آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

شھر ۽ قبرستان

جيئرا ماڻھو مري ويلن کي کڻي ڪيترو بہ پاڻ کان ڌار ڪرڻ چاهين، پر اها ڳالھہ ممڪن ناهي. هونئن تہ چوندا آهن تہ سڄي ڌرتي قبرستان آهي ۽ قبرن مٿان ئي ماڻھو هلي ۽ رهي ٿو. پر اهي ڳالھيون هاڻي عام مشاهدي ۾ اچن ٿيون.
هن وقت تہ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ قبرستان آهن، پر اڌ صدي کن اڳ جڏهين شھر ايڏو وڏو نہ هو تڏهين بہ مختلف علائقن ۾ قبرستان هوندا هئا. اسان جو پراڻو گهر مٺي در جي علائقي اڇي قبر وٽ هوندو هو. هن وقت تہ عام طور اهو سمجهيو وڃي ٿو تہ اهو نالو بابا نور شاه غازي جي مقبري جي اڇي رنگ جي ڪري مشھور ٿيو هو. پر هتي باقاعدي هڪ وڏو قبرستان هو جنھن جا آثار اسان کي هاڻي بہ ملن ٿا. ان مزار کان ٿورو فاصلي تي هڪ ڪمپائونڊ، جتي قبرن جا نشان آهن، اتي سنڌ اسلاميا هوٽل وارن پنھنجو ڪچن قائم ڪيو هو. ساڳي ريت ان جي ڀر ۾ عاليشان ميمڻ مسجد آهي. اتي موجود قبرستان کي ڊاهڻ کانسواء اها مسجد قبرستان جي مٿان ٺاهي ويئي آهي ۽ قبرستان ۾ وڃڻ لاء رستو آهي. ماڻھو خاص طور جمعي جي رات ۽ ٻين خاص ڏينھن ۽ راتين تي ان قبرستان ۾ دعا گهرڻ لاء ويندا آهن. هن وقت ان قبرستان جا ڪجهہ آثار تہ ملن ٿا پر اهو ڄڻ شھر جي شور ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ گهڻن ماڻھن کي ان جي ڄاڻ ناهي.
ساڳي ريت جڏهين اسان نوآباد رهڻ وياسين تہ اتي ٿوري فاصلي تي لي مارڪيٽ جي ويجهو ميران پير آهي. ان سان گڏ ئي قبرستان آهي. ڪنھن دور ۾ اهو گهٽ آبادي وارو علائقو هوندو ۽ ان کي ماڻھن قبرستان جي طور استعمال ڪيو هوندو. پر وقت سان گڏوگڏ هن علائقي جي تجارتي اهميت بہ وڌي ويئي ۽ ساڳي وقت آبادي ۾ پڻ واڌارو اچي ويو. هاڻي قبرن ۽ رهائشي گهرن ۾ ڪو فرق نہ رهيو آهي.
شھر جي مختلف علائقن ۾ ماڻھن پنھنجي سھولت آهر قبرستان قائم ڪيا آهن. پراڻي شھر ۾ هن وقت ٻہ وڏا قبرستان آهن. هڪ ماري پور روڊ تي مورڙي جو قبرستان آهي، جيڪو شھر جي گهڻن پراڻن ماڻھن جي استعمال ۾ آهي ۽ ٻيو مشھور ميوه شاه قبرستان آهي، جيڪو هڪ پاسي ٻڪراپڙي لياري کان شروع ٿي گوليمار ۽ گارڊن تائين هليو وڃي ٿو. اهو شايد ڪراچي جو هڪ وڏو قبرستان آهي. هتي هڪ تہ عام قبرستان آهي جتي ڪنھن جي بہ تدفين ٿي سگهي ٿي، جڏهين تہ مختلف جماعتن وغيرہ پاران پنھنجا ڪمپائونڊ وغيرہ ٺاهيا ويا آهن جتي سنڀال لاء انھن جا ماڻھو مقرر آهن ۽ اتي رڳو ان جماعت سان لاڳاپيل ماڻھو جي ئي تدفين ٿي سگهي ٿي. اهڙو ئي هڪ ڪمپائونڊ اسان جي وڏن جي ٺاهيل جماعت سنڌي مومن جماعت پاران بہ قائم ڪيو ويو هو.
