آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

سنڌي ٻولي ۽ آئون

سنڌ جي ٻين علائقن جيان اسان جو جنم ۽ پالنا اهڙي ماحول ۾ ناهي ٿي، جتي سڀ هڪ ٻولي ڳالھائيندڙ ۽ هڪ ئي ڪلچر ۽ طور طريقي جا ماڻھو رهندا هجن ۽ ماڻھو جي سڃاڻپ ڪو مسئلو نہ هجي. اسان هڪ سنڌي گهراڻي ۾ جنم ورتو، جتي سنڌي ڳالھائي ويندي هئي. ان جي باوجود تہ اسان جي ڪجهہ مائٽن وقت جي ڌارا کي ڏسندي پنھنجن ٻارن کي اڙدو ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرايو پر اسان جي مائٽن اسان جي تعليم لاء سنڌي ميِڊيم کي ئي ترجيح ڏني، جيڪا انٽرميڊيٽ تائين رهي.
ان کانسواء ٻيو سڄو ماحول مختلف هو. 1970 جي ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان جي ڪراچي مان نڪرڻ تائين ڪا روزاني سنڌي اخبار هتان شائع نہ ٿيندي هئي. گهر ۾ اڙدو اخبارن ۽ رسالن جو ماحول هوندو هو. ساڳي ريت لياري هڪ اهڙو علائقو رهيو آهي جتي مختلف ٻوليون ۽ لھجا مروج آهن. اسان سان اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بلوچ، ڪڇي ۽ ڪاٺياواڙي شاگرد هوندا هئا جيڪي پنھنجي پنھنجي لھجي ۾ سنڌي ڳالھائيندا هئا. ساڳي ريت پاڙي ۾ بہ اسان جي دوستن ۾ انھن ماڻھن جو وڏو تعداد هوندو هو، جن سان راند روند ۾ سڄو ڏينھن گذرندو هو ۽ گهڻن جي گهرن ۾ بہ اچڻ وڃڻ هوندو هو. ان کانپوء جڏهين ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي تہ اتي اڙدو ئي مروج ٻولي هئي. اسان جي معاشيات جي شعبي ۾ مون کانسواء ٻيو ڪو بہ سنڌي ڳالھائيندڙ شاگرد يا استاد نہ هو. ٻين شعبن ۾ ڪجهہ شاگرد هوندا هئا جن سان وقت گذرڻ سان گڏ منھنجو واسطو پيو.
لياري ۾ اهڙن سنڌين جو پڻ وڏو.تعداد رهي ٿو، جن مختلف ڪارڻن جي ڪري سو ڏيڍ سو سال اڳ سنڌ جي مختلف علائقن مان اچي هتي رهائش اختيار ڪئي هئي. انھن ۾ گهڻو تعداد ٺٽي ۽ ان جي ويجهڙ وارن علائقن سان هو پر ٻين هنڌن جا ماڻھو پڻ انھن ۾ شامل هئا، جيئن اسان جو خاندان هتي ڏيڍ سو سال کن اڳ کھڙا مان اچي آباد ٿيو. اهي ماڻھو مقامي ماحول ۾ ايترو رنڱجي ويا جو انھن کي ٻين مقامي ماڻھن کان ڌار ڪرڻ ڏکيو هو. اهڙي ريت جيڪا سنڌي اسان جي گهرن ۾ ڳالھائي ويندي هئي ان ۾ انھن سڀني ٻولين، لھجن ۽ ماحول جو اثر موجود هوندو هو.
