آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

زبير الرحمان

زبيرالرحمان بہ گذاري ويو. منھنجو ساڻس تنظيمي طور تي ڪو واسطو نہ هيو. بس هڪ محبت ۽ احترام جو ناتو هو. هو ڪميونسٽ پارٽي سان تہ لاڳاپيل هو پر پنھنجي روزگار لاء هو انشورنس جو ڪم ڪندو هو. هڪ سادي زندگي گذارڻ وارو ماڻھو هو. منھنجي ساڻس ملاقات ادبي گڏجاڻين ۾ تہ ٿيندي هئي پر ڪڏهين ڪڏهين بس ويگن ۾ سفر ڪندي بہ ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. هو گهڻو عرصو بنگال ۾ رهيو هو ۽ شايد سندس پيدائش بہ اتان جي هئي. بنگالي ٻولي جي ادب تي کيس چڱي خاصي دسترس هوندي هئي ۽ هو نذرالاسلام ۽ ٽيگور جو ذڪر ڪندو رهندو هو.