آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (4)

ڀورومل جو تعلق ٽنڊو جان محمد ٿرپارڪر سان هو. هن سان هڪ مسئلو تہ هن جو هندو هئڻ هو، جنھن جي ڪري، ايستائين تہ پٽيوالا بہ ساڻس امتيازي ورتاءُ ڪندا هئا. هن جي دوستي گهڻو ڪري سنڌي آفيسرن سان هوندي هئي. هڪ ڀيري اسان کي خبر پيئي تہ جيڪو پٽيوالو چانھن پياريندو هو، ان ماڳيئي سندس مگ ئي ڌار ڪري رکيو هو.اهو رڳو ان پٽيوالي جو مسئلو نہ ھو، پر ماڻھن جي عام ذهنيت هئي. جيتوڻيڪ اسان ان پٽيوالي کي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي، پر اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ هن ان تي ڪيترو عمل ڪيو. اها ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جهڙي هئي تہ اهو ساڳيو ورتاءُ عيسائي اسٽاف ۽ آفيسرن سان نہ ڪيو ويندو هو ۽ انھن سان گڏ کائڻ پيئڻ ڪو عيب نہ سمجهيو ويندو هو. ريسرچ ۾ ڀورو مل سان دوستي هوندي هئي پر ساڻس ڪم ڪرڻ جو موقعو ان وقت مليو جڏهين اسان ٻنھي کي انڊسٽريل ڪريڊٽ ڊپارٽمنٽ ۾ موڪليو ويو. هن سان ساڳي وقت ننڊ جو مسئلو بہ هو. سڄي رات جاڳڻ کانپوء صبوح مھل کيس ننڊ ايندي هئي جنھن جي ڪري آفيس ۾ هو ريگيولر نہ پي ٿي سگهيو. کيس ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر سميت مختلف ماڻھن ان سلسلي ۾ مختلف ٽوٽڪا ۽ علاج ٻڌايا ۽ هن پاڻ بہ گهڻن ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن وغيرہ سان رجوع ڪيو پر سندس اهو مسئلو ٺيڪ نہ ٿي سگهيو. نوڪري دوران ئي هڪ ڀيري سڙڪ پار ڪندي گاڏي جي ٽڪر سان سندس ٽنگ ۾ فريڪچر ٿي ويو. بينڪ مان هن رٽائرمنٽ ورتي ۽ بيماري ۾ ئي سندس انتقال ٿي ويو.
هتي ريسرچ ۾ ئي مون کان گهڻي وڏي عمر واري پر منھنجي ئي گريڊ ۾ شاهد صديقي جي نالي سان هڪ آفيسر ڪم ڪندو هو. هو اڙدو جي ليکڪ ابوالفضل صديقي جو پٽ هو. هو ڊپارٽمنٽ جي سڀني وڏن آفيسرن جو همعصر ۽ دوست هو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن وٽ صبوح شام چانہ پيئڻ لاء ويٺو هوندو هو. پر سندس سالياني رپورٽ لاڳيتو خراب هوندي هئي ۽ آفيس جي ڪم کان بہ سندس کتو جواب هوندو هو. سندس اڳتي نہ وڌڻ جو اهو بہ هڪ ڪارڻ هو. سندس پيءَ جي وفات تي هڪ دوست سان گڏجي آئون ناظم آباد ۾ سندس گهر ويو هوس. هاڻي ساڻس ڪو رابطو ناهي.
