آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (5)

ادريس آغا بہ ڊپارٽمنٽ جي ريسرچ سيڪش جي انچارج طور صنعتي قرضن جي ڊپارٽمنٽ بدلي ٿي آيو هو. هتي گهڻو ڪري ريسرچ ڊپارٽمنٽ جي معتوب ماڻھن کي بدلي ڪري موڪليو ويو هو جڏهين تہ آغا جا مٿين آفيسرن سان سٺا ناتا هئا ۽ اهو سمجه ۾ نہ ٿي آيو تہ هن کي ڇو هتي موڪليو ويو هو. هي اهڙو آفيسر هو جيڪو هيٺ گهٽ ماڻھن سان ئي له وچڙه ۾ ايندو هو ۽ سندس چھري مان هروقت سنجيدگي پئي بکندي هئي. مون کي جڏهين ساڻس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو تہ مون اهو ڏٺو تہ سندس جي لاء ڪم جي وڌيڪ اهميت هئي ۽ ان لحاظ کان ئي پنھنجن ماتحتن سان سندس ورتاء هوندو هو. هو ڪجهہ عرصي کانپوء واپس ريسرچ هليو ويو. رٽائرمنٽ کانپوء هن لاهور ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ هن وقت ساڻس ڪو رابطو ناهي.
اهوڊپارٽمنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرصبغت ﷲ جي ماتحت هو. هو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ هو ۽ بينڪ ۾ سينيئر عھدي تي سندس تقرري ٿي هئي. اسان ريسرچ جي همراهن کي دٻاءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي عادت هئي، جڏهين تہ هي آرام ۽ سڪون سان ڪم ڪرڻ وارو ماڻھو هو. پنھنجن ماتحتن جي ڳالھہ ٻڌندو هو ۽ مٿن هروڀرو جو گهڻو دٻاء نہ وجهندو هو. ڪجهہ عرصي کانپوء کيس ڊپٽي گورنر مقرر ڪيو ويو. ڪجهہ عرصو هو گورنر جي غيرموجودگي ۾ ايڪٽنگ گورنر بہ رهيو.
منھنجي ريسرچ ڊپارٽمنٽ مان بدلي ٿيڻ کانپوء اتي گهڻا نوان آفيسر آيا. انھن مان ڪن سان واقفيت ٿي ۽ ڪن سان نہ ٿي. انھن مان محمد رفيق نالي هڪ همراه منھنجو دوست ٿي ويو. شروع ۾ هو آفيس جي ڪنھن ڪم ڪار سان مون وٽ ايندو رهندو هو. ڪوهاٽ سان واسطو رکندڙ هڪ سٺي سڀاء جو ماڻھو هو. ٻي ڳالھہ تہ ريسرچ ۾ جيڪي منھنجا اڳ جا دوست هئا، هي انھن جي بہ ويجهو ۽ انھن جو دوست هو. شاهين ڪامپليڪس کان اسٽيٽ بينڪ جي مين بلڊنگ ۾ اچڻ کانپوء ساڻس وجهڙائپ اڃان وڌي ويئي. گهڻو ڪري بينڪ جي ڪينٽين ۾ لنچ گڏ ڪندا هئاسين ۽ پوءِ ٻاهر ٻاڪڙن تي ويھي يا بيٺي چانہ پيئندا هئاسين. هينئر هو رٽائر ٿي چڪو آهي ۽ ڪراچي ۾ رهندو آهي. ڪتابن پڙهڻ جو شوق اٿس. ساڻس فيس بڪ تي رابطو رهندو آهي.