ڪراچي ۾ 1970 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ٻين علائقن مان ماڻھن جو وڏي تعداد ۾ اچڻ شروع ٿيو. ساڳي وقت منھنجو سنڌ جي سياست ۽ سنڌي ادب سان پڻ واسطو پيو. ان حوالي سان گهڻن ماڻھن سان واسطو پيو. مون کي پھريون ڀيرو اهو محسوس ٿيو تہ ڪراچي جي سنڌين جي ٻولي جي حوالي سان انھن کي گهڻا اعتراض هوندا هئا ۽ گهڻا انھن جي ڳالھائڻ ۽ لکڻ تي ٺٺوليون بہ ڪندا هئا. عام ماڻھو تي تہ ان جو ڪو اثر نہ ٿيندو هو پر جن ماڻھن جو ادب ۽ لکڻ پڙهڻ سان واسطو هوندو هو ۽ جيڪي اهڙين محفلن ۾ اٿندا ويھندا هئا اهي انھن ڳالھين کي محسوس ڪندا هئا. گهڻن جي اها ڪوشش هوندي هئي تہ سنڌي ڳالھائڻ ۽ لکڻ وغيرہ کي طئي ٿيل ادبي معيار مطابق ڪجي. ان سلسلي ۾ هڪ وڏو مثال ڊاڪٽر فيروز جو آهي، جنھن شروعاتي تعليم ڪراچي جي سنڌي اسڪولن ۾ ورتي هئي. پر پوء هڪ ڊگهو عرصو شھر جي هڪ مختلف ماحول ۽ پرڏيھہ ۾ رهڻ ڪري ان سان تعلق گهٽجي ويوهو. هو سنڌي رواني سان ڳالھائيندو هو ۽ پرڏيھہ مان هتي موٽي اچڻ کانپوء هن جڏهين پنھنجيون سرگرميون شروع ڪيون تہ سنڌي لکڻ تي خاص توجھہ ڏنو. هو انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ۾ بہ لکندو هو ۽ اردو رسالي پاڪستان فورم سان گڏ هن سنڌي ۾ ساڻيهہ جي نالي سان رسالو جاري ڪيو ۽ گهڻن سنڌي ليکڪن کي گرامر ۽ تلفظ وغيرہ جي حوالي سان صلاحون ڏيندو هو.
جيستائين آئون لياري جي ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ هئس ۽ اتان جي ئي دوستن سان منھنجو واسطو هوندو هو تيستائين منھنجي لاء ٻولي جي لھجي ۽ گرامر وغيرہ جي لحاظ کان ڪو مسئلو نہ هو. ڇاڪاڻ تہ هو بہ ان ماحول جا ئي ماڻھو هئا ۽ انھن کي ڪو فرق محسوس نہ ٿي ٿيو. مسئلو ان وقت سامھون آيو، جڏهين منھنجو واسطو انھن ماڻھن سان پيو جيڪي سنڌ جي ٻين شھرن مان هتي اچي آباد ٿيا هئا. انھن لاء ٻولي رڳو اها ئي درست ۽ قابل قبول هئي جيڪا هو ڳالھائيندا ۽ لکندا هئا. جيئن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف لھجا رائج آهن. اهڙي ريت لياري جو پڻ هڪ پنھنجو لھجو ۽ ٻولي سان پنھنجي حساسيت آهي، جنھن کي انھن ماڻھن نہ ٿي سمجهيو ۽ نہ ئي ان ڳالھہ کي محسوس ڪيو ٿي تہ ان وقت جي ماحول ۾ ڪراچي ۾ رڳو پنھنجي ٻولي کي بچائڻ ڪيترو ڏکيو هو. هڪ ڀيري حليم بروهي جي گهر وڃڻ ٿيو تہ هن پنھنجي زال، جيڪا اڳ ئي حليم سان گڏ اسان جي لياري واري گهر اچي چڪي هئي، سان منھنجو تعارف ڪرائيندي چيو تہ هي اهي ماڻھو آهن، جن ڪراچي ۾ رهندي پنھنجي ٻولي کي محفوظ رکيو آهي.
آئون ان خيال جو آهيان تہ ٻولي ۽ ان جي لھجن ۾ علائقي ۽ ماحول جي لحاظ کان فرق هڪ فطري ڳالھہ ۽ ٻولي جي سونھن آهي. بھرحال ان جي باوجود تہ منھنجي لکڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ اڃا تائين منھنجي ماحول جو اثر آهي ۽ گهڻا اڃا بہ ان جي نشاندہي ڪندا رهندا آهن پر ان سڄي صورتحال ۾ منھنجي ڪوشش اها رهي آهي تہ ان ٻولي ۽ لھجي سان مطابقت پيدا ڪجي جنھن کي ادبي لحاظ کان معياري سمجهيو وڃي ٿو.