آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اياز جاني

ايازجاني سان منھنجي واقفيت جو حوالوسنڌي ادبي سنگت آهي. سندس سنگت سان پراڻو واسطو رهيو. ڪراچي سنگت جڏهين رمپا پلازه ۾ گڏجاڻيون ڪندي هئي تہ هو اتي بہ باقاعدي شريڪ ٿيندو هو. ساڳي وقت هو گلشن حديد جي سنگت ۾ پڻ سرگرم هو ۽ منھنجو جڏهين هتي ڪنھن پروگرام وغيرہ جي سلسلي ۾ اچڻ ٿيندو هو تہ ملاقات ٿيندي هئي. ساڻس منھنجي گهڻي ويجهڙائي منھنجي گلشن حديد اچي رهڻ کان پوءِ ٿي.
جيستائين مون کي خبر آهي تہ جاني جو ڪنھن بہ سياسي جماعت سان ڪو واسطو نہ هو، پرسندس سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن سان خاص لڳاءُ هوندو هو. هو خاص طور سنڌ جي معاملن تي پنھنجو هڪ موقف رکندو هو. اهو ضروري نہ هو تہ سندس دوست ان سان متفق بہ هجن. هو ان سلسلي ۾ جذباتي نہ ٿيندو هو ۽ دليلن سان پنھنجي موقف جي وضاحت ۽ بچاءُ ڪندو هو.
جاني پي ٽي سي ايل ۾ ملازم هو. هو ڪراچي ۾ ئي گڏاپ، رزاق آباد ۽ پوءِ گلشن حديد ايڪسچينج ۾ رهيو. ان اداري جي نجڪاري ٿيڻ کانپوء ٻين گهڻن ملازمن وانگر هو بہ بيروزگار ٿي ويو هو. ان دوران هن ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس وغيرہ بہ ڪئي. ڪجهہ عرصو شاه لطيف چيئر ۾ ملازمت پڻ ڪيائين. پر ڪوشش جي باوجود کيس اتي ليڪچرر جي پوسٽ نہ ملي سگهي. هو پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ليڪچرر چونڊجي ويو. سندس پوسٽنگ جيتوڻيڪ ڪراچي کان ٻاهر ٿي، پر سندس گهر ۽ ٻار گلشن حديد ۾ هوندا هئا ۽ هو اڪثر ڪري هتي ايندو رهندو هو.
هڪ ڀيري اسان ڪچھري پئي ڪئي تہ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ذڪر نڪتو تہ مون کيس ٻڌايو تہ اتان جو استاد سائين عبدالرحمان چنا منھنجي ڏاڏي جي ناناڻن مان هو ۽ اڪثر اسان جي گهر ايندو رهندو هو. هو يونيورسٽي ۾ شڪور ۽ مون سان پنھنجن ٻارن جهڙو سلوڪ ڪندو هو. ان تي جاني ٻڌايو تہ سائين گهٽ ڳالھائڻ ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻھو هو. هن اهو بہ ٻڌايو تہ هو پاڻ بہ چنا آهن، جنھن ڳالھہ جي مون کي اڳ ڄاڻ نہ هئي. ڇاڪاڻ تہ منھنجي دلچسپي دوستن جي شخصيت ۾ هوندي آهي ۽ آئون ڪنھن کان اهو نہ پڇندو آهيان تہ اوهان ڪير آهيو جيئن عام طوراسان وٽ رواج آهي.
بس ماڻھو هليا ويندا آهن درد اندر ۾ رهجي ويندو آهي. جاني بہ اهڙو ئي ماڻھو هو جنھن کي جڏهين ياد ڪندو آهيان تہ اندر ۾ هڪ ڏک محسوس ٿيندو آهي.