مون جڏهين بينڪ جوائن ڪئي تہ ان وقت فرحت سعيد بہ اڪائونٽس ڊپارٽمنٽ ۾ ساڳئي گريڊ ۾ هو. منھنجو آفيس جي ڪم جي سلسلي ۾ ساڻس واسطو هوندو هو. هو منھنجي دوست راحت سعيد جو ننڍو ڀاءُ هو. هي آفيسر ايسوسيئيشن وغيرہ ۾ سرگرم هوندو هو. هي جلدي ترقي جون منزلون طئي ڪندي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي عھدي تي پھتو ۽ 2006 ۾ رٽائر ٿي ويو. ان جي ڀاءُ جي دوست هئڻ جي ڪري بينڪ جي ڪجهہ دوستن پنھنجين سالياني رپورٽن وغيرہ جي حوالي سان مون کي چيو. مون هڪ ٻن دوستن جو راحت سان ذڪر بہ ڪيو پر سندس چوڻ هو تہ هو ڳالھہ جو ڪو جواب نہ ڏيندو ۽ ڪم بہ نہ ڪندو. ان ڪري ان کي چوڻ بيڪار آهي. فرحت پوء بينڪنگ محتسب جوائن ڪئي. هڪ ڊگهي عرصي تائين اتي نوڪري ڪرڻ کانپوء ڪنھن دوست ٻڌايو تہ هائي کيس اتان فارغ ڪيو ويو آهي. هو ڪراچي ۾ ئي رهندو آهي.
سائين علي اڪبر ڍڪڻ مختلف سرڪاري محڪمن ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ پي ايچ ڊي ڪرڻ کانپوءِ بينڪ ۾ آيو. شروع ۾ سندس تعيناتي زرعي قرضن جي شعبي ۾ ٿي، پوءِ هن بينڪ جي ٻين مختلف شعبن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. مون جيتوڻيڪ باقاعدي طور ساڻن ڪم نہ ڪيو، پر ساڻن مختلف وقتن تي منھنجو واسطو پوندو رهيو ۽ سندن تاثر هميشہ خوشگوار ۽ سھڪاري هوندو هو. ڍڪڻ صاحب گهڻن سينيئر سنڌي آفيسرن جيان پنھنجي سڃاڻپ نہ لڪائيندو هو، پر ان کي ظاهر ڪندو هو. سندس اها خاصيت هئي تہ هو مختلف معاملن تي هڪ اسٽينڊ وٺندو هو. گهڻن سنڌي ملازمن لاء هو ڄڻ هڪ ڀرجهلو هوندو هو. هو ترقي ڪري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي سينيئر پوزيشن تي پھتو ۽ سينيارٽي جي اصول مطابق کيس ڊپٽي گورنر ٿيڻو هو. پر مٿين سطح تي بينڪ آفيسرن جي سياست ۽ لابنگ جي ڪري کيس اهو عھدو نہ ڏنو ويو جنھن جي لاء کيس ڪورٽ بہ وڃڻو پيو. ڪورٽ جي سندس حق ۾ فيصلو ڏيڻ جي باوجود کيس ڊپٽي گورنر جو عھدو نہ ڏنو ويو ۽ هو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور رٽائر ٿيو. هو ڪراچي ۾ رهندو آهي. فون ۽ فيس بڪ تي ساڻس رابطو هوندو آهي. آئون کيس هڪ مھربان آفيسر طور ياد ڪندو آهيان.
منير شاه گهڻو عرصو ٻين محڪمن ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوء اسٽيٽ بينڪ ۾ گريڊ فور يا ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تي آيو. کيس زرعي قرضن واري شعبي ۾ مقرر ڪيو ويو هو. هي Extrovert قسم جو ماڻھو هو. ڪنھن بہ سرڪاري گڏجاڻي وغيرہ ۾ گهڻو ڳالھائڻ ۽ حاوي ٿيڻ جي ڪوشش سندس خاصيت هئي. هن سان منھنجو تعلق ان ڪري بہ هو تہ اسان ٻنھي کي پروموشن لاء ڪواليفائي ڪرڻ جي باوجود پروموشن نہ ڏني ويئي هئي. ان تي منير شاه پاران گهڻو احتجاج ۽ لکپڙه وغيرہ ڪئي ويئي هئي ۽ ٻئي سال جڏهين اسان ٻنھي جي ترقي ٿي تہ اها شايد سندس انھن ڪاوشن جي ڪري بہ هئي. هو پوءِ جلد ئي سٺ سالن جي عمر کي پھچي رٽائر ٿي ويو.