آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

پوليس 1

دھشت گردي جي ڪارواين جي وڌڻ کان پوءِ پنجاب جي مختلف شھرن ۽ اسلام آباد جي هوٽلن ۾ مھمانن جي چڪاس جو عمل وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي. اصل سڄاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ٻي معلومات بہ ورتي وڃي ٿي. حالتن کي نظر ۾ رکندي اها هڪ معمول جي ڪاروائي لڳي ٿي ۽ ماڻھو کي ان تي ڪو اعتراض بہ نہ ٿو ٿئي. پر ڪجهہ عرصو اڳ ملتان جي هڪ هوٽل ۾ هڪ بلڪل ئي نئين صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو. ملتان ۾ اڪثر ان ئي هوٽل ۾ منھنجي رهائش هوندي آهي ۽ اهڙي ڪنھن صورتحال کي اڳ مون کي منھن نہ ڏيڻو پيو هو. ٿيو ائين تہ هوٽل جي سڄي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آئون رات جو پنھنجي ڪمري ۾ ستو پيو هجان تہ اوچتو دروازي زور سان کڙڪڻ تي منھنجي اک کلي پيئي. مون اٿي درکوليو تہ اتي اٺ ڏه پوليس وارن جو اٽالو هجي. سندن آفيسر پڇيو تہ ڪٿان آيا آهيو ۽ هتي ڪھڙو ڪم آهي. مون کيس ٻڌايو تہ ڪراچي کان هتي پنھنجي ذاتي ڪم سان آيو آهيان. پوء هن اصل سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ جي گهر ڪئي، جيڪو مون کيس ڏيکاريو. پوء بہ ساڻس گڏ پوليس وارا مطمئن نہ ٿي لڳا ۽ انھن ڪمري جي تلاشي وٺڻ ٿي چاهي. پر آفيسر کين چيو تہ ايترو ڪافي آهي ۽ اهڙي ريت اهي موٽي ويا. صبوح جو مون هوٽل جي مينيجر سان ڳالھايو تہ هي سڀ ڇا آهي. اوهان کي پنھنجي ليکي پوليس وغيرہ کي منھن ڏيڻ ۽ مطمئن ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اهي مھمانن کي ائين تنگ نہ ڪن. سندس چوڻ هو تہ سر اهو هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. دھشت گردي جي آڙ ۾ پوليس وقت بوقت ڇاپا هڻي ٿي، جنھن جي ڪري پاڻ اسان جي ڪاروبار تي اثر پئجي رهيو آهي ۽ اسان جي ڪير نہ ٿو ٻڌي.