آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

منھنجو ڏينھن هيئن ٿو گذري

نوڪري پيشي ماڻھو لاء رٽائر ٿيڻ هڪ لازمي امر آهي. ان رٽائر ٿيڻ جو مطلب زندگي جو ختم ٿيڻ نہ هوندو آهي. پر ساڳي وقت هڪ نئين سر زندگي شروع لاء سوچڻو پوندو آهي، جيڪا ڳالھہ ايتري سولي نہ هوندي آهي. گهڻا ان جو سولو حل اهو ڳولھيندا آهن تہ ٻيھر ڪٿي نو کان پنج واري نوڪري ڪجي ۽ زندگي سولي گذارجي. مون کي رٽائر ٿئي اٽڪل ڏه سالن کن جوعرصو ٿيو آهي. ان مان اٽڪل چار سال مون بہ هڪ سال هڪ ايڪسچينج ڪمپني ۽ ٽي سال هڪ نجي بينڪ ۾ نوڪري ڪئي. 2018 کان آئون گهر ۾ اهڙو ڪم ڪندو آهيان، جنھن کي اسان جي سماج ۾ ڪم نہ سمجهيو ويندو آهي. مطلب تہ اهڙو ڪم جنھن ۾ ڪا گهڻي آمدني نہ هجي. مون هڪ پرڏيھي ليکڪ متعلق ڪٿي پڙهيو هو تہ هو سڄو ڏينھن گهر ۾ ويٺو پنھنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو. گهر۾ ڪم ڪندڙ مائي ائين سمجهيو تہ هو شايد بيروزگار آهي، ان ڪري سڄو ڏينھن گهر ۾ گذاري ٿو. ڪجهہ ڏينھن کانپوء هن گهر جي مالڪياڻي کي چيو تہ صاحب جيئن تہ بيروزگار آهي ۽ ڪو ڪم نہ ٿو ڪري ان ڪري اوهان منھنجي پگهار گهٽائي ڇڏيو.
قدرت جي ڪارخاني ۾ گهڻي عرصي تائين خال نہ رهندو آهي ۽ هڪ نہ ٻئي طريقي سان اهو ڀرجي ويندو آهي. اها ساڳي صورتحال مون سان بہ آهي. مون کي هڪ فائدو اهو هو تہ نوڪري جي سڄي عرصي ۾ آئون لکڻ پڙهڻ جو ڪم بہ ڪندو رهيو آهيان ۽ مون کي ائين لڳندو هو تہ منھنجو اصل ڪم ئي اهو هو. ان ڪري مون کي پنھنجو وقت صحيح نموني گذارڻ ۾ گهڻي تڪليف نہ ٿي.
پنھنجي لکڻ پڙهڻ سان گڏ گهر جي ٻين ڪجهہ ڪمن جي ذميواري بہ مون کي کڻڻي پيئي آهي. منھنجو گهر گلشن حديد فيز ٽو ۾ آهي. هتي اڳ روز پاڻي ايندو هو ۽ ان جي لاء ڪنھن موٽر وغيرہ هلائڻ جي ضرورت نہ پوندي هئي. پر هاڻي شيدول موجب هر ٻئي ڏينھن پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ جوڳو پريشر نہ هئڻ ڪري ان جي لاء موٽر هلائڻي پوندي آهي. پر پاڻي جو وقت گهڻو ڪري رات ٽين وڳي ۽ ڪڏهين ان کان بہ اڳ هوندو آهي جيڪو صبوح جو ست يا اٺ وڳي تائين هوندو آهي. هونئن عام طور آئون معمول موجب گرمين ۾ صبوح اٽڪل پنجين ۽ سياري ۾ ڇھين وڳي اٿي ويندو آهيان پر ڪڏهين ڪڏهين پاڻي جي صورتحال موجب اڃا سوير ۽ ايستائين تہ رات ٻين وڳي بہ بستر ڇڏڻو پوندو آهي. ان ڪم مان فارغ ٿي ڏندڻ پاڻي وغيرہ ڪري اٽڪل ساڍا ڇھين ستين وڳي واڪ لاء نڪري ويندو آهيان. گلشن حديد ۾ اڳ هتان جي قدرتي ماحول، ساوڪ ۽ صفائي جي ڪري صبوح جي واڪ جو جيڪو مزو ۽ لطف هوندو هو اهو هاڻي نہ رهيو آهي. صفائي جو ڪو بندوبست ناهي. هر پاسي گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن. روڊ ٽٽل ڦٽل آهن. ڪجهہ سڙڪن کي هاڻي مقامي چونڊن جي وقت ٺھرايو ويو آهي، پر انھن سان ويڌن اها آهي تہ هڪ تہ ماڻھن جاء جاء تي اسپيڊ بريڪر ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ ٻيو چڱا ڀلا پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو سڙڪ تي باقاعدي پاڻي هاريندا آهن يا پاڻي جي مشين هلائي سمھي رهندا آهن ۽ پوء سڄا روڊ رستا پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن. ان سان يقيني طور روڊ جي ڪوالٽي ۽ عمر تي فرق پئي ٿو. باقي گهڻا رستا اڃا زبون حالت ۾ آهن ۽ اتي پنڌ هلڻ هڪ جوکم جو ڪم آهي. ٿوري بي احتياطي ماڻھو جي لاء تڪليف جو باعث ٿي سگهي ٿي. ڪجهہ مھينا اڳ ٿاٻو کائڻ ڪري منھنجي پير ۾ Hairline Fracture ٿي پيو هو جنھن جي ڪري مھينو ڏيڍ گهر ويٺو هوس. بھرحال هاڻي اهو روٽين وڌيڪ احتياط سان جاري آهي.
واڪ تان واپس اچي وهنجي شيو ڪري نيرن ڪندو آهيان. نيرن کانپوء ليپ ٽاپ تي لکڻ ۽ اخبارن پڙهڻ جو ڪم ڪندو آهيان. اٽڪل ٻہ ڪلاڪ کن ڪم ڪرڻ کانپوء ٿوري دير آرام ڪندو آهيان. پوء هڪ وڳي تائين واٽس اپ ۽ فيس بڪ تي مختلف دوستن جا پيغام ۽ اپ ڊيٽس ڏسندو آهيان ۽ مختلف ڪتاب جيڪي مطالعي هيٺ هوندا آهن اهي پڙهندو آهيان. ان دوران گهر ۾ جيڪڏهين ڪنھن سامان وغيرہ جي ضرورت هوندي آهي تہ اهو وٺي ايندو آهيان. گهر وارن ۽ ٻارن سان ڪجهہ دير ڪچھري ڪري حال احوال وٺي اٽڪل ٽين وڳي ڪلاڪ ٻن لاء سمھي پوندو آهيان.
شام جو ڪلاڪ ٻن لاء مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪندو آهيان. ان دوران ٻار پنھنجي ڪمن، آفيسن ۽ اسڪولن مان موٽندا آهن. پوء ٻہ اڍائي ڪلاڪ زال ۽ ٻارن سان ڪچھري ۽ حال احوال ڪري رات جي ماني کائي اٽڪل ڏهين ساڍا ڏهين ڌاري پنھنجي بستر تي هليو ويندو آهيان. ڪلاڪ سوا مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪري سمھي پوندو آهيان ۽ اهڙي ريت منھنجو ڏينھن پورو ٿيندو آهي.
ان معمول ۾ تبديلي ان وقت ايندي آهي جڏهين ڪنھن تقريب ۾ يا ڪنھن ڪم ڪار سان ڪيڏانھن وڃڻو پوندو آهي.