آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪتابن جي ڏي وٺ

منھنجي اها عادت آهي تہ ڪنھن دوست کان جيڪڏهين ڪو ڪتاب پڙهڻ لاء وٺندو آهيان تہ پڙهڻ کانپوء انھن کي واپس ڪري ڇڏيندو آهيان. ڪجهہ عرصو اڳ مون پنھنجن ڪجهہ دوستن کان ڪجهہ ڪتاب ورتا جيڪي مون وٽ نہ هئا. پڙهڻ کانپوء مون سندن ٿورا مڃيندي اهي ڪتاب واپس ڪيا ۽ کانئن ٻيا ڪتاب ورتا. ڪجهہ وقت تائين تہ اهو سلسلو هلندو رهيو پر پوء مون کي محسوس ٿيو تہ اهي دوست هاڻي ڪتاب ڏيڻ کان لنوائين ٿا. اهو ان جي باوجود هو تہ انھن دوستن سان ويجهڙائي هئي ۽ کين ان ڳالھہ جو بہ اندازو هو تہ آئون انھن ماڻھن مان نہ آهيان جيڪي ڪتاب وٺي واپس ڪرڻ کي بيوقوفي سمجهندا آهن. بھرحال سندن اهڙي رويي جي ڪري مون کانئن ڪتاب گهرڻ ڇڏي ڏنا. جڏهين تہ مون سان اڪثر ائين ٿيندو آهي تہ گهڻا دوست ڪتاب پڙهڻ لاء وٺي ويندا آهن ۽ پوء واپس نہ ڪندا آهن ۽ نہ ئي آئون کانئن واپسي جي گهر ڪندو آهيان. کين رڳو اها گذارش هوندي آهي تہ اهي ڪتاب پڙهن ضرور.