اسٽيٽ بينڪ جا دوست (7)
جڏهين ڪي ماڻھو دفتر جي ڪم کان قطع نظر عزت ۽ محبت ڏيندا آهن تہ اها ڳالھہ ڏاڍي سٺي لڳندي آهي. عابد حسين اهڙن ماڻھن مان آهي. سندس واسطو پشاور جي ويجهو پبي جي علائقي سان آهي. هن شننگ اسڪالر شپ تي برطانيا ۾ هڪ سال جو ڪورس بہ ڪيو آهي. پنھنجن دوستن، ٻارن ۽ زال سان محبت ڄڻ سندس طبيعت جو حصو آهي. اسان هڪ يا ٻہ ڀيرا زرعي ترقياتي بينڪ جي انسپيڪشن ۾ گڏ ڪم ڪيو هو. جڏهين ڪراچي مان سندس بدلي پشاور آفيس ٿي تہ سندس خواهش هوندي هئي تہ جڏهين سندس فيميلي اتي نہ هجي تہ جيڪي دوست پشاور اچن، اهي ساڻس گڏ اسٽيٽ بينڪ جي عمارت ۾ ئي کيس مليل فليٽ ۾ رهن. هڪ ڀيري منھنجو پشاور وڃڻ ٿيو تہ ان ڪري تہ آئون ٻئي ڪيڏانھن نڪري نہ وڃان، هو هڪ ٻئي دوست نعمان سان گڏ ايئرپورٽ تي مون کي وٺڻ لاء موجود هو. اهڙي ريت سندس ان فليٽ ۾ گهڻا ڀيرا رهڻ جو موقعو مليو. سندس فليٽ ۾ رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ جي شاعري جا ڪتاب موجود هئا. هو پي ٽي وي ۽ ٻين چينلز تي هڪ ميزبان جي حيثيت ۾ پشتو پروگرام پڻ ڪندو هو. هن وقت سندس پوسٽنگ لاهور آفيس ۾ آهي. هو منھنجي فيس بڪ جي دوستن ۾ شامل آهي. جڏهين بہ کيس منھنجي لاهور اچڻ جي خبر پوندي آهي تہ قرب جي ڪوٺ ضرور ڏيندو آهي. هڪ آزاد طبيعت جو ماڻھو جيڪو ڪنھن وڏي جي ڪاڻ نہ ڪڍندو آهي ۽ انھن جي عزت ڪندو آهي، جيڪي سندس عزت ڪندا آهن.
اسماعيل کوسو جيتوڻيڪ SBP(BSC) جو ملازم هو ۽ ساڻس اسٽيٽ بينڪ ۾ دفتري لحاظ کان ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ مليو، پر ان جي باوجود ساڻس ذاتي لحاظ کان هڪ ويجهو ناتو رهيو آهي. هو ان سياسي تنظيم سان لاڳاپيل هو، جنھن سان منھنجو بہ واسطو رهيو هو. ان کانسواءِ بينڪ ۾ اچڻ کانپوءِ هو ليبر يونين ۽ سبيوا ۾ سرگرم رهيو. هو جيتوڻيڪ انھن تنظيمن ۾ مختلف عھدن تي رهيو، پر منجهس گهڻن جيان ليڊرن واري آڪڙ ناهي. هو هڪ دوستن جي ڪم اچڻ وارو ماڻھو رهيو آهي. ميڊيڪل ڊپارٽمنٽ سان بينڪ جي سڀني ملازمن جو واسطو پوندو آهي. اسماعيل جي ان ڊپارٽمنٽ ۾ پوسٽنگ خاص طور منھنجي لاءِ گهڻي مددگار ثابت ٿي. هينئر جيتوڻيڪ هو رٽائر آهي پر دوستن جي مدد ڪرڻ لاء هروقت تيار هوندو آهي. منھنجي ساڻس ملاقات بہ ٿيندي آهي ۽ فون تي بہ رابطو هوندو آهي. اهڙن دوستن جي موجودگي جو احساس ئي ماڻھو جي لاءِ همت ۽ حوصلي جو باعث هوندو آهي.