اهو قبرستان لياري نئين سان گڏ ئي اهي. اهو قبرستان پنھنجي ڊيگه ۽ ويڪر ٻنھي لحاظ کان ڦھلجندو ويو آهي. اڳ جيڪي قبرون روڊ سان لڳ هونديون هيون اهي هاڻي گهڻو اندر هلي ويون آهن ۽ انھن کي ڳولھڻ لاء گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پئي ٿي. ساڳي ريت روڊ جي ويڪر بہ گهٽجي ويئي آهي ۽ ماڻھن ۽ گاڏين جي اچ وڃ ۾ گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي. هتي گهڻا پراڻا قبرستان ميسارجي لينڊ مافيا جي قبضي ۾ اچي چڪا آهن. ميوه شاه جي مزار جي بلڪل سامھون هڪ ننڍو ڪمپائونڊ هوندو هو جتي ڏيڍ ٻہ سو سال اڳ جون قبرون هونديون هيون. انھن ۾ منھنجي ڏاڏي جي ناني عبد الرحيم آخوند جي قبر پڻ هوندي هئي. اسان بابا سان گڏ جڏهين قبرستان ويندا هئاسين تہ پھرين اتي فاتحہ پڙهندا هئاسين. هن وقت اهو قبرستان ختم ٿي چڪو آهي. ساڳي ريت ٽيهہ چاليهہ سال اڳ منھنجا ناناڻا شيرشاه وليج ۾ رهندا هئا. جھان آباد کان نئين پار ڪري اتي وڃڻو پوندو هو. اهو سڄو ويران علائقو هوندو هو. منھنجو هڪ ماما ٻڌائي پيو تہ رات جو دير سان موٽڻ مھل قبرستان مان گذرڻو پوندو هو، پر سندس چواڻي تہ ڪو ڊپ ڊاء نہ هوندو هو. پر منھنجي هڪ ٻئي مامي لاء جنھن جي ان ئي علائقي ۾ واٽربورڊ جي هڪ وال تي رات جي ڊيوٽي هوندي هئي، هو ٻڌائي پيو تہ هن هتي رات جو هڪ ڏائڻ کي ڏٺو هو ۽ پوء لاڳيتا ٻہ ٽي ڏينھن بخار ۾ گهر ۾ پيو هو. ساڳي ريت اهو علائقو امن ڪاميٽي جي زور هئڻ وقت ان جي اثر هيٺ هو. ماڻھو رات جو جنازا کڻي اچڻ کان پاسو ڪندا هئا پر ڏينھن ڏٺي بہ قبرن تي فاتحہ پڙهڻ لاء ايندڙ ۽ جنازن سان گڏ ايندڙ ماڻھن جو ڦرجڻ هڪ عام ڳالھہ هئي. هن وقت ان معاملي ۾ ڪجهہ ٺاپر آهي.
تازو منھنجو هڪ جنازي سان گڏ گوليمار جي رستي کان قبرستان وڃڻ ٿيو. قبرستان جي سڄي رستي ۾ ماڻھن ائين پنھنجا گهر ٺاهي ڇڏيا آهن جو اها خبر نہ ٿي پئي تہ جيئرن انسانن جي آبادي ڪٿي ختم ٿئي ٿي ۽ قبرستان ڪٿان شروع ٿئي ٿو. گهڻين جاين تي قبرن جي مٿان گهر ٺھيا پيا آهن. ائين لڳي ئي نہ ٿو تہ ماڻھن کي ڪو قبرن يا مڙدن جو ڊپ يا احترام رهيو آهي.
هڪ لحاظ کان اهو علائقو جيڪو ڪنھن وقت شھر جي پسگردائي ليکيو ويندو هو هن وقت بلڪل شھر جي وچ ۾ ۽ ان جو حصو بڻجي چڪو آهي. هاڻي قبرستان جي ڊپ ۽ تقدس جي ڪا اهميت نہ رهي آهي. اهو سلسلو لاڳيتو هلندڙ آهي ۽ ان تي ڪنھن بہ پاسي کان ڪا روڪ ٽوڪ ناهي.