آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪلادي

هڪ ٻيو دوست اسان کان وڇڙي ويو. ڪالھہ محمد بخش ڪلادي بہ گذاري ويو. هن سان رڳو اسٽيٽ بينڪ ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان تعلق نہ هو، پر هو سماجي ۽ سياسي لحاظ کان هڪ باشعور شخص پڻ هو. قرب ۽ پيار ونڍيندڙ ماڻھو هو. سکر ٽرانسفر ٿيڻ کان اڳ هو بغدادي ۾ اسان جي گهر جي ويجهو ئي هڪ فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو ۽ اهڙي ريت هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اتفاق اهڙو جو پوءِ وري ملاقات نہ ٿي سگهي. گذريل سال اپريل ۾ منھنجو سکر وڃڻ ٿيو هو ۽ مون فيض سومرو کان محمد بخش جي پڇا ڪئي هئي تہ هن ٻڌايو هو تہ هو بيمار آهي ۽ علاج واسطي ڪراچي ويل آهي. هڪ ڀيري هن مون کي ڪراچي مان ئي فون ڪيو ۽ چيو تہ مون کي گلشن حديد اچڻو آهي ۽ توهان سان ملاقات ڪندس. مون کيس چيو تہ پھچي فون ڪر تہ پوء ملاقات ڪيون ٿا. پر شايد هو اتي اچي نہ سگهيو. پوء فيس بڪ ذريعي خبر پوندي رهي تہ هو علاج خاطر ڪراچي ايندو رهيو هو پر ملاقات نہ ٿي سگهي. سندس ياد هميشہ گڏ رهندي.