آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

گهرن جي کوٽ

اسان جو خاندان جڏهين اڇي قبر مان نوآباد منتقل ٿيو تہ اهو هڪ صاف سٿرو علائقو هو. گهر گهڻي ڀاڱي زمين جا يعني هڪ ماڙ هئا. گهٽيون ويڪريون هيون ۽ پاڻي بجلي وغيرہ جي ڪا ڏکيائي نہ هئي. وقت گذرڻ سان علائقي جي گهڻن ماڻھن گهڻ ماڙ عمارتون تعمير ڪرائي، فليٽ پڳڙي تي ڏيئي ڇڏيا. ان سان علائقي جي صورتحال ئي بدلجي ويئي. گهٽين جي گهڻي حصي کي عمارتن ۾ شامل ڪرڻ جي ڪري اهي سوڙهيون ٿي ويون. علائقي جي آبادي گهڻي وڌي ويئي. بجلي، پاڻي ۽ گيس وغيرہ جا مسئلا پيدا ٿي پيا.
مائٽن جي رهڻ جي ڪري منھنجو هن علائقي سان باقاعدي رابطو رهندو آهي. هن وقت صورتحال اها آهي تہ بجلي چوويه ڪلاڪن مان اٺ ڪلاڪ مشڪل سان هوندي آهي. گهڻن گهرن ۾ گيس ناهي. اهڙي ريت پاڻي جي فراهمي بہ باقاعدي ڪونھي.
هن وقت علائقي ۾ هڪ نئين ڳالھہ هلي رهي آهي. پڳڙي سسٽم ۾ اڻ لکيل طور مالڪ کي رڳو مسواڙ ۽ مسواڙي جي گهر خالي ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ خاص رقم جو حق هوندو آهي. زوري گهر خالي ڪرائڻ وارو معاملو گهٽ صورتن ۾ ئي ٿيندو آهي. پر هاڻي مالڪ ٺيڪيدارن سان گڏجي زوري نالي ماتر پئسا ڏيئي گهر خالي ڪرائي رهيا آهن. ٺيڪيدار مالڪ کي ان جي عيوض هڪ وڏي رقم ڏين ٿا ۽ پوء اها عمارت ڊاهي ان جي جاء تي نئين عمارت تعمير ڪن ٿا. انھن گهڻ ماڙ عمارتن جي ڪڪڙين جي کڏين جھڙن فليٽن جي قيمت ڪروڙن ۾ آهي. فرق اهو آهي تہ هاڻي اهي بجائي پڳڙي جي مالڪاڻن حقن تي هوندا. حيرت جي ڳالھہ اها آهي تہ علائقي ۾ شھري سھولتن جي خراب حالت جي باوجود بہ ماڻھو ايڏا مھانگا فليٽ وٺن ٿا. ان جو مک ڪارڻ اهو نظر اچي ٿو تہ ماڻھو هن علائقي ۾ هڪ پنهجائپ ۽ تحفظ محسوس ڪن ٿا ۽ ٻي ڳالھہ تہ اهو علائقو شھر جي مک بازارن ۽ آفيسن وغيرہ جي بہ ويجهو آهي جنھن جي ڪري انھن کي سھولت ٿئي ٿي.