هڪ جماعت جي ڪٿا
منھنجو ڏاڏو اٽڪل هڪ صدي کان وڌيڪ عرصو اڳ ڪراچي آيو، جڏهين تہ ان کان اڳ هتي سندس چاچو ۽ ٻيا مائٽ رهندا هئا. انھن ماڻھن کي اڳتي هلي اها ضرورت محسوس ٿي تہ شادي غمي ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد ۽ سھڪار لاءِ ڪا تنظيم هجي. ان مقصد جي لاءِ 1938 ۾ ڪجهہ بزرگن گڏجي سنڌي مومن جماعت جي نالي سان هڪ جماعت جو بنياد وڌو. ان ۾ گهڻو ڪري شھر جي پراڻن علائقن نوآباد، موسا لين، جهونا مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ لياري جي ٻين مختلف علائقن جا ماڻھو شامل هئا. ان جو بنياد ڪنھن ذات ۽ برادري وغيرہ جي بنياد تي نہ هو. ان جو هڪ اصول اهو هو تہ جيڪڏهين جماعت جي ڪنھن رڪن ڪنھن غير جماعت جي ماڻھو سان ڪا مائٽي وغيرہ ڳنڍي تہ پوءِ اهو غيرجماعت جو ماڻھو پنھنجو پاڻ جماعت جو ميمبر ٿي ويندو. اهڙي ريت جماعت جو دائرو ڏينھون ڏينھن وسيع ٿيندو ويو ۽ ان ۾ نوان ماڻھو داخل ٿيندا ويا.
ان جماعت ۾ ڪجهہ سرندي وارا، جن ۾ سنڌ اسلاميہ هوٽل جا مالڪ بہ هئا، شامل هئا. ان جو مرڪز نوآباد جو علائقو هو، جتي گهڻا سنڌي رهندا هئا. هتان جي هڪ سکئي فرد حاجي گل حسن پاران جماعت جي گڏجاڻين ۽ ننڍين وڏين تقريبن لاء هڪ جاء ڏني ويئي. ٻين ماڻھن فرنيچر ۽ رڌ پچاء جي ٻئي سامان وٺڻ ۾ سھڪار ڪيو.
ڪجهہ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن پاران ان کي هڪ تنظيمي شڪل ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي ۽ ڪجهہ دستاويز وغيرہ پڻ تيار ڪيا ويا. ساڳي وقت ميوه شاه ۾ قبرستان لاء جاء خريد ڪئي ويئي. ان جي سار سنڀال لاء ماهوار پگهار تي هڪ همراه رکيو ويو. ڪجهہ وقت کانپوء ان جي ڀر ۾ هڪ ٻيو پلاٽ خريد ڪيو ويو تہ جيئن آئيندي لاء بہ اهو ڪم اچي سگهي.
ان سڄي ڪاروهنوار ۾ لکت پڙهت تي گهٽ توجھہ ڏنو ويو ۽ جيئن ٿيندو آهي تہ ذاتي ناتن وغيرہ جي بنياد تي ان کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هڪ لحاظ کان جماعت ان جي اڳواڻن لاء پنھنجي اثررسوخ کي قائم ڪرڻ ۽ علائقي جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن وغيرہ سان پنھنجن ناتن کي قائم ڪرڻ جو ڪم بہ ڏيندي هئي. خاص طور تي چونڊن وغيرہ جي موقعي تي گهڻا اميدوار وغيرہ حمايت حاصل ڪرڻ لاء هتي ايندا هئا. پر جماعت جي ميمبرن تي ڪنھن اميدوار يا جماعت جي حمايت يا مخالفت لاء ڪو زور بار نہ هوندو هو. جيتوڻيڪ ڪي ايم سي پاران لياري ۾ سٺ جي ڏهاڪي ۾ ليز جو عمل شروع ڪيو ويو. جماعت جي عھديدارن پاران جماعت خاني جي پلاٽ کي ليز ڪرائڻ جو ڪم بہ شروع ڪيو ويو پر اهو مڪمل نہ ٿي سگهيو ۽ پوء بہ ان جي پوئواري نہ ڪئي ويئي. اهڙي ريت جيستائين بزرگ موجود هئا، تيستائين تہ معاملوٺيڪ هلندو آيو. انھن جي اکين پورڻ کانپوء خاص طور جماعت خاني جي جاء جي ملڪيت جي حوالي سان تنازعو شروع ٿي ويو. اها جاء حاجي گل حسن جي ماء امان ساران جي نالي هئي ۽ جيئن تہ ان جو ٽائٽل جماعت جي نالي تبديل نہ ٿيو هو ان ڪري ان جي خاندان ان تي پنھنجي حق ملڪيت جو دعوو ڪرڻ شروع ڪيو. ٻي ڳالھہ تہ جماعت جي گهڻن ميمبرن جي جماعت جي ڪمن ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نہ رهي هئي ۽ گهڻا اهو علائقو چڏي شھر جي ٻين علائقن ڏانھن منتقل ٿي ويا هئا. جماعت جي فعال نہ هئڻ ڪري جاء جي اصل مالڪن اتي فليٽس وغيرہ ٺھرائي پڳڙي وغيرہ تي ڏيئي ڇڏيا ۽ جماعت جي ڪمن لاء هڪ گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور تي ڪجهہ جاء مخصوص ڪري ڇڏي. پر اهو بہ گهڻو عرصو نہ هليو ۽ انھن سڄي جاء وڪڻي ڇڏي.
ان جي ڪري هڪ تنازعو پيدا ٿيو ۽ جماعت جي ڪجهہ نوجوان ميمبرن جماعت کي وري نئين سر فعال ڪرڻ ۽ جماعت خاني جي جاء کي جماعت جي نالي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. اڻپورين قانوني دستاويزن جي ڪري انھن ماڻھن جو ٽائٽل ثابت نہ ٿيو. نتيجي ۾ اها سڄي جاء اصلوڪن مالڪن وڪڻي ڇڏي ۽ هن وقت جماعت وٽ ان جو ڪو بہ حصو ناهي.
ان جماعت جي حيثيت اها وڃي رهي آهي تہ ان جي نالي ۾ ميوه شاه ۾ قبرستان جو پلاٽ آهي. ان دوران کارادر ۽ نوآباد جي علائقي ۾ خاص طورڪاٺياواڙي ميمڻن جون مختلف جماعتون قائم ٿيون ۽ اهي وقت سان گڏوگڏ ترقي ڪنديون ۽ اڳتي وڌنڌيون ۽ ترقي ڪندي ويون. سنڌين جي اها جماعت جنھن جو هڪ ماضي هو ماضي جو حصو بڻجي ويئي.
