آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (10)

بينڪنگ انسپيڪشن ۾ تعيناتي وقت اتي پھرين منھنجو واسطو اسٽيٽ بينڪ ٽريننگ اسڪيم تحت آيل حيدرآباد جي هڪ نوجوان عبدﷲ شيخ سان پيو. ان وقت رائيٽ آف write off)) ڪيسن جي انسپيڪشن کان هونئن تہ گهڻا آفيسر ان ڪري لنوائيندا هئا تہ ان ۾ ٻين شھرن ۾ ٽور ۽ ٽي اي ڊي اي وغيرہ جي ڇڪ نہ هوندي هئي پر ڪي ان کي ان ڪري ترجيح ڏيندا هئا تہ ان ۾ گهڻي پابندي نہ هوندي هئي ۽ پنھنجا گهڻا ذاتي ڪم بہ آفيس جي وقت ۾ ڪري سگهبا هئا. عبدﷲ پاڻ پنھنجي پسند تي هتي پنھنجي تعيناتي ڪرائي هئي. سندس آڏو ٻہ مقصد هئا. هڪ تہ سي ايس ايس ڪري سرڪاري آفيسر ٿئي يا وڌيڪ پڙهائي ۽ رهائش لاء ڪينيڊا هليو وڃي. ڪوشش جي باوجود هو سي ايس ايس تہ نہ ڪري سگهيو پر بينڪ مان اسٽڊي موڪل جي سھولت حاصل ڪري ڪينيڊا هليو ويو. پر ڪجهہ وقت اتي رهڻ کانپوء موٽي اچي بينڪ جوائن ڪيائين. پر ڪينيڊا وڃڻ جي خواهش سندس ختم نہ ٿي ۽ هو ڪجهہ وقت کانپوء بينڪ جي نوڪري ڇڏي اوڏانھن هليو ويو.
خيرپور سان تعلق رکندڙ نوجوان طارق رحمان بہ اسٽيٽ بينڪ جي ٽريننگ اسڪيم تحت بينڪ ۾ آيو هو. خاص طور زرعي ترقياتي بينڪ جي انسپيڪشن ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ ڀيري طارق اهو فيصلو ڪيو تہ سنڌ ۽ بھاولپور تائين انسپيڪشن سندس ڪار ۾ ڪنداسين ۽ پوء اتان اسلام آباد روانا ٿينداسين. هي هر معاملي ۾ هڪ سھڪار ڪندڙ آفيسر هو. حيدرآباد ۾ رهائش لاء هوٽل جي مناسب بندوبست نہ هئڻ ڪري هن اتي پنھنجن مائٽن جي گهر ۾ ٽيم جي رهڻ جو بندوبست ڪيو هو. طارق کي ڪجهہ ٻين ادارن ۾ ڊيپوٽيشن تي بہ موڪليو ويو. هن وقت هو سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر آهي.
انسپيڪشن جي حوالي سان تنوير ميمڻ سان بہ ڪجهہ عرصو ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هو حيدرآباد سان واسطو رکندڙ هڪ متضاد روين ۽ طبيعت وارو شخص هو. هڪ پاسي هو هڪ بي ڊپي شخص طور ڄاتو ويندو هو. گورنر سان ۽ ٻين اعلا سطح جي گڏجاڻين ۾ هو پنھنجي ڳالھہ ڪرڻ کان نہ ڪيٻائيندوهو جيڪا گهڻو ڪري ٻيا نہ ڪري سگهندا هئا ۽ جيڪا انھن آفيسرن لاء بہ پسنديدہ نہ هوندي هئي. پر ساڳي وقت ٻين موقعن تي هو پاڻ وڻائڻ لاء آفيسرن جي اڳ پٺ بہ وٺندو هو. ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ دوستن کي بہ پڪ نہ هوندي هئي تہ ايندڙ لمحي ۾ ڇا ڪندو. هن وقت هو سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر آهي.
واحد بخش چانگ سان جيتوڻيڪ ڪم جي حوالي سان ڪو واسطو نہ پيو پر هو بينڪ جو هڪ متحرڪ ماڻھو هو. سندس ننڍن وڏن آفيسرن سڀني سان رابطو هوندو هو ۽ ڪوشش ڪري هر ڪنھن جي پروموشن ۽ ٻي ڪنھن خوشي کي سيليبريٽ ڪندو هو ۽ دوستن کي پڻ ان ۾ شامل ڪندو هو. هن وقت هو شايد لندن ۾ رهي ٿو. فيس بڪ وسيلي سندس خبرچار ملندي رهندي آهي.
صدرالدين پنھور سان قوم پرست سياست ۽ لکڻ پڙهڻ جي حوالي سان ويجهو واسطو رهيو آهي. هو سٺ سالن کان اڳ ئي بينڪ مان رٽائرمنٽ وٺي دبئي هليو ويو هو. هن وقت هو موٽي آيو آهي ۽ گلشن حديد ۾ رهندو آهي. ساڻس مختلف موقعن تي ملاقات ٿيندي رهندي آهي.
