ڪراچي: پارڪن جي اهميت
لياري ۾ مولوي عثمان پارڪ ۽ گبول پارڪ ٻہ وڏا ۽ مشھور پارڪ آهن، جتي فٽ بال جا ميچ ۽ سياسي جلسا وغيرہ ٿيندا رهيا آهن ۽ ماڻھو ان کي تفريح وغيرہ لاء بہ استعمال ڪندا رهيا آهن. مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري ۾ سنڌي ادبي سنگت پنھنجيون گڏجاڻيون بہ ڪندي رهي آهي. ساڳي ريت ڪڪري گرائونڊ جي بہ هڪ تاريخي حيثيت آهي جتي فٽبال جا مئچ ٿيندا رهيا آهن ۽ هڪ باڪسنگ ڪلب بہ آهي. ان جي هڪ وڏي حصي کي فاروق ستار جي ميئر هئڻ واري دور ۾ چائنا ڪٽنگ ڪري ڪتيانا ميمڻ جماعت کي ان جي شادي هال ۽ اسڪول وغيرہ لاءِ ڏنو ويو.
ان ئي علائقي ۾ اها واقعي هڪ حيرت جهڙي ڳالھہ آهي تہ کارادر جهڙي ڳتيل آبادي ۽ رش واري علائقي ۾ پوليس چوڪي جي ويجهو بازار جي وچ ۾ ﷲ رکا پارڪ جي نالي سان هڪ پارڪ آهي، جتي خاص طور شام ۾ عورتن مردن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو تعداد گڏ ٿيندو آهي، جيڪي اتي اوسي پاسي جي آلودگي ۽ شور کان ڪجهہ دير لاء آرام ۽ آسيس حاصل ڪندا آهن. اهو منھنجي گهر کان ٿورو پرتي هو. هتي ڪڏهين دوستن سان پڙهڻ جي بھاني ڪتاب کڻي ويندا هئاسين. پوءِ بہ خاص طور موڪل جي ڏينھن ۾ آئون اڪيلو پنڌ ڪندو ڪجهہ دير لاء اچي پارڪ ۾ ويھندو هوس.
نئين ملڪ ٺھڻ کانپوءِ ڪامورن ۽ وڏن ماڻھن لاء ڪجهہ رهائشي سوسائٽيون وغيرہ ٺاهيون ويون. انھن کي ٻين سھولتن ڏيڻ سان گڏ ٽڪري تي هڪ پارڪ ٺاهيو ويو جنھن کي هل پارڪ جو نالو ڏنو ويو. اهو شھر جي ٻين علائقن جي ماڻھن لاء بہ تفريح جو هڪ ذريعو هوندو هو. ڪڏهين منھنجو بہ هتي دوستن يا مائٽن سان اچڻ ٿيندو هو. ان وقت شھر ايترو ڦھليل نہ هو ۽ گهڻيون وڏيون عمارتون نہ هيون ان ڪري ان پارڪ مان پري پري تائين شھر جا نظارا نظر ايندا هئا.
پولو گرائونڊ، جنھن کي پوءِ جناح پارڪ جو نالو ڏنو ويو، جي هڪ تاريخي حيثيت آهي. ڪڪري گرائونڊ وانگر اهو بہ چائنا ڪٽنگ جو شڪار ٿيو آهي ۽ ان جي هڪ وڏي حصي تي ڀر ۾ فائيو اسٽار هوٽل قبضو ڪري ان کي پنھنجو پارڪنگ لاٽ بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪراچي جهڙي شھر لاءِ ميدانن ۽ پارڪن جي ڪيتري اهميت آهي، اهو ڪنھن کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي. پر شھر کي نڌڻڪو سمجهي ۽ ان کي مفت جو مال سمجهي، جهڙي ريت ڀينگ ڪئي ويئي آهي، ان جو رڳو هڪ مثال اهو آهي تہ شھر جي نجي شعبي ۾ قائم ڪيل دل جي هڪ وڏي اسپتال هڪ وڏي پارڪ کي چائنا ڪٽنگ ڪري ٺاهي ويئي آهي.
