آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اشتھار بازي

اشتھار شين جي مشھوري ۽ انھن جي واقفيت ڏيڻ سان گڏوگڏ گهڻين آهڙين شين کي بہ ضروري ڪري پيش ڪندا آهن جن جي هونئن ماڻھو کي ضرورت نہ هوندي آهي. اهڙي ريت اهي ماڻھن جي ضرورتن کي وڌائيندا آهن ۽ پوء انھن شين تي رعايتن وغيرہ جا اعلان پڻ ڪندا آهن. ڪنزيومرازم يا واهپي جو ڪلچر سرمايہ دارانا معيشت جو هڪ اهم عنصر آهي جنھن کي معاشي ترقي لاء ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ان جا غريب ۽ پوئتي پيل طبقن تي ڪھڙا سماجي ۽ نفسياتي اثر پون ٿا انھن سان انھن جو ڪو واسطو ناهي. سندن واسطو رڳو پنھنجي غيرضروري وکر کي ضروري ۽ اهم پيش ڪري وڪڻڻ ۽ نفعو ڪمائڻ آهي.