اسٽيٽ بينڪ جا دوست (8)
گلشن حديد ۾ رهائش کانپوء هتي رهندڙ اسٽيٽ بينڪ جي ڪجهہ دوستن پاران سفر جي ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي ڪانٽريڪٽ بس هلائڻ جو انتظام ڪيو ويو. ان ۾ گهڻو ڪري ڪراچي لوڪل آفيس جا دوست شامل هئا. ان سلسلي ۾ شروع ۾ محمد ياسين سراز رابطي ۾ آيو. ٻين دوستن ۾ علي حسين، غلام حسين عارباڻي، محمد صالح اسراڻ، رضوان خان، احسان سومرو ۽ گدا حسين وغيرہ شامل هئا. بينڪ وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ اٽڪل چار ڪلاڪ کن لڳندا هئا. ان وقت ۾ هڪٻئي سان واقفيت بہ ٿيندي هئي، ڪچھري ۽ حال احوال بہ ٿيندا هئا. اهو سلسلو سالن تائين هلندو رهيو. انھن مان محمد صالح اسراڻ گذاري ويو آهي. ٻين مان هاڻي جيتوڻيڪ گهڻا رٽائر ٿي ويا آهن، پر اهو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ اڃا قائم آهي. شادي غمي ۾ گڏجڻ ۽ شريڪ ٿيڻ کانسواء انھن مان جيڪي دوست اڃا بينڪ جي نوڪري ۾ آهن، اهي مختلف ڪمن جي سلسلي ۾ سھڪار ۽ مدد ڪندا رهندا آهن.
منظور مسافر منھنجي بينڪ ۾ اچڻ جي ڪجهہ عرصي کانپوء ڪراچي آفيس ۾ آيو. هي هڪ تہ سبيوا وغيرہ ۾ سرگرم رهيو آهي ۽ ٻيو سندس علم ادب ۽ قوم پرست سياست سان واسطو رهيو آهي. هن وقت هو بہ رٽائر ٿي چڪو آهي. ساڻس ڪڏهين ڪنھن تقريب ۾ يا بينڪ ۾ ملاقات ٿيندي آهي. فيس بڪ تي ساڻس لاڳيتو رابطو رهندو آهي.
عارف ڪراچي لوڪل آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. ساڻس شروع ۾ منھنجي ڪا بہ واقفيت نہ هئي. هو ليبر يونين ۽ آفيسر ايسوسيئيشن ۾ سرگرم هوندو هو. بينڪ جي مختلف شعبن جي نئين سر ٺھڻ ڪري لوڪل آفيس جا ڪجهہ ڪم اسٽيٽ بينڪ ۾ اچي ويا ۽ انھن ۾ عارف جو سيڪشن بہ شامل هو. هن سان ڪجهہ دوستن وسيلي واقفيت ٿي. کاٻي ڌر ڏانھن لاڙو رکڻ ڪري ساڻس ويجهڙائي ٿي ويئي. پنھنجي پبلڪ ريليشننگ جي ڪري وقت کان اڳ رٽائرمنٽ وٺڻ جي باوجود بينڪ پاران کيس وري ڪانٽريڪٽ تي رکيو ويو. بينڪ مان فارغ ٿيڻ کانپوء هن ڪجهہ خانگي ادارن ۾ بہ نوڪري ڪئي. هي ملير ڪينٽ ڪراچي ۾ رهندو آهي. تازو منھنجي ساڻس ملاقات ٿي تہ مون کي لڳو تہ شايد سندس يادداشت متاثر ٿي آهي.
اسٽيٽ بينڪ اٽڪل سن ٻہ هزار ۾ گريڊ 5 ۾ ڪجهہ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ڀرتي ڪيا هئا. ان جو مقصد بينڪ جي اڪائونٽ ۽ آڊٽ واري فنڪشن کي موثر ۽ مضبوط ڪرڻ هو. انھن مان ڪجهہ ڄڻن اسان سان جوائنٽ ڊائريڪٽر ٽريننگ پروگرام ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي. اهي گهڻي ڀاڱي اهڙا هئا، جيڪي اڳيئي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. انھن مان گهڻن جھڙوڪ زبيري ۽ احمد وغيرہ سان سٺي سلام دعا هوندي هئي پر عبدالصمد سان گهڻي ويجهڙائي هوندي هئي. هو هڪ خوش مزاج کل ڀوڳ وارو ماڻھو هو. هتي اچڻ کان اڳ هو نيشنل بينڪ ۾ هوندو هو. پنھنجي ليکي گهمڻ ڦرڻ جو شوقين هوندو هو. ٽريننگ دوران ويڪ اينڊ تي اسان جو گروپ مختلف جاين تي گهمڻ ويندو هو. صمد ڪڏهين تہ اسان سان گڏ هوندو هو ۽ ڪڏهين اڪيلو پنھنجي ليکي ڪڏهين حويليان تہ ڪڏهين ٻئي ڪٿي پنھنجن دوستن سان ملڻ لاء هليو ويندو هو. صمد شروع ۾ اسٽيٽ بينڪ جي آڊٽ ڊپارٽمنٽ ۾هو. پوءِ کيس اسٽيٽ بينڪ بي ايس سي جي آڊٽ ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر ڪري موڪليو ويو. پر هو آفيسرن جي لابنگ ۽ تعصب جو شڪار ٿي ويو ۽ کيس اتان بدلي ڪري بينڪنگ انسپيڪشن ۾ موڪليو ويو. صمد سان منھنجو تعلق ان لحاظ کان بہ هو تہ هو ڪڇي ميمڻ هو ۽ کارادر جي مدرسہ اسلاميہ اسڪول ۾ پڙهيو هو. لياري ۾ سندس گهڻا دوست هوندا هئا ۽ هو اڪثر انھن سان ملڻ لاء اتي ويندو رهندو هو. منھنجي رٽائرمنٽ کانپوء بہ آئون ساڻس رابطي ۾ هوندو هوس. هاڻي هو بينڪ مان رٽائر ٿي چڪو آهي ۽ ساڻس ڪو رابطو ناهي.
