس ۾ سوار ٿيڻ لاء لائين لڳائيندا هئا، پر منھنجي مشاهدي ۾ اهي ڳالھيون نہ آيون. باقي شھر ۾ مختلف نمبرن واريون مختلف علائقن ڏانھن ويندڙ وڏيون بسون هونديون هيون جن مان گهڻن ۾ مون اڪثر سفر ڪيو. اهي بسون هن وقت شھر مان ختم ٿي چڪيون آهن ۽ شايد ئي ڪا روڊ تي نظر اچي. انھن جي جاء هيڊي رنگ جي وينن ورتي جن جي سروس جي ڪري انھن کي Yellow Devil بہ چيو ويندو هو. اسي جي ڏهاڪي ۾ بشرا زيدي جو حادثو جيڪو شھر ۾ فسادن جو ڪارڻ بڻيو اهو انھن جي ڪري ئي ٿيو هو.
دنيا جي ٻين وڏن شھرن جيان ڪراچي کي بہ ماس ٽرانزٽ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ شھر اندر هلندڙ ٽرين ئي ان مسئلي جو واحد حل ٿي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ گهڻيون ڳالھيون ٰ۽ رٿائون ٺاهيون وڃن ٿيون پر اها خبر ناهي تہ ان تي عمل ڪڏهين ٿيندو.