ڪنھن دور ۾ جڏهين جناح جو مزار ٽاور کان نظر ايندو هو ۽ منھنجو سوٽ مون کي سڏ پنڌ جا ڏٽا ڏيئي پنڌ ئي پنڌ اتي وٺي ويندو هو، ان وقت هيٺ تھخاني ۾ جناح جي قبر تي وڃڻ تي ڪا پابندي نہ هئي. پوءِ تھخاني وارو رستو بند ڪري مٿي ئي قبر جو نشان ٺاهيو ويو ۽ ان سان گڏ جيڪا وڏي ايراضي هئي ان کي پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو. اهڙي ريت اهو جناح جي قبر تي فاتحہ پڙهڻ کان وڌيڪ ماڻھن جي هڪ تفريح گاه بڻجي ويو آهي. هتي خاص طور ٻنپھرن جي وقت پريمي جوڙن جي ملڻ ۽ ڪڏهين ڪڏهين پوليس جا ڇاپا هڪ عام ڳالھہ آهي. اها صورتحال لاهور جي مشھور ۽ وسيع لارنس گارڊن ۾ بہ ڏسي سگهجي ٿي، جيڪو پنھنجي مختلف قسم جي وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪري ڄاتو وڃي ٿو. ڪنھن حد تائين اهي نظارا گلشن حديد جي پارڪن وغيرہ ۾ پڻ نظر اچن ٿا.
پارڪ جا ڪنھن بہ علائقي لاءِ گهڻا فائدا آهن. اهي ماڻھن کي تفريح، واڪ، صاف ۽ تازي هوا ۽ رليڪس ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. ڪراچي جهڙي وڏي شھر ۾ جتي دونھن، آلودگي ۽ رش جي ڪري ماڻھو ڇڪتاڻ ۽ ٽينشن ۾ رهي ٿو، اتي انھن جي اڃا وڌيڪ ضرورت آهي. دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ پارڪ ميلن تائين ڦھليل هوندا آهن. رڳو اسلام آباد تي نظر وجهجي تہ اتي گهڻن ننڍن پارڪن کانسواء ايف 9 جو پورو سيڪٽر رڳو پارڪ آهي.
گلشن حديد جي فيز ون وارو بينظير پارڪ پنھنجي خراب حالت جي باوجود ماڻھن جي لاء تفريح ۽ واڪ وغيرہ لاء هڪ سٺو ذريعو آهي. ٿورو فاصلي تي اسٽيل ٽائون لڳ قائد اعظم پارڪ آهي. اسٽيل مل پاران ان پارڪ کي سٺي نموني رکيو ويو هو. هتي خاص طور تلائن ۾ بدڪون ٻارن لاء تفريح جو ذريعو هيون. هتي نہ رڳو علائقي پر اوسي پاسي ۽ ايستائين تہ شھر جي ٻين علائقن مان بہ ماڻھو خاص طور پڪنڪ جي خيال سان ايندا آهن. اسٽيل مل جي انتظاميا پاران ان کي شادي هال وغيرہ جي طور بہ استعمال ۾ آندو ويو. اسٽيل مل جي بند ٿيڻ جي ڪري جيئن ٻين شين جو حشر ٿيو آهي، تيئن هن پارڪ جي صورتحال بہ ڪا چڱي ناهي.
ڪراچي شھر تي نظر وڌي وڃي تہ هتي پارڪن جي حوالي سان صورتحال ڪا گهڻي اميد افزا ناهي. مون کي لاهور ۽ اسلام آباد وغيرہ ۾ چائنا ڪٽنگ جي ڪري خاص طور پارڪن کي نقصان پھچائڻ واري ڳالھہ نظر نہ آئي. پر ڪراچي جي صورتحال مختلف آهي. هتي عوامي فائدي واري ڪنھن بہ خالي جاءِ کي بيڪار سمجهي، ان تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جيئن هن وقت شھر مان پنڌ هلندڙ ماڻھن لاء فٽ پاٿ واري سھولت ختم ٿي ويئي آهي ۽ ان سڄي ايراضي تي دوڪاندارن ۽ واپارين جو قبضو آهي. ساڳي حالت پارڪن جي بہ آهي. ڏٺو وڃي تہ اهي سھولتون ماڻھن خاص طور نوجوانن کي نشي، ڏوه ۽ آپگهات وغيرہ جهڙين گهڻين منفي سرگرمين کان پري رکن ٿيون ۽ انھن ۾ مثبت لاڙن کي فروغ ڏين ٿيون. اهو ضروري آهي تہ شھر جي مالڪي ڪنھن فرد ۽ گروه پاران ان تي قبضي ڪرڻ جي خيال سان نہ پر اجتماعي فائدن کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي تہ جيئن شھر جي حالت ۾ سڌارو اچي سگهي.
