آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (7)

اسٽيٽ بينڪ جي لائبريري ۽ ان جي اسٽاف سان منھنجو شروع کان واسطو رهيو آهي. شروع ۾ منھنجي بينڪ ۾ وڃڻ وقت لائبريري مين بلڊنگ جي پنجين فلور تي هوندي هئي. هڪ تہ ريسرچ جي ڪم جي حوالي سان ۽ ٻيو منھنجي ڪتابن سان ويجهڙائي جي ڪري لائبريري ۾ چڱو وقت گذرندو هو. هتي لائبريرين رياض الدين ۽ ان جو نائب شفيع هوندا هئا. اسان ڪجهہ دوستن جو خاص طور لنچ جو وقت شفيع سان ڪچھري ۾ گذرندو هو. اها لائبريري پوءِ بينڪ آف انڊيا جي عمارت ۾، جتي هن وقت بينڪ جو ميوزيم آهي، منتقل ٿي ويئي. هتي معاشيات، ماليات ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي، جيڪي بينڪ جا اهم ترين شعبا آهن، سان گڏوگڏ ادب، فلسفي ۽ سياسيات وغيرہ جي موضوعن تي پڻ چڱا خاصا ڪتاب آهن. ڊاڪٽر عشرت جي دور ۾ جيئن ٽريننگ وغيرہ جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو، تيئن لائبريري جي اهميت اڃا وڌي ويئي. لائبريري لرننگ ريسورس سينٽر(LRC) جو حصو بڻجي ويئي، جتي پوري بينڪنگ سيڪٽر کي ٽريننگ جون سھولتون مھيا ڪيون وينديون آهن. هتي لائبريري سائنس جي هڪ ڪواليفائيڊ شخص کي لائبريري لاءِ چونڊيو ويو. بشير احمد ضياء نہ رڳو ان ڪم ۾ ڪواليفائڊ هو، پر هن جو ڄڻ لائبريري ۽ ڪتابن سان پيار هو. سندس اها ڪوشش هوندي هئي تہ وڌ ۾ وڌ ماڻھو لائبريري مان فائدو حاصل ڪن. هو ڪتابن جي حوالي سان مختلف پبلشرز ۽ ويب سائٽ وغيرہ سان واسطي ۾ هوندو هو ۽ بينڪ جي ملازمن کي چوندو هو تہ اهي پنھنجي پسند جا ڪتاب ٻڌائين جيڪي پوءِ هو لائبريري ڪاميٽي جي منظوري سان خريد ڪندو هو. اهڙي ريت مون گهڻا ڪتاب ان طريقي سان حاصل ڪيا ۽ پڙهيا. انھن ۾ گهڻا اهڙا ڪتاب بہ هئا، جيڪي پاڪستان ۾ دستياب نہ هئا. هڪ سھڪاري ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻھو. اڪثر چانهہ بسڪوٽ سان تواضع ڪندو هو. کيس دل جو عارضو هو. سندس ٻار پنھنجي پنھنجي ڪرت سان لڳل هئا. هن وقت کان اڳ رٽائرمنٽ وٺڻ ٿي چاهي تہ جيئن منڊي بھاءالدين ۾ پنھنجن ٻارن سان وقت گذاري، پر بينڪ انتظاميا کيس ڇڏڻ لاء تيار نہ هئي. نيٺ ڪجهہ عرصي کانپوءِ هو رٽائرمنٽ وٺي پنھنجي شھر هليو ويو پر هو گهڻو وقت پنھنجن ٻارن سان نہ رهي سگهيو ۽ جلد ئي سندس انتقال ٿي ويو. هي ماڻھو واقعي بينڪ جو اثاثو هو.
جڏهين ڪي ماڻھو دفتر جي ڪم کان قطع نظر عزت ۽ محبت ڏيندا آهن تہ اها ڳالھہ ڏاڍي سٺي لڳندي آهي. عابد حسين اهڙن ماڻھن مان آهي. سندس واسطو پشاور جي ويجهو پبي جي علائقي سان آهي. هن شننگ اسڪالر شپ تي برطانيا ۾ هڪ سال جو ڪورس بہ ڪيو آهي. پنھنجن دوستن، ٻارن ۽ زال سان محبت ڄڻ سندس طبيعت جو حصو آهي. اسان هڪ يا ٻہ ڀيرا زرعي ترقياتي بينڪ جي انسپيڪشن ۾ گڏ ڪم ڪيو هو. جڏهين ڪراچي مان سندس بدلي پشاور آفيس ٿي تہ سندس خواهش هوندي هئي تہ جڏهين سندس فيميلي اتي نہ هجي تہ جيڪي دوست پشاور اچن، اهي ساڻس گڏ اسٽيٽ بينڪ جي عمارت ۾ ئي کيس مليل فليٽ ۾ رهن. هڪ ڀيري منھنجو پشاور وڃڻ ٿيو تہ ان ڪري تہ آئون ٻئي ڪيڏانھن نڪري نہ وڃان، هو هڪ ٻئي دوست نعمان سان گڏ ايئرپورٽ تي مون کي وٺڻ لاء موجود هو. اهڙي ريت سندس ان فليٽ ۾ گهڻا ڀيرا رهڻ جو موقعو مليو. سندس فليٽ ۾ رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ جي شاعري جا ڪتاب موجود هئا. هو پي ٽي وي ۽ ٻين چينلز تي هڪ ميزبان جي حيثيت ۾ پشتو پروگرام پڻ ڪندو هو. هن وقت سندس پوسٽنگ لاهور آفيس ۾ آهي. هو منھنجي فيس بڪ جي دوستن ۾ شامل آهي. جڏهين بہ کيس منھنجي لاهور اچڻ جي خبر پوندي آهي تہ قرب جي ڪوٺ ضرور ڏيندو آهي. هڪ آزاد طبيعت جو ماڻھو جيڪو ڪنھن وڏي جي ڪاڻ نہ ڪڍندو آهي ۽ انھن جي عزت ڪندو آهي، جيڪي سندس عزت ڪندا آهن.
اسماعيل کوسو جيتوڻيڪ SBP(BSC) جو ملازم هو ۽ ساڻس اسٽيٽ بينڪ ۾ دفتري لحاظ کان ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ مليو، پر ان جي باوجود ساڻس ذاتي لحاظ کان هڪ ويجهو ناتو رهيو آهي. هو ان سياسي تنظيم سان لاڳاپيل هو، جنھن سان منھنجو بہ واسطو رهيو هو. ان کانسواءِ بينڪ ۾ اچڻ کانپوءِ هو ليبر يونين ۽ سبيوا ۾ سرگرم رهيو. هو جيتوڻيڪ انھن تنظيمن ۾ مختلف عھدن تي رهيو، پر منجهس گهڻن جيان ليڊرن واري آڪڙ ناهي. هو هڪ دوستن جي ڪم اچڻ وارو ماڻھو رهيو آهي. ميڊيڪل ڊپارٽمنٽ سان بينڪ جي سڀني ملازمن جو واسطو پوندو آهي. اسماعيل جي ان ڊپارٽمنٽ ۾ پوسٽنگ خاص طور منھنجي لاءِ گهڻي مددگار ثابت ٿي. هينئر جيتوڻيڪ هو رٽائر آهي پر دوستن جي مدد ڪرڻ لاء هروقت تيار هوندو آهي. منھنجي ساڻس ملاقات بہ ٿيندي آهي ۽ فون تي بہ رابطو هوندو آهي. اهڙن دوستن جي موجودگي جو احساس ئي ماڻھو جي لاءِ همت ۽ حوصلي جو باعث هوندو آهي.