آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

محمد امين مگسي

محمد امين مگسي گذاري ويو. ڪجهہ ڏينھن اڳ فيس بڪ تي سندس بيمار هئڻ ۽ اسپتال ۾ داخل هئڻ جي خبر پڙهي هئي پر مون اهو ئي سمجهيو تہ هي دوست جلد صحتياب ٿي ويندو. سندس وفات جي خبر واقعي اوچتي ۽ صدمي واري هئي.
شروع ۾ گلشن حديد اچڻ وقت آئون سنگت ۾ ڪجهہ عرصو سرگرم هوس ۽ ان جي ڪاروباري ڪاميٽي ۾ بہ شامل هوس. پوء مختلف دوستن وچ ۾ سنگت جي عھدن وغيرہ تان جيڪا ڇڪتاڻ شروع ٿي، ان ۾ آئون پاسيرو ٿي ويس. امين گهڻو پوء سنگت ۾ آيو ۽ سيڪريٽري بہ ٿيو. سندس مختلف پروگرامن وغيرہ جي حوالي سان ايس ايم ايس وغيرہ ايندا رهندا هئا پر ساڻس گهڻي واقفيت ۽ ملاقات نہ هئي.
15 فيبروري 2020 تي اسان جي دوست صدرالدين پنھور جي پٽ جي شادي هئي. ان سلسلي ۾ جيڪي دوست حيدرآباد ويا ٿي انھن ۾ امين بہ شامل هو. اتي ساڻس ٿوري ڪچھري ٿي سگهي. ان مان اها خبر پيئي تہ هو رڳو سنگت گلشن حديد يا رابطہ سيڪريٽري طور ڪراچي جي سنگت جي ٻين شاخن تائين محدود نہ هو، پر سندس شھر جي ٻين ترقي پسند تنظيمن جھڙوڪ ارتقاء فورم ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين وغيرہ سان پڻ رابطا هئا ۽ هو انھن جي گڏجاڻين ۾ ويندو رهندو هو. ان دوست سان وڌيڪ لاڳاپو هئڻ يقينن منھنجي لاء لاڀائتو ٿئي ها