ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو تناسب
هن دوست ڪجهہ ڏينھن کانپوء مون کي مضمون واپس ڪندي چيو تہ ادا اهو مئگزين ۾ نہ هلي سگهندو. ڪارڻ هن اهو ڄاڻايو تہ ڊاڪٽر ان کي پنھنجن مفادن جي خلاف سمجهن ٿا تہ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي مٿن ترجيح ڏني وڃي.
آئون اڄ بہ اها ڳالھہ سمجهان ٿو تہ رڳو طب نہ پر ٻين شعبن ۾ بہ گهٽ اهم سمجهيو ويندڙ پيشن کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ جي ضرورت آهي جنھن سان هڪ تہ روزگار جا مسئلا حل ٿيندا ۽ ٻيو ملڪ جي مختلف معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ اهل ماڻھن جي جيڪا کوٽ آهي اها پوري ٿي سگهندي.