ملڪ جي مختلف ادارن جي صورتحال تي نظر وجهڻ کانپوء آئون اسٽيٽ بينڪ کي هڪ بھتر ادارو سمجهندو آهيان. ذاتي طور مون کي ان جا گهڻا تجربا ٿيا آهن. گهڻي ويجهڙائي ۽ ذاتي تعلق نہ هئڻ جي باوجود هڪ ٻئي جي مدد ۽ سھڪار ڪيو ويندو آهي. هتي ملازمن کي گهر ۽ ٻين مختلف مقصدن لاء جيڪي قرض وغيرہ ڏنا ويندا آهن انھن ۾ بس اهو ڏٺو ويندو آهي تہ گهربل شرط پورا ٿين ۽ انھن جي پورائي ڪرڻ ۾ اتي موجود اسٽاف بجائي رڪاوٽن وجهڻ جي اڃا مددگار ثابت ٿيندو آهي. شروع ۾ جڏهين بينڪ جي مختلف شعبن جي ماڻھن سان منھنجي ڪا گهڻي واقفيت نہ هوندي هئي تہ مختلف معاملن ۾ جتي مٿيان آفيسر ڪا رڪاوٽ وجهندا هئا تہ هيٺيون اسٽاف مددگار ثابت ٿيندو هو ۽ انھن جي حل لاءِ ڪا واٽ ڏسيندو هو. هتي آئون رڳو هڪ مثال ڏيان تہ ٻين سرڪاري ادارن ۾ رٽائرمنٽ کانپوء پنھنجي واجبات لاء ملازمن کي گهڻيون ڏکيائيون پيش اينديون آهن ۽ هزار جتن ڪرڻا پوندا آهن پر هتي رٽائر ٿيڻ جي تاريخ کان اڳ ئي سڄو ڪم تيارٿي ويندو آهي. اها ساڳي ڳالھہ مون سان بہ ٿي. ڪجهہ ننڍن معاملن لاء مون کي چيو ويو تہ ان متعلق اوهان کي فون تي مطلع ڪنداسين. منھنجو ان سال جو تفريحي موڪل جو الائونس رهيل هو. هڪ ڏينھن مون کي لاڳاپيل ڊيسڪ جي همراه فون ڪري پڇيو تہ اوهان اهو الائونس وٺي ڇڏيو آهي. مون کيس نہ چيو تہ هن چيو تہ ريڪارڊ ۾ ڏيکاريل آهي تہ اوهان وٺي ڇڏيو آهي. ڳالھہ ائين هئي تہ هڪ ٻيو هم نام آفيسر هو، جنھن پنھنجي الائونس وٺڻ کانپوءِ اهو ظاهر ڪيو هو تہ اهي پئسا مون ورتا هئا ۽ تازو چيڪ کيس ملڻ گهرجي. هن ڊيسڪ جي همراه جڏهين ان ڳالھہ جي جاچ ڪئي تہ خبر پيئي تہ همراه جو چيڪ فلاڻي تاريخ تي فلاڻي بينڪ ۾ جمع ٿيو آهي ۽ هن ڪوڙ پئي ڳالھايو. مون کي فون تي ان جو اطلاع ڪيو ويو ۽ چيو ويو تہ اوهان پنھنجي سھولت آهر پنھنجو چيڪ وٺي وڃو.
ساڳي ريت ميڊيڪل جي سھولتن جو معاملو بينڪ جي ملازمن لاء هڪ اهم معاملو آهي. شروع کان آئون پنھنجن ٻارن ۽ ماءُ پيءَ لاء اها سھولت حاصل ڪندو رهيو آهيان. سسٽم کي ڪمپيوٽرائيزيڊ ڪرڻ جي ڪري اڳ جيڪي بي قاعدگيون ٿينديون هيون ۽ ملازمن کي ڏکيائي ٿيندي هئي ان ۾ گهڻي قدر گهٽتائي ٿي آهي. ساڳي وقت ملازمن جي سھولت لاء ڊاڪٽرن جو تعداد وڌايو ويو آهي. هتي جيڪي نوان ڊاڪٽر آيا انھن ۾ غلام علي بوزدار هڪ سٺو واڌارو هو. هڪ تہ هو پنھنجي پيشيورانا ڄاڻ کي وڌائيندو ۽ اپ ڊيٽ ڪندو ايندو هو ۽ ٻيو تہ سندس مريضن سان ورتاء سٺو ۽ دوستاڻو هوندو هو. پر هو بينڪ ۾ ٿورو عرصو ئي رهيو. هن وقت هو سنڌ هائي ڪورٽ ۾ آهي. هڪ اڌ ڀيرو ساڻس ڪنھن شادي وغيرہ ۾ ملاقات ٿي آهي. فيس بڪ تي ساڻس رابطو آهي.