منھنجو دوست: بدر قريشي
تاج بلوچ سان بدر جي واقفيت ان دور ۾ ٿي ۽ هو پنھنجي تاج بلوچ سان دوستي ۽ گڏيل شرارتن متعلق متعلق ٻڌائيندو هو. علائقي جون مختلف جايون جھڙوڪ معصومين اسپتال ۽ ڪڪري گرائونڊ وغيرہ کيس ياد هوندا هئا تہ اهي ڪيئن اسپتال جي ننڍي ڀت تي وڃي ويھندا هئا ۽ اتي ڪچھري ڪندا هئا.
سنگت ڪراچي جو هڪ پنھنجو ڌار ڪلچر هو. سڀ دوست سنڌ جي مختلف قوم پرست ۽ ترقي پسند سياسي گروهن سان لاڳاپيل هوندا هئا ۽ چونڊن وقت هر ڪنھن جي اها ڪوشش هوندي هئي تہ سندن گروه جي مٿڀرائپ رهي، پر اهو معاملو ايسيتائين رهندو هو ۽ چونڊن کانپوءِ اهي سڀ پاڻ ۾ دوست هوندا هئا، گڏجي سنگت جي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ ڪاروباري ڪاميٽي ۾ انھن سڀني جو گڏ هئڻ ان ڳالھہ جو ثبوت هو.
بدر جو پيءُ شايد سرڪاري آفيسر هو ۽ ساڳي وقت شاعري وغيرہ سان بہ شغف رکندو هو. بدر جي ان پاسي ڏانھن لاڙي رکڻ ۾ سندس پڻ هڪ ڪردار هو. هو نرسري تي مسواڙ جي گهر ۾ رهندو هو. گهڻي عرصي کان سنگت جي ورڪنگ ڪاميٽي جون گڏجاڻيون سندس گهر تي ٿينديون هيون. سنگت وٽ پنھنجي دستوري گڏجاڻين وغيرہ لاءِ تہ ڪا مستقل جاء نہ هئي، پر ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻين لاءِ بدر جو گهر ڄڻ هڪ مستقل جاء هئي. ان جو خاص ڪارڻ اهو هو تہ اها سو سيڪڙو پڪ هوندي هئي تہ بدر گهر تي ئي هوندو. اهو ان ڪري تہ ڪجهہ سال اڳ رات جو موٽرسائيڪل تي گهر ايندي نشي ۾ ڌت هڪ ڪار جي ڊرائيور کيس ٽڪر هنئي هئي، جنھن جي ڪري سندس ڪرنگهي جي ھڏي متاثر ٿي هئي ۽ هو پنھنجي کٽ تائين محدود ٿي هلڻ چلڻ کان ويھي رهيو هو. جواني ۾ اهو نہ رڳو سندس پنھنجي ذات پر پنھنجن مائٽن ۽ دوستن لاء بہ هڪ وڏو صدمو هو. ان صورتحال ۾ پنھنجي همت ۽ دوستن ۽ مائٽن جو ساٿ هڪ وڏو سھارو هوندو آهي. ستار پيرزدو ۽ قاضي منظر حيات سندس گهڻو ويجهو هوندا هئا ۽ سندس خيال رکندا هئا. هو ٻڌائيندو هو تہ ايڪسيڊنٽ کانپوءِ جڏهين سندس مڱ کيس ڏسڻ ايندي هئي تہ هو کيس چوندو هو تہ هو ڀلي ٻئي ڪٿي شادي ڪري پر هو انڪار ڪندي هئي.
سنگت ڪراچي جي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ جي ٻئي ڏينھن بدر جي گهر سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي. ان ۾ سيڪريٽري ف م لاشاري کانسواءِ هدايت منگي، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ ٻيا دوست شامل هئا. سنگت ڪراچي ۾ اهي سڀ دوست ڪافي عرصي کان گڏ ڪم ڪري رهيا هئا، جڏهين تہ منھنجو انھن مان گهڻن سان ذاتي دوستي وغيرہ جي لحاظ کان تعلق هو ۽ آئون ڪجهہ عرصي کان سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو هوس پر تنظيمي لحاظ کان آئون پھريون ڀيرو باقاعدي طور سنگت ڪراچي جي ان سٿ ۾ شامل ٿيو هوس.
