آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڊپ

ڪي واقعا، ڳالھيون، ڊپ وغيرہ ماڻھو جي لاشعور جو حصو بڻجي ويندا آهن ۽ پوءِ سڄي زندگي ان سان گڏ رهندا آهن. مون سان اهڙو هڪ واقعو ٿيو، جڏهين آئون اسڪول ۾ پڙهندو هوس. جنھن گهٽي مان آئون اسڪول کان واپسي تي لنگهندو هوس اتي مسڪين ٽيلرز جي نالي سان درزي جو هڪ دوڪان هو. هڪ ڀيري اسڪول مان موڪل ملڻ کانپوءِ آئون ڪتاب کنيو پنھنجن ئي خيالن ۾ اڪيلو گهر پئي ويس تہ هن دوڪان جي پوڙهي مالڪ اچي مون کي زوردار چماٽ هنئي. آئون بلڪل وائڙو ٿي ويس تہ هي ڇا ٿي ويو ۽ وٺي اتان ڊوڙ پاتم. شايد ڪجهہ وقت اڳ ان همراه کي ڪي ڇوڪرا تنگ ڪري ويا هئا ۽ هن سمجهيو تہ آئون انھن مان ئي آهيان. جيتوڻيڪ ان ڳالھہ کي اٽڪل پنجاه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر جڏهين بہ مون کي اهو واقعو ياد ايندو آهي تہ آئون پنھنجي ان ڳٽي کي ضرورهٿ سان ڇھندو آهيان جنھن تي چماٽ لڳي هئي.