آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ظفر اڄڻ

ظفر اڄڻ بہ گذاري ويو. هو بي شڪ فھميدہ رياض جو مڙس هو، فھميدہ سان ڏک سک جو هڪ ڊگهوعرصو هن گذاريو. جلاوطني، قيد ۽ معاشي تڪليفون. آخر تائين فھميدہ سان گڏ رهيو. پر سندس سڃاڻپ رڳو فھميدہ ناهي. اهو رڳو سندس زندگي جو هڪ پاسو آهي. هو گهڻو عرصو سنڌي عوامي تحريڪ سان رهيو. منھنجو بہ ساڻس واسطو ان حوالي سان ئي ٿيو. هڪ سٺو مقرر، ليکڪ ۽ مھذب ماڻھو هو. سياسي بحث مباحثي يا سندس ذات جي حوالي ڳالھہ ٻولھہ ۾ فھميدہ تہ ڪڏهين چڙي پوندي هئي پر هو ڪڏهين چڙندو نہ هو ۽ هميشہ مرڪ سندس منھن تي هوندي هئي. اها سندس خاصيت هئي تہ هو پيپلزپارٽي جي بہ ويجهو رهيو ۽ فھميدہ جا بينظير ڀٽو سان بہ سٺا لاڳاپا هوندا هئا پر انھن ان مان ڪي فائدا نہ ورتا ۽ پنھنجي حياتي ۾ معاشي ڏکيائين کي همت سان منھن ڏنو. هڪ دوست طور هو هميشہ ياد رهندو.