ريسرچ مان مون سان جن همراهن کي بدلي ڪيو ويو انھن ۾ سعد اسلم نالي هڪ نوجوان بہ هو. ان وقت بينڪ ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال ايترو عام نہ ٿيو هو. مختلف عالمي ادارن پاران مليل گهڻا ڪمپيوٽر دٻن ۾ بند پيا هوندا هئا ۽ جيڪي استعمال ۾ هوندا هئا اهي بہ خاص اهتمام سان رکيا ويندا هئا ۽ رڳو خاص ماڻھو انھن کي استعمال ڪري سگهندا هئا. بينڪ ۾ جيڪو نئون ڪيڊر آيو اهو ان ڪمپيوٽر جي استعمال کان چڱي ريت واقف هو. هي نوجوان بہ انھن مان هڪ هو. ان جي هوندي اسان جي لاء وڏي سھولت هوندي هئي. گهڻيون رپورٽون وغيرہ جن جي ٽائپ وغيرہ ٿيڻ ۾ گهڻو وقت ۽ محنت کپندي هئي. پر ان جي هوندي اسان جو ڪم گهڻو سولو ٿي پيو هو. هي هڪ رٽائرڊ ڪرنل جو پٽ هو ۽ سندس پي بہ هڪ ٻہ ڀيرا آفيس ساڻس ملڻ آيو هو ۽ مون سان بہ ان جي ملاقات ٿي هئي. ان وقت بينڪ پرڏيھي تعليمي ادارن ۾ ايم ايس وغيرہ لاء هڪ سال جي اسڪالرشپ ڏيندي هئي. سعد بہ ان لاء درخواست ڏني هئي پر ان بنياد تي کيس اها اسڪالرشپ نہ ملي تہ جيڪي همراه ٻاهر وڃن ٿا اهي وري موٽي نہ ٿا اچن. پر ڪجهہ وقت کانپوء پنھنجي پيءُ جي مالي مدد سان هو پي ايچ ڊي لاء آمريڪا هليو ويو. پي ايچ ڊي مڪمل ڪري هو اتي ئي رهي پيو. جڏهين سندس لاهور اچڻ ٿيندو هو تہ مون سان فون تي ضرور رابطو ڪندو هو. هينئر گهڻي عرصي کان ساڻس ڪو رابطو ناهي ٿيو.
صنعتي قرضن جي ان شعبي ۾ اسٽيٽڪس ڊپارٽمنٽ جو هڪ آفيسر بہ هوندو هو. منھنجي اتي وڃڻ مھل اتي عبدالحق اعواڻ هو. جنھن جي بدلي ٿي چڪي هئي ۽ ان جي جاءِ تي عبيدﷲ کي موڪليو ويو هو. هن جو واسطو سوات سان هو. هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان جو ماڻھو هو. پنھنجي پيءُ متعلق ٻڌائيندو هو تہ ان کي حڪمت جي گهڻي ڄاڻ هئي ۽ هو پنھنجي جواني ۾ هندوستان جي گهڻن شھرن ۾ پڻ ويو هو. ڪمپيوٽر متعلق ڄاڻ هن نھايت تيزي سان حاصل ڪري ورتي هئي ۽ ڊپارٽمنٽ جي ڪم ۾ گهڻو سھڪار ڪندو هو. هن بہ جنرل سائيڊ جو آپشن ڏنو هو، جنھن جي ڪري هن ڊپارٽمنٽ جي ختم ٿيڻ کانپوء بہ اسان ٻين شعبن ۾ گهڻي عرصي تائين گڏجي ڪم ڪيو. منجهس هڪ ڳالھہ اها هوندي هئي تہ هو غلط ڳالھہ برداشت نہ ڪندو هو پوءِ ڀلي ڪير بہ هجي. سوات ۾ طالبان جي ڪارواين وقت هڪ بم چابھار ۾ سندس گهر ۾ پڻ ڪريو هو، پر ان سان ڪو جاني نقصان نہ ٿيو هو. رٽائرمنٽ کانپوءِ هو ڪراچي مان پنھنجو گهر وغيرہ وڪڻي سوات هليو ويو. ساڻس رابطو نہ هئڻ برابر آهي.
هتي اسٽيٽڪس ڊپارٽمنٽ جو هڪ ٻيو آفيسر محمد رستم بہ اسان سان گڏ هو. هي هندڪو ڳالھائيندڙ هو ۽ سندس واسطو ٺنڍياني سان هو. هن بہ جنرل سائيڊ جو آپشن ڏنو هو. ان ڪري واپس پنھنجي ڊپارٽمنٽ ۾ نہ ويو. پر ڊپارٽمنٽ جي ختم ٿيڻ کانپوء هن جي پوسٽنگ بينڪ جي ٻين شعبن ۾ ٿي. ساڻس تعلق قائم رهيو. رٽائرمنٽ کانپوءِ بہ سندس رهائش ڪراچي ۾ ئي آهي ۽ ڪڏهين ڪڏهين ملاقات ۽ فون يا فيس بڪ وغيرہ تي رابطو ٿي ويندو آهي.