سنگت سڄي سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان غير سرگرم هئي. ڪراچي سنگت جي سرگرمين ڄڻ سڄي سنڌ ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو هو. دستوري گڏجاڻين کانسواءِ سنگت مختلف شخصيتن سان سندن شخصيت ۽ فن جي حوالي سان ماهوار پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا هئا، انھن ۾ ٻين اديبن ۽ ليکڪن سان گڏ سنگت جا پنھنجا ڪارڪن پڻ شامل هوندا هئا. ان سلسلي ۾ خاص طورعبدالرحمان نقاش ۽ بدر قريشي جا مثال ڏيئي سگهجن ٿا. بدرکي پروگرام واري جاء تي آڻڻ لاء سنگت خاص اهتمام ڪيو هو ۽ کيس مان ڏنو هو.
ان عرصي ۾ ملڪي سطح تي ڪجهہ وڏا پروگرام جھڙوڪ 1986 ۾ ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۽ 1989 ۾ لاهور ۾ جمھوريت پسند مصنفين جي ڪانفرنس رٿيا ويا. سنڌي اديبن جي حوالي سان انھن پروگرامن جي ذميواري سنگت ڪراچي وٽ هئي تہ اها نہ رڳو انھن پروگرامن جي تياري ۽ ترتيب ۾ ٻين ادبي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري پر سنڌ جي ٻين اديبن وغيرہ کي بہ متحرڪ ڪري. ان کانسواء سنگت ڪراچي ان دور ۾ هڪ خبرنامو پڻ شائع ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان سڄي ڪارگذاري ۾ هونئن سڄي ڪاروباري ڪاميٽي سرگرم هوندي هئي، پر ان ۾ نوجوان ڪارڪنن جو وڏو ڪردار ھوندو هو. اها سڄي رٿابندي بدر جي گهر ئي ٿيندي هئي ۽ ان ۾ بدر جون ڪارائتون صلاحون شامل هونديون هيون.
بدر هڪ لحاظ کان ورڪنگ ڪاميٽي جي جونيئر ڪارڪنن جو ڀرجهلو هوندو هو. انھن کي خاص طور انور، فقير ۽ بدر کان اها شڪايت هوندي هئي تہ اهي گڏجاڻين ۾ وقت جي پابندي نہ ٿا ڪن، دير سان اچن ٿا ۽ پوءِ سنگت تي پنھنجا فيصلا مڙهين ٿا. پر ڪيرکين منھن تي اها ڳالھہ چئي نہ سگهندو هو ۽ انھن سڀني جي ترجماني بدر ڪندو هو جيڪو انھن سڀني سان بي تڪلف بہ هوندو هو ۽ کين ساڳي وقت ست سريون بہ ٻڌائيندو هو.
بدر ڪڏهين دوستن سان پنھنجي تڪليف، بيماري ۽ ٻي ڪنھن ڏکيائي جو ذڪر نہ ڪندو هو. هر وقت سندس منھن تي مرڪ هوندي هئي ۽ هو دوستن سان ڳالھہ ڳالھہ تي وڏا وڏا ٽھڪ پيو ڏيندو هو. جنوري 1990 ۾ کيس بيماري جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ ٿوري وقت کانپوء سندس وفات ٿي ويئي. کيس سوسائٽي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
بدر ڪجهہ اهڙن ماڻھن مان هو، جن کي جسماني طور گڏ نہ هوندي بہ ماڻھو پاڻ کان پري محسوس نہ ڪندو آهي. هو پنھنجي پيار، محبت ۽ هڪ شفيق دوست جي حيثيت ۾ هميشہ ياد رهندو آهي.
