آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪرڪيٽ

ڪڏهين ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ ۽ ايستائين تہ ريڊيو تي رننگ ڪامينٽري ٻڌڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. پنھنجي پسند جي رانديگرن جي راند ڏسڻ لاء ڪڏهين آفيس مان بہ موڪل ڪري وٺبي هئي. ماجد خان جي نيوزيلينڊ خلاف پھرئين سيشن ۾ سينچري مون کي ياد آهي. اها اننگ هڪ دوست سان گڏ يونيورسٽي مان موٽندي نيشنل اسٽيڊيم ٻاهران ٽڪري تي ويھي ڏٺي هئي. ان وقت اسٽيڊيم کي اوچيون ديوارون ڏنل نہ هيون ۽ نہ ئي شھر ايترو ڦھليل هو. پر هاڻي اهو ڪريز ناهي رهيو. ممڪن آهي تہ ان جو ڪارڻ منھنجي عمر هجي. پر ساڳي وقت ڪرڪيٽ ۾ هڪ تہ ميچ فڪسنگ وغيرہ جا جيڪي اسڪينڊل آيا آهن، انھن دلچسپي گهٽائي ڇڏي آهي. اها راند هاڻي جنٽلمين راند ناهي رهي، جيئن پھرين سمجهي ويندي هئي. ٻي ڳالھہ تہ ڪرڪيٽ جي گهڻائي پڻ دلچسپي گهٽ ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. بھرحال اڃا ٿورو گهڻو شوق باقي آهي ۽ جتي سٺي راند جي توقع هوندي آهي تہ اها ڪوشش ڪري ڏسبي آهي.