يونيورسٽي جا دوست
منھنجو يونيورسٽي اچڻ، ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۽ پوء لائبريري ۾ وقت گذارڻ باقاعدگي سان هوندو هو. سيمسٽر جي امتحانن ۾ منھنجي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي هوندي هئي. ڪلاس ۾ مختلف مزاج جا شاگرد هوندا هئا. فخر ۽ سجاد اهي پاڻ ۾ بہ دوست هوندا هئا ۽ انھن جي مون سان بہ ويجهڙائي هوندي هئي. بي اي آنرس جي شروعاتي ٻن سالن ۾ ايڪانامڪس جي مضمون کانسواء ٻہ ٻيا ضمني مضمون کڻڻا پوندا هئا. اهي مضمون جنرل هسٽري، سوشيالوجي، پوليٽيڪل ٿاٽ، پوليٽيڪل سائنس، ميٿميٽڪس ۽ اسٽيٽسڪس وغيرہ هئا. مون سوشيالوجي ۽ پوليٽيڪل ٿاٽ جي چونڊ ڪئي هئي، جڏهين تہ انھن ٻن دوستن ميٿميٽڪس ۽ اسٽيٽڪس جي چونڊ ڪئي. انھن ۾ فخر جو انٽرسائنس جو بيڪ گرائونڊ هئڻ ڪري انھن مضمونن ۾ نہ رڳو اهو تہ کيس ڪا ڏکيائي نہ ٿي، بلڪ هڪ لحاظ کان کيس انھن تي مھارت حاصل هئي. جڏهين تہ سجاد انھن ٻنھي مضمونن ۾ ڪمزور هوندو هو ۽ کيس فخر جي مدد وٺڻي پوندي هئي. فخر جي اها عادت هوندي هئي تہ هو پنھنجن دوستن جي مدد ڪرڻ ۾ پوئتي نہ هٽندو هو ۽ مون اهو محسوس ڪيو تہ کيس ان ڳالھہ ۾ اڃا خوشي محسوس ٿيندي هئي. سندس پيءُ اسٽيٽ بينڪ ۾ آفيسر هو، جڏهين تہ ماءُ بندر روڊ تي ماما پارسي اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. هو پريڊي اسٽريٽ تي اسٽيٽ بينڪ جي فليٽ ۾ پنھنجي ماء پي ۽ وڏي ڀاء، جيڪو آئي بي اي جو شاگرد هو، سان گڏ رهندو هو. اسٽيٽ بينڪ جي اي ٽائيپ فليٽن ۾ هڪ سرونٽ ڪوارٽر بہ هوندو هو، جيڪو رهائشي حصي کان ٿورو ڌار ۽ هٽيل هوندو هو. نوڪر تہ شايد ئي ڪنھن وٽ هو ان ڪري اهو گهڻو ڪري مھمانن ۽ دوستن وغيرہ لاء استعمال ڪيو ويندو هو. اهڙي ريت فخر جي فليٽ جو اهو ڪوارٽر هڪ اسٽڊي روم جو ڪم ڏيندو هو جتي گهڻا دوست اچي گڏ ٿيندا هئا. شھر جي مختلف علائقن مان شاگرد هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. مختلف مضمونن سان گڏوگڏ خاص طور ميٿميٽڪس ۽ اسٽسٽڪس ۾ فخر جي رهنمائي حاصل ڪبي هئي. آئون لياري ۾ پنھنجي گهر مان هتي ايندو هوس. مون کي ياد ٿو پئي تہ جنھن ڏينھن ضياء الحق جو مارشل لاء لڳو هو تہ آئون فخر سان گڏ سندس ان فليٽ تي موجود هوس. ايم اي ڪرڻ کانپوء بہ فخر سان منھنجو تعلق رهيو. يونيورسٽي جي اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر پاران سڪرنڊ ۽ هالا ۾ ڪپه جي پيداوار متعلق هڪ سروي ڪيو پئي ويو. اسان جو استاد ڊاڪٽر سرور ان ٽيم جو اڳواڻ هو. اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪرڻ کانپوء بہ هو ٻہ تي ڀيرا اتي ملاقات لاء آيو هو. پريڊي اسٽريٽ جي بينڪ فليٽن ۾ جيڪي بينڪ جا دوست رهندا هئا، انھن کان سندس خبر چار ملندي رهندي هئي. آخري ڀيرو جڏهين هو مون کي مليو تہ مون کي ٻڌايائين تہ هن پي ايچ دي ڪري ورتي هئي ۽ ان وقت ترڪي جي ڪنھن يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهيو هو. گهڻي عرصي کان سندس ڪا خبر چار ناهي.
سجاد اڪبر ان لحاظ کان فخر جي ويجهو هو تہ هو کيس اسٽيٽسڪس ۽ ميٿميٽڪس جي مضمونن، جن ۾ سجاد ڪمزور هو، مدد ڪندو هو. سندس پنھنجي پڙهائي سان ايتري ڪمٽمنٽ هئي جوپنھنجي گهر فيڊرل بي ايريا کان پريڊي اسٽريٽ جي فليٽن ۾ پڙهڻ ايندو هو. فخر سياسي طرح پنھنجي ڪا ڪمٽمنٽ نہ ڏيکاريندو هو، پر سجاد جو لاڙو پيپلز پارٽي ڏانھن هو. سجاد پوء شايد پڙهڻ وغيرہ لاء ٻاهر ملڪ هليو ويو ۽ ساڻس پوءِ ملاقات نہ ٿي سگهي. فخر ۽ سجاد سان گڏ هڪ ٻيو دوست عين الحسن هوندو هو. هي بنگالي هو، پر بنگلاديش ٺھڻ کانپوء ان جي والدين پاڪستان ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هي هڪ ذهين شاگرد هو ۽ منجهس پنھنجي ليکي اڳتي وڌڻ جي صلاحيت هئي. هن پنھنجي پڙهائي کي جاري رکيو. منھنجي بينڪ ۾ هوندي هو اتي اسان جي هڪ آفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر سان ملڻ ايندو هو. اهي ٻيئي گڏيل طور ڪنھن پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا.
ظفر، پرويز ۽ هڪ ٻيو همراه، جنھن جو نالو تہ الائي ڇا هو پر هو پنھنجن دوستن ۾ ڊپٽي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. اهي اسلامي جميعت جي حمايت ڪندا هئا، پر ان ۾ گهڻو سنجيدہ نہ هوندا هئا ۽ گهڻو ڪري عام شاگردن وارن هلا گلا ۽ موج مستي وارن ڪمن ۾ شامل هوندا هئا. پڙهائي وغيرہ ۾ گهڻي دلچسپي نہ هوندي هئي، پر ائين هوندو هو تہ امتحانن وغيرہ جي وقت سنجيدہ ٿي ويندا هئا ۽ امتحانن ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. انھن مان ظفر سان منھنجو ويجهو ۽ ڊگهو واسطو رهيو ۽ اڃا تائين آهي. هڪ تہ سندس يونيورسٽي ۾ واقفيت گهڻي هوندي هئي ۽ جنھن جو بہ سندس آڏو نالو وٺبو تہ هو ان جو سڄو پس منظر ۽ پيش منظر ٻڌائي ڇڏيندو هو. ٻي ڳالھہ تہ يونيورسٽي ۾ اچڻ جو سندس مقصد پڙهڻ سان گڏوگڏ مزو ڪرڻ بہ هو. سندس خاندان تہ قصور ۾ هوندو هو، پر سندس هڪ وڏو ڀاءُ ڪراچي ۾ فشريز ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ رهندو هو. هي پنھنجي ڀاءُ وٽ ئي رهندو هو. پوءِ اوچتو هو اتان هاسٽل ۾ منتقل ٿي ويو. هن پوء مون کي ٻڌايو تہ هو گهر ۾ پاڻ کي پابند محسوس ڪندو هو. هو اڪثر رات جو دير سان گهر ايندو هو ۽ تيستائين سندس ڀاڀي سندس انتظار ۾ ويٺي هوندي هئي جيڪا کيس ماني وغيرہ ڏيئي پوء وڃي آرام ڪندي هئي. هن پنھنجي ڀاء کي چيو تہ يونيورسٽي پاران هاسٽل ۾ رهڻ لاء چيو ويو آهي ۽ هاڻي هو اتي رهندو. اهڙي ريت کيس ڄڻ پنھنجن دوستن سان وقت گذارڻ ۽ موج مستي ڪرڻ جي آزادي ملي ويئي.
يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کانپوء سندس پھرين ۽ آخري نوڪري اسٽيٽ بينڪ جي هئي، جتي هن اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور جوائن ڪيو هو ۽ مون سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ ڏيڍ سال کن گذارڻ کانپوء ساڳي پوسٽ تي بينڪ کي جوائن ڪيو هو ۽ اسان جي ساٿ جو اهو سفر وري شروع ٿي ويو هو. سندس دوست پرويز پاڪستان ڪاٽن ڪاميٽي جوائن ڪئي هئي. اها آفيس اسٽيٽ بينڪ جي ويجهو مولوي تميزالدين خان روڊ تي هئي ۽ ان ڪري هو اڪثر ظفر سان ملڻ ايندو رهندو هو جنھن جي ڪري منھنجي بہ ساڻس ملاقات ٿي ويندي هئي.
ظفر ڪجهہ عرصي کانپوء پنھنجي خرچ تي پڙهڻ لاء ڪينيدا هليو ويو پر سال ٻن کانپوء ئي ڪا ڊگري وغيرہ حاصل ڪرڻ کانسواء ئي موٽي آيو. هتي بينڪ ۾ سندس شخصيت جا ڪجهہ ٻيا پاسا سامھون آيا، جيڪي يونيورسٽي ۾ ايڏا نمايان نہ هئا. هو وڏن آفيسرن سان ٽڪراء ۾ اچڻ لڳو ۽ ٿوري عرصي ۾ آفيسرز ايسوسيئيشن ۾ سرگرم ٿي ويو ۽ ان جو عھديدار ٿي ويو. ساڳي وقت کيس اهو ڏان بہ هو تہ پنھنجن آفيسرن ۽ دوستن سان سٺا ناتا بہ رکندو هو. اسان ٻنھي هڪ ئي ڊپارٽمنٽ ۾ بہ ڪم ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ بہ. شروع ۾ اسان ڪجهہ سال ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪيو ۽ ان کانپوء 2004 کان ڪجهہ سال بينڪنگ انسپيڪشن ۾ گڏجي ڪم ڪيو، آئون 2014 ۾ رٽائر ٿيس ۽ هو 2016. هو ڪراچي ۾ رهندو آهي ۽ اسان جو رابطو ۽ سماجي ناتا اڃا تائين برقرار آهن.
ڪجهہ اهڙا ڪلاس ميٽ هئا، جن سان يونيورسٽي تائين يا ان کان ٿورو عرصو پوء تائين رابطو رهيو. انھن مان هڪ اعجاز هو جيڪو گڏجي پڙهڻ لاء منھنجي نوآباد واري گهر ايندو هو. هن يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کانپوء پاڪستان اينڊ گلف ايڪانامسٽ مئگزين جوائن ڪيو هو ۽ ساڻس ڪڏهين ڪڏهين ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملاقات ٿيندي هئي..پوء گهڻِي عرصي کان ان سان رابطو ناهي رهيو. هڪ ٻيو طاهر نالي دوست هو، جنھن کي هٿ ڏسڻ جو شوق هو. هي لالو کيٽ ۾ رهندو هو. مون کي ياد آهي تہ هن پنھنجي ڀاء جي شادي جي دعوت ڏني هئي ۽ آئون ان ۾ شرڪت لاء ڏه نمبر لالو کيٽ ويو هوس. فيروز جھڙا ڪجهہ اهڙا بہ دوست هجن ٿا، جن جي جيتوڻيڪ ڪا خاص ڳالھہ نہ ٿي هجي پر هڪ دوست جي حيثيت ۾ انھن جو هڪ احساس اندر ۾ هجي ٿو.
محمود احمد ﷲ والا منھنجو ڪلاس فيلو هو. هو هڪ خاموش طبيعت ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻھو هو. هو جيتوڻيڪ اسلامي جميعت طلبہ سان لاڳاپيل هو پر سياسي لحاظ کان بہ هو گهڻو سرگرم نظر نہ ايندو هو. پر تنظيم ماڻھو جي تربيت ڪري ان کي اڳتي وٺي ويندي آهي ان جي خبر تڏهين پئي، جڏهين هي همراه جميعت پاران شاگرد يونين جي چونڊن ۾ صدر جي عھدي لاء بيٺو ۽ ڪامياب بہ ٿي ويو.
پنھنجي ڊپارٽمنٽ کانسواء يونيورسٽي جي ٻين شعبن جي ڪجهہ دوستن سان بہ تعلق هو.انھن ۾ پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمنٽ جو عثمان هنڱورو ۽ روشن شيخ بہ هئا. عثمان موسا لين ۾ رهندو هو ۽ اهڙي ريت منھنجو پاڙيسري بہ هو. خيالن جي حوالي سان اسان ٻيئي مختلف هئاسين. هو شاه احمد نوراني جي جميعت علماء پاڪستان جو حامي هو جڏهين تہ آئون ترقي پسند خيالن جو هوس. عثمان جو ننڍو ڀاء عبدالرحمان عوامي تحريڪ ۾ هو ۽ اسان جو دوست هو. عثمان جي هڪ خاص ڳالھہ هوندي هئي تہ بحث ۾ ڪڏهين چڙندو نہ هو ۽ نہ تنقيد تي ناراض ٿيندو هو. يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کانپوء هو ليڪچرار ٿيو. عثمان هن وقت ڪلري ۾ رهي ٿو ۽ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي جڏهين تہ سندس ڀاء عبدالرحمان جي وفات ٿي چڪي آهي.
نرگس هودڀائي شايد ان وقت يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ڊپارٽمنٽ ۾ هئي. هو ڊاڪٽر فيروز سان لاڳاپي ۾ هئي ۽ ڊاڪٽر پاران مون کي ساڻس ملڻ لاء چيو ويو هو. نرگس سان يونيورسٽي کان پوء بہ رابطو رهيو. هڪ تہ هو سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ ايندي رهندي هئي ۽ ٻيو تہ سنڌي ۾ لکيل پنھنجي ڪالمن جي ڪتاب شائع ڪرڻ جي سلسلي ۾ منھنجي ڀاء شڪور سان ملڻ لاء هو اسان جي بغدادي لياري واري گهر بہ ايندي هئي جتي، هو گهر جي عورتن سان ويھي ڪچھري ڪندي هئي. نرگس جڏهين گل بھائو جي نالي سان اين جي او قائم ڪئي تہ ان وقت بہ ساڻس ڪجهہ عرصو گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. نرگس جو مڙس لطيف چوڌري بہ منھنجو دوست هو. ڪجهہ عرصو اسان ٻيئي ادارہ امن وانصاف پاران نڪرندڙ رسالي جفاڪش جي ايڊيٽوريل بورڊ جا رڪن هئاسين.
منھنجو گهڻو فارغ وقت لائبريري ۾ گذرندو هو. جييتوڻيڪ لائبريري ۾ مختلف مضمونن جي حوالي سان گهڻا ڪتاب هوندا هئا ۽ مطالعي لاء بہ ماحول گهڻو سازگار هوندو هو پرگهٽ شاگردن جو ئي ان پاسي رجحان هوندو هو ۽ گهٽ شاگرد ئي ان سھولت کي استعمال ڪندا هئا. گهڻو ڪري اهي ڪلاس کانپوء لابي ۾ ڪچھريون پيا ڪندا هئا يا چانھن جي اسٽالن ۽ ڪيفي ٽيريا تي ويٺا هوندا هئا. هتي هڪ تہ منھنجي هڪ بنگالي شاگرد سان واقفيت ٿي ۽ ان سان چڱي خاصي هم آهنگي پيدا ٿي ويئي. هو ڪنھن بہ ريت بنگلاديش وڃڻ جي ڪوششن ۾ هو ۽ هڪ ڏينھن هو لڪ چوري ۾ هتان هليو ويو جنھن جي هن مون سان ڳالھہ بہ ڪئي هئي. لائبريري ۾ هڪ ٻئي همراه سان منھنجي روز ملاقات ٿيندي هئي. هو انگلش ڊپارٽمنٽ جو شاگرد هو ۽ پنھنجو گهڻو وقت لائبريري ۾ گذاريندو هو.
سائنس فيڪلٽي ٿورو فاصلي تي هئي پر سنڌي شعبو ويجهو هو. ان دور ۾ سنڌي شعبي پاران غير سنڌي شاگردن ۽ ٻين کي سنڌي سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪيو ويوهو. ان پروگرام ۾ گهڻن شاگردن جي دلچسپي هوندي هئي. منھنجو هڪ دوست پاڻ ان پروگرام ۾ شامل هو ۽ مون کي ان متعلق ٻڌائيندو ۽ مون سان سنڌي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اها ان دور جي ڳالھہ هئي جڏهين سنڌ ٻولي جي فسادن مان گذري چڪي هئي پر ماڻھن ۾ اڃا گهڻا ويڇا پيدا نہ ٿيا هئا.
ايوب لغاري جرنلزم ڊپارٽمنٽ جو شاگرد هو پر ان سان منھنجي گهڻي هم آهنگي ٿي ويئي هئي. هو سنڌ نيشنل اسٽوڊينٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف) جو صدر رهي چڪو هو ۽ ماضي جو هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن هو. پر هاڻي سندس سڄي توجھہ پنھنجي پڙهائي ۽ ٻين ڪمن ڏانھن هوندي هئي. هڪ ريگيولر شاگرد هوندي هو اسڪول جي سيڪنڊ شفٽ ۾ سنڌي جو استاد بہ هو. کيس صحافت جو گهڻو شوق هوندو هو. اسان ڪجهہ دوستن گڏجي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي استادن خاص طور سائين اياز قادري جي سھڪار سان ٽن ڏينھن جي سنڌي اخبارن جي نمائش بہ منعقد ڪئي هئي جنھن کي يونيورسٽي جي شاگردن وغيرہ پاران سٺي موٽ ملي هئي. ايوب جي يونيورسٽي جي هڪ ڇوڪري سان هم آهنگي ٿي ويئي. هو گهڻو وقت ان سان گذاريندو هو ۽ پوء ٻنھي شادي ڪري ڇڏي هئي. پڙهائي مان فارغ ٿيڻ کانپوء ايوب ڪجهہ عرصو هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور بہ ڪم ڪيو. بھرحال يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کانپوء هڪ ڊگهي عرصي تائين ايوب سان ملاقات نہ ٿي سگهي. ڪجهہ سال اڳ جڏهين چندر ڪيسواڻي جي ڪتاب جي مھورت جي سلسلي ۾ حيدرآباد وڃڻ ٿيو تہ اتي پريس ڪلب ۾ ساڻس ملاقات ٿي. حال احوال ٿيا. هن ٻڌايو تہ هو هاڻي حيدرآباد ۾ رهندو آهي ۽ سندس متعلق معلوم ڪرڻو هجي تہ پريس ڪلب مان پڇا ڪري سگهجي ٿي. بھرحال ان کانپوء ساڻس ڪو رابطو ناهي ٿيو. ايوب ۽ مون سان گڏ سائين اياز قادري جو پٽ افتخار بہ هوندو هو جيڪو ان وقت يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. هن سنڌي اخبارن جي نمائش جي حوالي سان هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيوهو. يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوء ساڻس ڪو رابطو نہ ٿيو آهي. سنڌي شعبي جو هڪ شاگرد لطف لاشاري هوندو هو، جنھن سان ذاتي حوالي سان منھنجي گهڻي ويجهڙائي هوندي هئي پر يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوء ساڻس ڪو رابطو ناهي.
آئون ٽاور کان يونيورسٽي جي پوائنٽ جي بس ۾ ويھندو هوس. ان بس ۾ ٻين شاگردن سان گڏ گلگت بلتستان جا ٽي ڄڻا هلندا هئا، جن مان ٻہ ڄڻا يونيورسٽي جي مختلف شعبن جا شاگرد هئا ۽ هڪ اتي ملازم هو. اهي کارادر ۾ آغاخانين جي هاسٽل، جيڪو هن وقت آغاخان ليباريٽري جو ڪليڪشن يونٽ آهي، ۾ رهندا هئا. منھنجي انھن سان گهڻو ڪري بس لاء ايندي ويندي ملاقات ٿيندي هئي ۽ حال احوال ٿيندا هئا. انھن جو چوڻ هو تہ سندن لاء ڪنھن خاص مضمون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي. ڪنھن بہ مضمون ۾ ڊگري سندن لاء نوڪري جي ضمانت آهي. اهي مذهب وغيرہ جي لحاظ کان آزاد خيال هئا ۽ ان جو کلي طرح اظھار بہ ڪندا هئا، انھن مان هڪ همراه چترال ۾ پرڏيھي سياحن جو گائيڊ بہ رهي چڪو هو ۽ اتان جي رسمن رواجن متعلق عجيب قصا ٻڌائيندو هو. انھن سان يونيورسٽي ۾ هئڻ تائين رابطو رهيو.
ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي تہ اهو سڀڪجهہ ان وقت هو جڏهين يونيورسٽي جو هڪ بلڪل مختلف ماحوال هو. اهو سڀڪجهہ گذريل صدي جي ستر جي ڏهاڪي جو احوال آهي. شاگردن جي يونين هوندي هئي ۽ شاگرد سياست نظرياتي بنيادن تي ٿيندي هئي. نسلي ۽ لساني سياست اڃا زور نہ ورتو هو. هڪ پاسي اسلامي جميعت هوندي هئي تہ ٻئي پاسي ترقي پسند ۽ قوم پرست شاگردن جو اتحاد هوندو هو. ايم ڪيو ايم جي شاگرد ونگ اي پي ايم ايس او اڃا پير کوڙي نہ سگهي هئي ۽ ان کي خاص طور اسلامي جميعت اسٽال وغيرہ لڳائڻ نہ ڏيندي هئي. هٿيارن جو استعمال ايڏو عام نہ ٿيو هو ۽ شاگرد سياست ۾ نسبتن سھپ ۽ برداشت هوندي هئي. ان کانپوء صورتحال ۾ گهڻيون خاصيتي تبديليون آيون آهن.
